عطائي ڊاڪٽرن، ٻه نمبر دوائون ۽ مسڪين عوام......

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏12 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    عطائي ڊاڪٽرن، ٻه نمبر دوائون ۽ مسڪين عوام...... ​

    [​IMG]
    گل سيوهاڻي
    عطائي ڊاڪٽر، ٻه نمبر دوائون ۽ مسڪين عوام هي ٽئي معاشري ۾ اهڙا فرد آهن جن ۾ ٻه ڪاسائي ته هڪ جانور آهي اوهان سمجهي ويا هوندوءَ ته ٻه ڪهڙا ڪاسائي ۽ هڪ ڪهڙو جانور آهي ڪاسائي ته اهي آهن جيڪي تکو ڪات هٿ ۾ کڻي جڏهن چيلهه تي سندرو ٻڌي جانور جي ڳچي تي لت رکي جڏهن ڪات کي استعمال ڪندا آهن ته کين کان جانور کي هلال ڪرڻ وقت وضو ڪرڻ سان گڏ گڏ مٿي تي ڪپڙو ۽ الله اڪبر چوڻ به ياد نه هوندو آهي ۽ جانور اهو آهي جنهن کي زبان تي هوندي آهي پر عقل نه هجڻ ڪري موهر مصيبت کان بي خبر رهي خاموش هوندو آهي جڏهن کيس دسي سسي تي ڪاتي رکي ڪهڻ جو ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته هو ان وقت دانهون ڪيهون ڪندي ڇڙيون هڻي پاڻ کي مرڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي هاڻي سمجهي ويا هوندو ته هن ٽنهي فردن ۾ ڪاسائي ڪير آهن ۽ جانور ڪير آهي هونئن ته سڄي سنڌ ‎۾ عطائي ڊاڪٽرن جهڙا ڪاسائي ۽ ميڊيڪل اسٽورن تي ٻه نمبر دوائون وڪر ڪندڙ ڪمپنيون لا تعداد ڪاسائي واري ڪار ڪندي سنڌ جي گگدام عوام کي قتل ڪري رهيا آهن جنهن جي نه حڪومتن کي ڪا ڳڻتي آهي نه سياسي سماجي ۽ باشعور ماڻهن کي ڪا پرواهه آهي ڇو جو سنڌ اندر هر هڪ اداري ۾ ڪرپشن جي چرچا ئي پوءَ چرڇا آهن. چاهي روز مرهه جي استعمال وارين شين جي اگهن ۾ هٿرادو واڌ ڪرڻ هجي يا بجلي ، گيس، ۽ پيٽرول جي ملهن ۾ واڌ ڪرڻ هجي هر دور ۾ حڪومت پنهنجن پنهنجن ماڻهن کي جيڪي سرمايادار ۽ صنعتڪار يا واپاري هجن ٿا انهن کي فائدو پهچائڻ سان گڏ گڏ پنهنجي ڪميشن حاصل ڪرڻ ۾ ڪائي ڪثر نه ڇڏيندا آهن پر ويچارو سنڌ جو گگدام عوام بي زبانو جانور بڻجي روز ڪنهن نه ڪنهن پاران ڇڏيل ڪاسائي جي ور چڙهي بي موت مرندو رهندو آهي هتي اڍائي سو سالن کان وڌيڪ عرصو اڳ سنڌ جي صوفي شاعر لاکيڻي لطيف چيو آهي ته ”تکي ڪاتي هٿ ۾ مون کي مڏي سان نه مار، هاڻي چيري چم نيهار ته مون ۾ رتي ناهي. رت جي“ لطيف چيو آهي ته جيڪڏهن توکي منهنجي کل لاهڻي آهي اي وقت جا ڪاسائي ته پوءَ تکي ۽ بجاءِ مڏي ڪاتي ڇو ٿو استعمال ڪرين جيڪا عذابن واري ۽ جان کي وڌيڪ عذاب پئي ڏئي، تنهنجون قربا پروين، رشوت خورين ۽ ظلمن ته منهنجي جان ۾ رت جو هڪ رتي يعني ڦڙو به ناهي ڇڏيو آهي پوءَ به توکي احساس نٿو ٿئي تون منهنجي کل مڏي ڪاتي سان پيو لاهين اي ڪاسائي.....! سنڌ اندر جتي وڏيري جي شڪل ۾ سياستدان ۽ واپاري جي روپ ۾ ڪاسائي ملن ٿا اتي سنڌ اندر عطائي ڊاڪٽرن جي روپ ۾ ۽ لوڪل دوائن جي ڪمپنين جي روپ ۾ ٻه ڪاسائي ملن ٿا جيڪي غريبن اٻوجهه ۽ عوام کي بي موت ماري زندگي مان جند آزاد ڪرائي رهيا آهن جنهن لاءَ نه سياستدان نه بيورو ڪريٽ نه ئي سرڪار ڪو تحريڪ پئي وٺي هونئن ته سڄي سنڌ اندر اهڙي ڪاسائي ڪار ٿيندي هوندي ، پر سنڌ جا ڪوهستاني، ريگستاني، ‎۽ ساحلي علائقا آهن جتي عطائي ڊاڪٽر ۽ ٻه نمبر دوائن وڪرو ٿيندڙ انسان دشمن سلسلو جاري ۽ ساري آهي آئون جڏهن ڪنهن سير سفر بهاني لاڙ جي ساحلي پٽي ڪي ٽي بندر، ٿر جي علائقي عمرڪوٽ گڊڙي ۽ ڪوهستان واري علائقي واهي پانڌي پهتس ته مون کي اتي ميڊيڪل اسٽورن تي ٻه نمبر دوائن جو وڪرو ۽ عطائي ڊاڪٽرن جا دڪان وڏي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ آيا جنهن ۾ سڀ کان وڏو تعداد مون کي ساحلي پٽي جي تعلقي گهوڙاٻاري جي يونين ڪائونسل ڳاڙهو جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ڏسڻ آيو. 1976 ع ‎۾ ڳاڙهو شهر ۾ ڪوبه ميڊيڪل اسٽور نه هيو نه ئي ڪا ڪلنيڪ هوندي هئي جنهن ۾ به ڪو ايم بي بي ايس ڊاڪٽر نه هوندو هيو ان وقت ۾ ڊسپينر مقرر ڪيا ويندا هيا، جنهن جي ڪري ڳاڙهو جي اٻوجهه ۽ گهٽ تعليم وارن ماڻهن جي اعلاج معالج لاءَ ماڪڙي ڊسپينري تي هڪ انسپيڪٽر مقرر ٿيل هوندو هيو هي واحد ڊسپينري هوندي هئي جتي چئن تعلقن گهوڙا ٻاري، ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ ۽ ميرپور ساڪرو تعلقي جا هزارين مريض روزانو سون جي تعداد ۾ هتي اچي پنهنجي درد جي دوا درمل ڪرائيندا هيا، حالانڪ هن جهلي تعلقن جي ميڊ ڪوارٽرن ۾ ٻيون به ڊسپينري موجود هيلٿ انسپيڪٽر جيڪو ڄاڻون به هيون سيد ذات جي ڪري شفا ڏيندڙ به هيو جنهن جي ڪري مريض جو گهڻو تعداد ماڪڙي ڊسپينري ڳاڙهو ڏي ايندو هيو به مريض لاءِ دوائن جو اسٽور موجود نه هيو،
    سيڌي جي دڪانن تي بنا ڪنهن صفائي اهي دوائون رکيل هونديون هيون جتان هتان جا مريض دوائون خريد ڪندا هيا 1978 ع ڌاري ڳاڙهو شهر ۾ صرف ٽن پارٽرن هڪ ميڊيڪل اسٽور کوليو جيڪو باقاعده ميڊيڪل اسٽور هوندو هيو جتي نيشنل ڪمپنين جون دوائون رکيل هيون، جنهن کان پوءِ هتان جي هزارين مريضن وڏيون ۽ ڳريون نه ملندڙ دوائون ٻين شهرن مان خريد ڪرڻ ڇڏي ڏنيون ۽ اهي دوائون ڳاڙهي جي ان اڪيلي ميڊيڪل اسٽور تان خريد ڪرڻ شروع ڪيون اها ٻي ڳالهه هئي ته هتان جي اٻوجهه ۽ اڻپڙهيل مريضن کي اهي دوائون ٻيڻي ملهه تي ڏنيون وينديون هيون جڏهن کين خبر پوندي هئي ته10 روپين واري دوا کين اسٽور واري 20 روپين ۾ ڏني آهي تنهن تي بنا احتجاج ۽ ڊپ جي عالم ۾ جڏهن مريض ميڊيڪل اسٽور مئنيجر کان پڇائون ڪندا هيا تڏهن ميڊيڪل اسٽور مئنيجر کين اهيو چئي لاجواب ڪري ڇڏيندو هيو ته بابا اوهان پري جي پنڌ ۽ ڳري ڀاڙي کان بچائي جيڪڏهن 50 روپيه جي جاءَ تي صرف 10 روپيه مٿي ورتا آهن ته ڪهڙو حرج ٿيو اهڙن مٺڙن جملن کي ٻڌي ويچارا اٻوجهه ۽ نا سمجهه لاڙ جا ماڻهون خاموش ٿي ويندا هيا اهڙي طرح وقت جي تيز ترقي سان گڏ ڳاڙهو شهر به ترقي ڪئي، جيتري آبادي وڌنڌي وئي ايترا ميڊيڪل اسٽور ۽ عطائي ڊاڪٽرن جا دڪان به لڳندا ويا هتي عطائي ڊاڪٽر بڻجڻ ڪا وڏي ڳالهه نه هوندو آهي. اوهان ڪنهن به ڪواليفائيڊ ڊاڪٽر وٽ نوڪر ٿيو اوهان سال کان پوءَ ڊاڪٽر بڻجي ويندي جهڙي طرح شروعاتي وقت ۾ ماڪڙي ڊسپينري اندر جيڪي به خانگي نوڪر ۽ ضلعي حڪومت جا ڊريسر، پيٽوالا ، مالهي ، چوڪيدار سال کان پوءَ ڊاڪٽر بڻجي پنهنجا گهر ٺاهيا جيڪي اڄ به پنهنجي نالي جي اڳيان لفظ ڊاڪٽرسڏرائن ٿا هتي مون کي هڪ شادي جو قصو ٿو ياد اچي ته ڳاڙهي جي ماڪڙي ڊسپينري ۾ ڪم ڪندڙ هڪ پٽيوالا جڏهن شادي جي تقريب اسٽيج تي ويٺل شادي مالڪ هڪ گهور لکڻ لاءَ ماڻهون پهتو، جتي هن جي هٿ ۾ لائوڊ اسپيڪر جي مائڪ هئي جڏهن به ڪو دعوتي ڀت جي گهور تقئي ويندو هيو ته ان جي سامهون سان اهو شخص مائيڪ وسيلي گهور ڏيندڙ ماڻهون جو نالو ۽ گهور جو انگ اعلان ڪندو هيو جڏهن ڳاڙهو ماڪڙي جي پٽيوالي جو وارو آيو ته هن جو نالو بنا ڊاڪٽر جي خطاب سان اعلان ڪيو ويو ته ان پٽيوالي احتجاج ڪري ڏنل گهور جا ڏوڪڙ واپس ڪرڻ جو چيو جنهن تي اعلان ڪندڙ ان کان معافي وٺي ٻيهر ان جو نالو ڊاڪٽر جي لقب سان ٿيند جنهن کان پوءِ ان جي جان ڇٽي. هاڻي اوهان اندازو لڳايو ته لفظ ڊاڪٽر جيڪو ڊگري حاصل ڪرڻ لاءَ پوءِ يعني 7 سال ڊاڪٽري پڙهڻ کان پوءَ حاصل ڪري ٿو پر جيڪو هڪ سال ڪنهن ڪلينڪ ۽ اسپتال جي ٻهاري ڏئي ٿانو ۽ صاف ڪري صرف انجيڪشن هئڻ پٽي ڪرڻ مريض کي دوا پيارڻ سکي ٿو جيڪڏهن اهو به ڊاڪٽر سڏائي سو به هن ترقي يافته دور ۾، جتي گلي گلي محلي محلي ۾ پوسٽ گريجو ئيٽ ۽ ڊاڪٽر لاءِ ٻڏڻ جو مقام آهي پر ان جو سبب آهي هڪ ته اهوگريجوئيٽ مقامي ناهي ڇو جو مقامي نه هجڻ ڪري هو تحريڪ وٺڻ کي پاڻ لاءِ نقصان سمجهي ٿو ٻيو وڏو مسئلو آهي ان لاءِ مقامي وڏيرو بااثر ماڻهون ، سياستدان ۽ بيورو ڪريٽ جنهن کان ڊڄي تحريڪ نٿو وٺي ڇو جو ان جي ڀيٽ ۾ جيڪو عطائي ڊاڪٽر آهي اهو مقامي آهي ان جا شوشل تعلقات اتي هر ماڻهون سان ويجها ۽ وڌيڪ هجن ٿا جنهن جي ڪري ان عطائي ڊاۡڪٽر کي ان ڳالهه جو رليف حاصل آهي ڳالهه اتي ختم نٿي ٿئي، عطائي ڊاڪٽرن جي آڙ ۾ هاڻي ته ڪواليفائينڊ ڊاڪٽر به ان عطائي جهڙو عمل ڪري رهيا آهن اهو عمل ٿورو مختلف آهي منهن دانگي مان ڪارو ڪريو يا ديگڙي مان ڪارو ڪريو ڳالهه ساڳي آهي عطائي ڊاڪٽر به ٻه نمبر دوا سنڌي ۾ لکن ٿا ۽ ڪواليفائيڊ ڊاڪٽر انگريزي ۾ لکن ٿا، سبب اهيو ئي فرق آهي آخر ٻه نمبر لوڪل ڪمپنين جون دائون وڪرو ڇو ٿيون ٿين ۽ اهي ميڊيڪل اسٽور تي ڇو ٿيون رکيون وڃن جيڪي مريضن کي جلدي موت جي ويجهو ٿيون ڪن. هڪڙي پاسي ان کي مرض مان نجات نٿي ملي ته ٻئي پاسي هن جي ڏوڪڙن جو ضيان پيو ٿئي، آخر ان مريض ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جنهن کي هڪ نمبر دوا جي جاءَ تي ٻه نمبر دوائون ساڳين ڏوڪڙن ۾ڳاٽي ۾ هنيون ٿيون وڃن. حقيقت اها آهي ته ان لوڪل ڪمپنين کان سرڪار خد نمبر ڪميشن وٺي ٻه نمبر دوائون وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿي جنهن کان پوءِ اهي لوڪل ڪمپينن جا سيلز آفيسر ۽ مئينجر عطائي ڊاۡڪٽرن ۽ ڪوالفيائينڊ ڊاڪٽرن کي 40 کان 60 سيڪڙو جي حساب سان ڪميشن باسي، ميڊيڪل اسٽور مالڪن کي تحفا ۽ ڏوڪڙ ڏئي اهي لوڪل ڪمپنيون دوائون وڪرو ڪن ٿيون جنهن ۾ گگدام عوام جي ڀنگ پئي ٿئي پر عطائي ۽ ڪواليفائينڊ ڊاڪٽر ڪارن ۽ بنگلن جا مالڪ بڻيا پيا وڃن، ڳالهه اڃان به اتي ختم نٿي ٿئي جيڪي عطائي ڊاڪٽر ۽ ڪواليفائيڊ ڊاڪٽر مريضن کي ڳري ملهه واريون انجيڪشنون لکي ٿا ڏين اهي ڇو نٿا لڳائن اهي پاڻ وٽ رکي ان جي جاءَ تي مريضن کي پاڻي واري انجيڪشن ڇو ٿا لڳائين ساڳي انجيڪشن جيڪا ڳري ملهه واري هجي ٿي اها واپس ميڊيڪل اسٽور واري کي ڇو ٿا وڪرو ڪن، يا ميڊيڪل اسٽور وارو وڪرو ڪيل مريضن کي انجيڪشن ڊاڪٽر کان واپس ڪميشن عيوض ڇو ٿا خريد ڪن ، ڪي اهڙا سوال آهن جن جا جواب هڪ سرڪار کي ڏيڻان آهن ٻيا جواب مقامي بااثر ۽ سياستدان کي ڏيڻان آهن ٽيان جواب ان سماج سڌار اڳواڻ کي ڏيڻان آهن جنهن عوام جي ڀلائي جو ٺيڪو کنيو آهي۽ پنهنجي ئي گلدام عوام جي موت جو سوداگر بڻيو آهي ڏسون ته ڪهڙو ٿا جواب ڏين هن گلدام عوام جا ٺيڪدار جيڪي پرڻا به کائن ٿا ته مرڻا به کائن ٿا پر افسوس هنن وٽ ڪوبه جواب نه هوندو


    بشڪريه عبرت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو