ميڊيا جي هڪ گروپ کي ڪيئن خبر پئي ته ڌماڪي ۾ هزار ڪلو بارود استعمال ٿيو: ذوالفقار مرزا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏13 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ميڊيا جي هڪ گروپ کي ڪيئن خبر پئي ته ڌماڪي ۾ هزار ڪلو بارود استعمال
    ٿيو: ذوالفقار مرزا​

    [​IMG]
    ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جمعي ڏينهن متفقه طور تي ڪراچي ۾ سي آءِ ڊي سينٽر، سول لائين تي دهشتگردي جي واقعي جي خلاف قرارداد منظور ڪري ورتي. اها تحريڪ اپوزيشن ليڊر ڄام مدد علي، متحده قومي موومينٽ جي فيصل سبزواري، اپوزيشن ميمبر عارف مصطفيٰ جتوئي ۽ شهريار مهر طرفان پيش ڪئي وئي. جنهن ۾ چيو ويو ته ”سنڌ اسيمبلي ڪراچي ۾ سي آءِ ڊي پوليس هيڊ ڪوارٽر تي وحشياڻه حملي جي ڀرپور مذمت ڪري ٿي. ملڪ دشمنن اهو حملو قومي خودمختياري تي ڪيو آهي. وقت اچي ويو آهي ته پوري قوم دهشتگردي، ملڪ جي بقا ۽ اتحاد لاءِ متحد ٿي وڃي. هي دهشت گردي ملڪ جي بقا ۽ اتحاد لاءِ خطرو آهي. سنڌ اسيمبلي پوري قوم سان گڏ ايف سي ۽ پوليس جي اهلڪارن جي مغفرت لاءِ دعاڳو آهي، جيڪي بهادري سان دهشتگردي جو مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويا ۽ انهن اهلڪارن جي قرباني قوم هميشه فخر سان ياد رکندي“. قرارداد تي بحث ۾ حصو وٺندي سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جذباتي انداز ۾ خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي تاريخ تي جيڪڏهن نظر وجهبي ته اها هڪ آمر ضيا الحق جي دور حڪومت ۾ هيروئن ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر کان شروع ٿي آهي ۽ هن پرامن ماڻهن کي دهشتگردي طرف راغب ڪيو. هن چيو ته 1979ع ۾ ان کان وڏو حادثو ان وقت ڪيو ويو، جڏهن هڪ جوڊيشل قتل هڪ شخص جو ڪيو ويو، جيڪو هن ملڪ جي لکين ۽ ڪروڙين ماڻهن جو قائد يعني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو هو ۽ اهو تسلسل ان دهشتگردن جو اڄ مختلف روپ ۾ اچي رهيو آهي. هن چيو ته هن قوم ۽ عوام جو درد اسان کان وڌيڪ ڪير سمجهي سگهي ٿو ته جن جي قائد سان گڏوگڏ هن ملڪ جي هڪ عظيم ليڊر، ڀيڻ، اسان جي ماءُ ۽ هن سنڌ ڌرتي جي راڻي محترمه شهيد بينظير ڀٽو کي اهڙي دهشتگردي ۾ شهيد ڪيو ويو، جيڪا دهشتگردي اڄ ٿي رهي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي، ان جا سمورا اڳواڻ ۽ هڪ هڪ ڪارڪن اسان سڀ هن کي پنهنجو مذهبي ۽ قومي فرض سمجهون ٿا ته ان نيت جي ناتي ۽ هڪ غيرتمند ڀاءُ ۽ پٽ جي حيثيت سان چاهيندي، سمجهندي ان جو مقابلو ڪري رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين. هن پنهنجي جذباتي خطاب ۾ ميڊيا خاص طور تي هڪ گروپ کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته هو دهشت گردن جي ارادن جي تڪميل لاءِ عوام کي غلط انگ اکر ڏئي دهشت ڦهلائي انهن جي مدد ڪري رهيا آهن. هن چيو ته امن امان جي صورتحال خراب ڪندڙ انهن ادارن جون خبرون روڪرائڻ لاءِ عدالتن ۾ وڃڻو پوندو. هن چيو ته هن سانحي ۾ پوليس ۽ ايف سي جا جوان پنهنجي جانين سان کيڏي دهشت گردن جو مقابلو ڪيو پر ميڊيا انهن شهادتن ۽ زخمين ۽ ڌماڪي جي حوالي سان غلط خبرون ڏئي دهشتگرد ڦهلائي پر اصل حقيقت ان جي ابتڙ آهي. هن سانحي ۾ 6 ايف سي ۽ چئن پوليس جي اهلڪارن سميت 14 ڄڻا شهيد ٿيا، جڏهن ته 105 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. جن مان صرف ڇهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ 20 کان 30 زخمي علاج هيٺ آهن. باقي کي معمولي زخم هئا. هن چيو ته ايف آءِ اي، سي آءِ اي، ايس آءِ يو ۽ ايم آءِ سميت ٻين ادارن ۽ پوليس کي ڌماڪيدار مادي جي حوالي سان اڃا ڪا ڄاڻ ناهي. پر اخباري گروپ کي خبر پئجي وئي ته هن ۾ 1000 ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو هو ۽ ان ۾ استعمال ٿيل گاڏي جو نمبر ۽ چيسز نمبر فلاڻو هو. هن چيو ته الله واسطي سنڌ ۽ ڪراچي وارن کي جيئڻ ڏنو وڃي.جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جمع ڏينهن سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي بينوولينٽ فنڊ جو (ترميمي)بل 2010 اتفاق راءَ سان منظور ڪري ورتو.وزير قانون اياز سومرو بل پيش ڪندي چيو ته ترميمي بل تحت سرڪاري مرد ۽ عورت ملازمن جي 21 سالن جي عمر جي ٻارن ،نياڻين ۽ گود ورتل ٻارن ۽ ٻارڙين نڪن ٻارن ۽ ننڍي ڄمار جي ڀينرن ۽ ڀائرن طلاق يافتا عورتن ۽ بيواه عورتن کي به هاڻي سنڌ سرڪار بينوولينٽ فنڊ مان فائدو ڏيندي.
    قوم دهشت گردن کان نفرت ڪري ٿي: شازيه مري
    ڪراچي ؛ سنڌ جي سياحت واري وزير شازيه مري ڪراچي ۾ سي آءِ ڊي آفيس تي ٿيل بم حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي بي گناهه انسانن جي مارجڻ تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.هن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته دهشتگرد عنصر اسلام ۽ پاڪستان جا وڏا دشمن آهن جيڪي بم ڌماڪن ذريعي قوم کي ڊيڄارڻ ۽ ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ گهرن ٿا پر اهي سمجهي ڇڏين ته هن ملڪ جو عوام دهشتگردن سان سخت نفرت ڪري ٿو. هن چيو ته سڄي قوم دهشت گردن ۽ سماج دشمنن خلاف متحد ۽ منظم آهي ۽ موجوده حڪومت قومي ٻڌيءَ جي طاقت سان تيستائين دهشت گرديءَ خلاف پنهنجي جنگ جاري رکندي جيستائين هڪ به دهشت گرد جيئرو هوندو.
    بشڪريه عوامي آواز

    دهشتگردن جو پيغام واضح آهي​

    وزيراعليٰ هائوس جي بلڪل سامهون ريڊ زون ۾ واقع پي آءِ ڊي سي پويان سي آءِ ڊي پوليس آفيس تي گذريل شام ٿيل بم ڌماڪو دهشتگردن جو واضح پيغام آهي ته جيڪڏهن گرفتار انتهاپسند دهشتگردن کي نه ڇڏيو ويو ته ان سطح جو ڌماڪو به هو (دهشتگرد) ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا. بندش پيل تنظيم جي 6 ڪارڪنن/ دهشتگردن کي اتان ڪڍڻ لاءِ خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات ٿيل اهو بم ڌماڪو ٻڌائي ٿو ته دهشتگرد اڃا ڪمزور نه ٿيا آهن. 8 لڳي 20 منٽن تي هڪ ڪار ۾ سوار 5 کان 6 دهشتگردن اتي بيٺل پوليس اهلڪارن مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڇڏي، جيڪا 15 کان 20 منٽن جاري رهي ۽ ان وچ ۾ دهشتگردن جي هڪ ٻي ٽولي بارود سان ڀريل ٽرڪ عمارت سان ٽڪرائي ڇڏي. اهو ڌماڪو ايترو ته زوردار هو جو سي آءِ ڊي آفيس واري عمارت ويهجي وئي ۽ ڀر وارين ڪيترين ئي عمارتن کي شديد نقصان پهتو. ان ٽرئجڊي ۾ 25- معصوم شهري ۽ پوليس اهلڪار مارجي ويا ۽ 150 زخمي ٿي پيا. زخمي ٿيلن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو پڻ وڏو تعداد شامل آهي. ٽي ماڙ عمارت جي ملبي هيٺان ڪيترن جي دٻجي وڃڻ جو پڻ خدشو آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب دهشتگردن اهو حملو ڄاڻايل عمارت ۾ گرفتار سندن ساٿين کي ڪڍڻ لاءِ ڪيو ويو. بهرحال دهشتگرديءَ جي ان واقعي جي ذميواري تحريڪ طالبان پاڪستان قبولي ورتي آهي.
    نه رڳو اهو پر ايوان صدر ۽ بلاول هائوس کي پڻ ڌماڪي ذريعي اڏائڻ جون رپورٽون حڪومت کي مليون آهن. واقعي کان ڪجهه وقت پوءِ پابندي پيل انتهاپسند هٿياربند تنظيم تحريڪ طالبان جي ترجمان ان واقعي جي ذميواري قبولي ۽ ايوان صدر ۽ بلاول هائوس کي پڻ نشانو بنائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. جيتوڻيڪ آءِ جي سنڌ پوليس اهڙي ڪنهن اطلاع جي ترديد ڪئي آهي ته ڪو گرفتار ڪيل دهشتگرد سي آءِ ڊي عمارت ۾ هئا. جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان ٽن شڪي ماڻهن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.
    سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه دهشتگرد حملي کي سيڪيورٽي لاپرواهي نه سڏيو آهي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پوليس اهلڪارن پڻ دهشتگردن تي جوابي حملو ڪيو. ان کان علاوه ٻي اهم ڳالهه اها به ڪئي آهي ته ڪراچي 2 ڪروڙ آباديءَ وارو شهر آهي ۽ اتي اها شناخت ڪرڻ ذري گهٽ مشڪل آهي ته ڪهڙو ماڻهو ڪهڙي انتهاپسند تنظيم سان واسطو رکي ٿو. پر ان excuse تي هلي نه ٿو سگهجي. دهشتگردن کي قابو ڪرڻ ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي آپريشن جي ضرورت آهي ۽ ڪنهن به لساني بغض ۽ سياسي مجبوريءَ کان مٿاهون ٿي دهشتگردن کي سوگهو ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    ان کان علاوه خميس ۽ جمعي جي رات جو ٿيل هن خوفناڪ دهشتگردي جي واقعي کان اڳ ڪراچيءَ ۾ طالبان ۽ بندش پيل انتهاپسند هٿياربند تنظيمن خلاف ڳجهو آپريشن هلندڙ هو. ان آپريشن جي نتيجي ۾ ڄاڻايل اهم دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا هئا جن جي باري ۾ ميڊيا ۾ اڻ تصديق ٿيل اطلاع هئا ته سي آءِ ڊي عمارت ۾ انهن کي رکيو ويو آهي.
    تحريڪ طالبان وڏي عرصي کان پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ڪري رهي آهي. ان جو سربراهه بيت الله محسود امريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي چڪو آهي. ان باوجود تحريڪ طالبان جي شدت ۾ گهٽتائي نه آئي آهي. تحريڪ طالبان اصل ۾ پاڪستاني ساخت رکندڙ انتهاپسند تنظيم آهي. هڪ وقت کان وٺي اسٽئبلشمينٽ، ميڊيا ۽ سياسي/ مذهبي جماعتن ۾ اهو به تاثر ڏنو پيو وڃي ته هڪڙا چڱا طالبان (Good Taliban) آهن ۽ ٻيا خراب طالبان (Bad Taliban) آهن. مطلب ته چڱن طالبانن (پاڪستاني طالبانن) سان ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ خراب طالبانن (افغاني ۽ پرڏيهي طالبانن) خلاف ڪارروائي جاري رکي وڃي. پنجابي طالبان جو هڪ وڏو عنصر پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث رهيو آهي. اهي مسلسل عام آبادين تي حملا ڪري معصوم عورتن، ٻارن، ٻڍن ۽ جوانن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن. ان ڪري اهڙو ڪوبه تاثر ڏيڻ ته هڪڙا چڱا طالبان آهن ۽ ٻيا خراب طالبان، خود دهشتگرد قوتن سان همدرديءَ جي برابر عمل آهي.
    دهشتگرد انتهاپسندن ڪجهه عرصي کان صوفي درگاهن کي پڻ نشانو بڻايو آهي. ڇو ته صوفي درگاهون اصل ۾ ماڻهن جي روحاني سيليبريشن جو مسڪن بڻيل آهن ۽ اهي انتهاپسند مذهبي ۽ سماجي قدرن خلاف هڪ مؤثر ذريعو آهن. پوري ننڍي کنڊ ۾ صوفي درگاهن، اوتارن ۽ هنڌن جو فڪر ماڻهن جي روح ۾ لٿل آهي. ان ڪري ئي عسڪريت پسند انتهاپسند قوتن انهن درگاهن کي نشانو بڻايو ته جيئن عام ماڻهن ۾ خوف پيدا ڪري سگهجي. پر عوام انهن حملن سبب خوف کائي انهن درگاهن تي وڃڻ ڇڏيندو اهو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
    ڪراچيءَ ۾ سي آءِ ڊي پوليس جي عمارت تي دهشتگردن جو حملو پڻ ان خوف جي ڦهلائڻ جو ذريعو آهي. پر موجوده چونڊيل حڪومت ۽ پوري قوم دهشتگردن کان نه مرعوب ٿيندي ۽ نه خوف کائي دهشتگرد قوتن آڏو جُهڪندي.
    بشڪريه روزانه عبرت

    ڪراچي وري نشاني تي​


    سارنگ منير سومرو
    روشنين جو شهر ڪراچي هاڻي تيزيءَ سان پنهنجي سڃاڻ مٽائيندو پيو وڃي، مسلسل رت جي راند ڪراچيءَ کي روشنين کان رت ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچيءَ جو عوام ڪڏهن هٿيارن جي ڏهڪاءَ ۾ ورتل آهي ته ڪڏهن ٽارگيٽ ڪلنگ سبب عوام لاشا وصول ڪري ٿو، ڪڏهن خوف هراس ڪراچيءَ جو مقدر بڻجي ٿو ته ڪڏهن خاموشيءَ جو راڪاس ڪراچيءَ جي گهٽين ۾ واڪا ڪندو وتي ٿو. ڪڏهن قبضا مافيا پاران لاش ڏنا وڃن ٿا ته ڪڏهن منشيات فروش مافيا پاران- ڪڏهن ذاتي دشمنيون ته ڪڏهن بم ڌماڪن سان ڪراچي کي لوڏيو وڃي ٿو.
    ڪالهه ڪراچيءَ ۾ ٻيهر بم ڌماڪن ڏهڪاءُ پکيڙيو هو، جن اڌ ڪراچيءَ کي لوڏي ڇڏيو آهي. ڌماڪن پوري علائقي کي ڌڌڙ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. سنڌ جو حساس ترين شهر ڪراچي آهي ۽ ان ڪراچيءَ جو حساس ترين علائقو وزيراعليٰ هائوس، جت سڀ کان وڏا هوٽل ۽ سڀ کان وڏا ادارا آهن، جتي سڀ کان وڌيڪ سيڪيورٽي سخت هوندي آهي، جنهن کي سڀ کان وڌ حساس علائقو سڏيو ويندو آهي. ان علائقي ۾ ڌماڪا ڪهڙي ڳالهه جو اشارو آهن؟
    ڪالهه ڪراچيءَ ۾ ٿيل انهيءَ ڌماڪي کان پوءِ هن وقت تائين 25 ماڻهن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، جڏهن ته 150 کان وڌيڪ زخمي آهن، جن مان ڪافي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آهن. ڪالهه ڪراچيءَ جي سي آءِ ڊي آفيس جي بلڊنگ ۾ ٿيل ڌماڪي کان پوءِ پوري ملڪ ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي. انهي ڌماڪي کان پوءِ سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته اهو ڌماڪو اسلام آباد جي ميرٽ هوٽل ۾ ٿيل ڌماڪن جهڙو شديد آهي. هن ڌماڪي بابت اهو به چيو وڃي ٿو ته ڌماڪي وارو مواد 1000 گرام وزني هو، جنهن سبب زمين ۾ 15 کان 20 فوٽ کڏا پئجي ويا. ڪراچيءَ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ڌماڪي بعد هڪ دفعو ٻيهر شهر توڙي شهري خوف ۽ هراس ۾ وٺجي ويا آهن ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهي.
    ڪراچي ماضيءَ ۾ ته روشنين وارو شهر هو پر حال ۾ تمام بي حال نظر اچي ٿو. روشنين کان خالي انهيءَ شهر ۾ هاڻي خون ۽ خوف هراس عوام جو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو آهي. ڪراچيءَ لاءِ مهيني ۾ ٻه هفتا اهڙا اچن ٿا جن ۾ عوام پاڻ کي گهرن تائين محدود ڪري ڇڏي ٿو ۽ گهر گهر گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ خوف هراس ڇانئجي وڃي ٿو. ڪراچيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ رت جي راند تڏهن ڏٺي وئي آهي، جڏهن ڪا به سياسي رنجش ڪَرَ موڙي اُٿي ٿي. ڪڏهن دهشتگردن جو ڪو مطالبو هوندو آهي ته ڪڏهن حڪمرانن کي ناڪام ڪرڻ جي ڪا ڳالهه. هن وقت ڪراچيءَ جي ڌرتي هر هڪ دهشتگرد جي استعمال لاءِ تمام آسان بڻجي وئي آهي. ڇو جو ڪراچيءَ مان حڪومتن اهڙن ماڻهن کي بي نقاب ڪرڻ کان ڪيٻايو آهي، جيڪي اهڙي رت جي راند ۾ رڌل هوندا آهن. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ رت جي راند ڪندڙن کي ذميواري ۽ فرض سان بي نقاب ڪيو وڃي ته ڪراچيءَ ۾ هڪ هفتي اندر ئي امن موٽي ايندو. هن وقت ڪراچيءَ جي زمين کي ڌماڪن لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. اهي ڌماڪا به تاريخ ۾ سڀ کان وڏا ثابت ٿيا آهن. ڌماڪو ڪندڙن اهو نياپو ڏنو آهي ته هو هاڻي ڪنهن به حساس هنڌ تي حملو ڪري سگهن ٿا.
    اسان جي ملڪ ۾ جڏهن به ڪنهن وڏي پلاننگ سان دهشتگردي ٿي آهي انهيءَ کي انهيءَ پلاننگ ۽ سنجيدگيءَ سان ڪونه ڏٺو ويو آهي ۽ انهيءَ جا پيرا مڪمل طور ڪونه کنيا ويا آهن. هميشه هر دهشتگرديءَ جا پيرا ڪجهه ڏينهن جي دعوائن کان پوءِ ڳولهيا نه ملندا آهن. رڳو هن سال ئي اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان وڏين حساس جڳهين تي بم حملا ٿيا آهن، پر ان باوجود به دهشتگردن خلاف جنگ رڳو فائلن ۾ وڙهي ويندي آهي. هن وقت ڪراچيءَ وارو ڌماڪو وڏي سنجيدگيءَ جو گهرجائو آهي. اها سنجيدگي رڳو بيانن يا ڪجهه ڏينهن لاءِ نه هجي اها سنجيدگي هن ڪيس جي آخري ڏينهن تائين هجي. هميشه ملڪ ۾ٿيندڙ دهشتگرديءَ کان پوءِ حڪومت جي اهلڪارن پاران 5 منٽن اندر اهو بيان سامهون ايندو آهي ته رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. جوابدار عوام جي سامهون آندا ويندا. پر هن حڪومت اهڙو ڪو عوام جو خواب پورو نه ٿيو آهي، جو حڪمران ڪابه انڪوائري عوام آڏو آڻين.
    ڪالهوڪي ڪراچيءَ ۾ ٿيل ڌماڪي کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته ڌماڪن جا جوابدار جاچ کان پوءِ عوام سامهون آندا ويندا، پر اتي عوام هڪ سوال پڇي ٿو ته هنن جي حڪومت ته ڪراچيءَ ۾ ٿيل هر دهشتگرديءَ جي 10 منٽ کان پوءِ اهو واعدو ڪندي آهي پر اڄ تائين اهو هڪ به واعدو پورو نه ٿيو آهي. هڪ طرف ڌماڪا ۽ خونريزي آهي ته ٻئي طرف ٻئي طرف غريب عوام جو رت روڊن تي نظر اچي رهيو آهي. انهن حادثن پويان سڀ کان وڌيڪ حڪمرانن جي سنجيدگي ضروري آهي پر شايد حڪمرانن وٽ عوام جي رت جو ڪو به احساس نه آهي.
    حيرت ان ڳالهه تي آهي ته ڌماڪي وارو هنڌ سڀ کان وڌيڪ حساس علائقو آهي. جيڪڏهن اتي ڪابه حرڪت ٿئي ته سيڪيورٽي فورس کي خبر پئجي ويندي آهي پر افسوس جو ٻه ڌماڪا ٿيا آهن، هٿياربندن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي آهي. پر هنن جو پتو نه پئجي سگهيو آهي ته هو ڪٿان آيا. ڪراچيءَ ۾ انهي علائقي ۾ رڳو 5 سالن اندر 14 ڌماڪا ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ 145 ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن. خاص ڪري انهيءَ ئي علائقي ۾ بم ڌماڪا ٿيندا رهيا آهن پر اسان کي حيرت انهي ڳالهه جي آهي ته جتي اسان جي ملڪ جو سخت سيڪيورٽيءَ وارو علائقو آهي بم ڌماڪا به اتي ئي ٿي رهيا آهن. ڪراچيءَ ۾ هن وقت 15 هزار پوليس اهلڪار ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن ته 12 هزار رينجرز جي فورس آهي، ان کان علاوه ڪراچيءَ ۾ 10 هزار کان مٿي سيڪيورٽي فورس جي ايجنسين جا اهلڪار ڪم ڪري رهيا آهن. ڪراچيءَ ۾ فورسز جو ايترو تعداد هوندي به امن امان جي اها صورتحال آهي جو جڏهن ڪراچيءَ مٿان ٽارگيٽ ڪلنگ مڙهي ويندي آهي ته انهن 30 هزار فورس مان هڪ به ڪو اهڙو نه ملندو آهي، جيڪو انهن ۾ هٿ وجهي جڏهن ته بم ڌماڪا به پنهنجي رستي سان سفر جاري رکيو پيا اچن. مون ڪجهه ڏينهن اڳ صوبائي وزير رفيق انجنيئر کان اهو سوال ڪيو هو ته ڪراچيءَ ۾ جڏهن 30 هزار کان مٿي فورس امن نه ڏئي سگهي ته پوءِ ايتري فورس مٿان هر مهيني ڪروڙين رپيا وڃائڻ جو ڪهڙو فائدو آهي؟
    ڪراچيءَ جي عوام کي حڪمرانن پاران بي حال ڇڏيو ويو آهي. ڪراچيءَ جي حال تي نه حڪمرانن جي هلي ٿي نه فورس جي. بس جڏهن به ڪراچيءَ ۾ دهشتگرد چاهين ته هو ڪراچيءَ کي نچائين ۽ جڏهن به هو چاهين ته وهنوار کي هلائين. باقي حڪمرانن جو رڳو ايترو تعلق آهي جو هو دعوائون ڪري سگهن، بيان مٿان بيان ڏئي سگهن. نوٽيسن مٿان نوٽيس وٺي سگهن. اهي نوٽيس جنهن جي پٺيان ڪابه ڪارروائي نٿي ٿئي رڳو ٽي ويءَ جي زينت بڻجي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ حڪمرانن کان عوام جو اهو سوال آهي ته آخر هن معصوم ماڻهن کي ڪڏهن امن موٽائي ڏنو ويندو؟ ۽ ڪڏهن هن شهر جون روشنيون وري واپس ورايون وينديون؟ اِن سوال جو جواب فقط حڪمران ئي ڏئي سگهن ٿا، جيڪڏهن هو چاهين ته دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائي پورهيتن ۽ مزدرون کي سُک سان جيئڻ جي جلا بخشي سگهن ٿا، جي اِئين ڪيو ويو ته وري شهر ۾ رونقون ۽ روشنيون موٽي اينديون.


     

هن صفحي کي مشهور ڪريو