• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪروڙ شاعر

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
ياسين ڪنڀر

ڪروڙ شاعر لکن ٿا نعت خوان ڳائن
لکين مقرر به وعظ ڪن ٿا ٿا تنهنجو شيرين پيار ڳائن
ڪتاب ڪيئي ڇپيا ٿا ڇپجن ۽ ڇپبا رهبا حضور تنهنجا
هزارين ليکک لکن ٿا لکڻيون ٿا ڳن هزارين مهان ڳائن
صحابه ڳايو ولي ٿا ڳائن هزاريب بزرگ ۽ تبعي ڳائن
پڙهيو آ جن جن به تو تي ڪلمو مٺا ٿا سڀ مسلمان ڳائن
لکيل آ عرش عظيم تي ڀي حضور تنهنجو اسم محمد
ثنا ۽ ساراه ون ۽ گل ست زمينون ست آسمان ڳائن
مان تنهنجو “ ياسين” امتي ۽ غلام گولو ننڍي کان نوڪر
رفيق سيد نثار بزمي سميع پارا جوان ڳائن
(نوٽ): شاعر ياسين ڪنڀر طرفان پنهنجي استاد سيد رفيق امروٽي ان جي استاد مرحوم نثار بزمي ۽ پنهنجي هم عصر عبد السميع گهانگهرو ڏانهن اشارو۔

ماهوار الفاروق ڪراچي خصوصي نمبر (سنڌ ۾ قرآن مجيد جي خدمت) فيبروري 2010
سلسلو نمبر 181
نمبر 3
سال تيرهون
 
Back
Top