ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف ظفر الله جمالي جي الزامن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو آهي ته جمالي مون کي غلطين کان ڇا روڪي ها، هو منهنجي حڪم تي سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هو، هڪ انٽرويو ۾ پرويز مشرف چيو ته ظفر الله جمالي جون ڳالهيون مذاق آهن، ڪيترن ئي سالن بعد هن کي اهي ڳالهيون ياد آيون آهن، مون هن کي پئسن جي نوٽن تي منهنجي تصوير ڇپرائڻ لاءِ نه چيو هو، هن چيو ته ظفر الله جمالي نواز شريف يا ٻين جي چوڻ تي منهنجي خلاف ڳالهيون ڪري رهيو آهي، هن چيو ته منهنجي خلاف ڪو به ڪيس ناهي، جيڪي ڪيس جاچ جي مرحلي ۾ آهن، اهي نواز شريف جا ڪيل آهن، جيڪڏهن عدالت ۾ ڪيس داخل ٿيو ته ان کي منهن ڏيندس، هڪ سوال جي جواب ۾ اڳوڻي صدر چيو ته نواز شريف سان برابري ڪرڻ کي پنهنجي بيعزتي سمجهان ٿو، هن چيو ته نائن اليون بعد آمريڪا جو اتحادي ٿيڻ جو فيصلو بلڪل صحيح هو، اهو فيصلو نه ڪيان ها ته الاهي ڇا ٿي وڃي ها، اسان کي طالبانائيزيشن نه گهرجي، هن چيو ته افغانستان جي صورتحال اهڙي آهي جو هن وقت عالمي برادري جون سڀئي ڪوششون افغانستان مان واپسي لاءِ نه پر ملڪ جي استحڪام لاءِ هجن، هن چيو ته ڪشمير لاءِ هڪ اهڙي حڪمت عملي تي ڪم مڪمل ٿي چڪو هو، جنهن تحت لائين آف ڪنٽرول جي حيثيت بلڪل غير موثر ٿي وڃي ها ۽ ٻنهي پاسن کان ڪشميري عوام هڪ ٻئي سان ملي سگهي ها، ڪشميري قيادت کي ان تي اعتماد ۾ ورتو ويو هو، هن چيو ته افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي واپسي وارو باراڪ اوباما جو اعلان صحيح پاليسي ناهي، هن چيو ته باراڪ اوباما جيڪڏهن پاڪستان ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪري ها ته پاڪستان ۾ آمريڪا جي خراب تاثر کي بهتر ڪرڻ ۾ گهڻي مدد ملي ها
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان