آرميڊا (اسپيني جنگي ٻيڙو)

'مختلف موضوع' فورم ۾ ابو زين طرفان آندل موضوعَ ‏19 جون 2009۔

  1. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ


    [​IMG]

    http://www.youtube.com/watch?v=MPQw_v6tUxI

    http://www.youtube.com/watch?v=06weqy56XzM




    آرميڊا اسپين جي ان مشهور بحري ٻيڙي جو نالو آهي، جنهن 1588ع ۾ انگلستان تي بحري حملو ڪيو، پر زبردست شڪست کاڌائين. انهيءَ زماني ۾ انگلينڊ تي ايلزبيٿ پهرين جي حڪومت هئي. جڏهن ته اسپين جو بادشاهه فلپ ٻيون هو، جيڪو يورپ ۾ ڪيٿولڪ مذهب جو اڳواڻ به هو. ان جي دل ۾ گهڻي عرصي کان خواهش هئي، ته ڪنهن طرح سان انگلينڊ جي ملڪه ايلزبيٿ، جيڪا وري پروٽسٽنٽ مذهب جي پيرو هئي، کي شڪست ڏئي، تخت تان لاهي ڇڏي. ان ڪري هن جنگ لاءِ تياريون شروع ڪرايون. سندس حڪم تي ”آرميڊا“ نالي وڏو جنگي ٻيڙو به تيار ڪيو ويو. هن ٻيڙي ۾ 130 بحري جهاز شامل هئا. 19 هزار فوجي ۽ 18 هزار ملاح به شامل ڪيا ويا. ان کان سواءِ بحري جهازن ۾ طاقتور توپون به لڳايون ويون. آرميڊا ٻيڙي جي ڪمان ڊيوڪ ميڊينا سڊوينا جي حوالي ڪئي وئي.

    [​IMG]

    انگلينڊ وارن کي جڏهن اسپين جي جنگي ارادن جي خبر پئي، ته هنن به جنگ جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون. انگلينڊ جي بحري ٻيڙي ۾ 197 بحري جهاز ۽ اٽڪل 16 هزار فوجي شامل ڪيا ويا. انگريزي ٻيڙي ۾ ڳريون توپون نه لڳايون ويون. ان هوندي به بم گولا پري تائين اڇلائي سگهڻ جي منجهن سگهه هئي. حقيقت ۾ اها انگريزن جي جنگي چال هئي. هنن جو خيال هو، ته آرميڊا جي ڳرين ۽ طاقتور توپن کان پري رهي، پنهنجي دور مار توپن جي گولا باريءَ ذريعي اسپينين کي ڀڄائي ڇڏجي. انگريزي ٻيڙي جي ڪمان، چارلس هاورڊ Charles Howard جي حوالي هئي. آمريڊا 12 جولاءِ 1588ع تي روانو ٿيو. 20 جولاءِ کان انگريزي ٻيڙو به مقابلي لاءِ نروار ٿيو. اسپيني ۽ برطانوي بحري ٻيڙن وچ ۾ ٽن جاين تي خطرناڪ مقابلا ٿيا. 31 جولاءِ تي پلائي مائوٿ Ply Mohth وٽ، 2 آگسٽ تي پورٽ لينڊ Port Land وٽ ۽ 4 آگسٽ تي آئزل آف ويٽ (هڪ مشهور ٻيٽ، جيڪو انگلستان جي ڏاکڻي ڪناري تي واقع آهي، هي 1974ع کان هڪ ننڍڙي ملڪ جي حيثيت ۾ قائم آهي، جنهن جي آبادي 1990ع جي آدمشماريءَ مطابق آهي 161,600 لک آهي.) پهرين ٻن مقابلن ۾ انگلستان جي ٻيڙي کي نقصان پهتو، ۽ اهو پوئتي هٽي ويو هو. ماهرن جو خيال آهي ته اها به انگريزن جي هڪ جنگي چال هئي، ته جيئن اسپين جو ٻيڙو ڪاميابيءَ جي خوشيءَ ۾، اڃا به سندن ملڪ جي ويجھو اچي. بهرحال ٽين مقابلي ۾ برطانوي ٻيڙي، پنهنجي دور مار توپن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن کان پوءِ هنن جي ڪاميابي شروع ٿي. 6 آگسٽ تي آرميڊا، ڊوور کاريءَ Strait of Dover وٽ پهتو. 7 ۽ 8 آگسٽ جي وچ واري رات ۾، ڇهن انگريزي جهازن ڳرين توپن سان، آرميڊا تي زبردست حملو ڪيو. انهيءَ اوچتي حملي آرميڊا جي صفن کي ٽوڙي ڇڏيو. ان کان پوءِ 8 آگسٽ جي ڏينهن، فرانس جي ساحل وٽ، انگريزي ٻيڙي وري هڪ نئون حملو ڪيو، جنهن سان آرميڊا جي رهي سهي قوت به تباهه ٿي وئي. هنن جون توپون خاموش ٿي ويون. انگريزي ٻيڙي 12 آگسٽ تائين آرميڊا جو پيڇو ڪيو. نيٺ آرميڊا کي ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڌڪي ڇڏيو. وڏي ڳالهه ته هوا جو رخ به آرميڊا جي خلاف ٿي پيو هو.
    هن بحري جنگ ۾ آرميڊا جو تمام گهڻو نقصان ٿيو هو. هن جا 51 جهاز بلڪل تباهه ٿي ويا هئا. ٻين مان ڪيترن جا سڙه ڦاٽي پيا، يا ٻيو نقصان پهتن. ان کان سواءِ کاڌ خوراڪ ۽ پاڻيءَ جو ذخيرو به کٽي پين. هزارين سپاهي ۽ ملاح مري ويا. صرف 80 جهاز، چند هزار فوجي ۽ ملاح جان بچائي واپس اسپين پهتا. انهيءَ جنگ جي ناڪاميءَ کان پوءِ، اسپين وري ڪڏهن به انگلستان تي حملو نه ڪيو. جڏهن ته انگريزي ٻيڙي جو ڪو خاص نقصان ڪو نه ٿيو. هنن جا وڌ ۾ وڌ 3 هزار کن ماڻهو مئا. ان کان سواءِ جهازن کي به معمولي نقصان رسيو. ماهرن جو خيال آهي، ته آرميڊا جي شڪست، بحري فوج جي نون طريقن ۽ جنگي حربن ۾ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو. انگلستان به انهيءَ بحري جنگ کان پوءِ پنهنجي بحري طاقت ۾ گهڻو اضافو ڪيو. آرميڊا واري اها جنگ دنيا جي پهرين ۽ سڀ کان وڏي بحري جنگ هئي. انهيءَ بحري جنگ ۾ ڪاميابيءَ تي ملڪه ايزبيٿ خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي. هن هڪ سونو ٻلو جاري ڪيو، جنهن تي لکيل هو، ”خدا ڦوڪ ڏني ۽ هو ڇڙوڇڙ ٿي ويا“.

    اسپيني جنگي ٻيڙي ”آرميڊا“ جو جنگي سفر
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا ابو زين الله اوهان جي علم ۾ مزيد واڌارو عطا فرمائي،

    ڀائيڙا اوهان جي اهڙي معلوماتي شيئرنگ، وري مٿان انهي ٻيڙي جون تصويرون به پڻ، ان ٻيڙي ۾ سوار جوانن جو تعداد ۽ اصل اوهان ٿورائتا آهيون.....

    ادا اهڙين ناياب لکڻين جو انتظار رهندو..................
     
  3. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    پسند ڪرڻ جي مهرباني. دراصل هي مضمون مون گهڻو عرصو اڳ وڪي پيڊيا تي لکيو هيو. اڄ انهيءَ کي هن فورم تي شيئر ڪيم.
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين شيئرنگ آهي ادا ابو زين توهان جي علم ۾ الله اڃا واڌارو ڪري آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو