نثارابڙو
نائب منتظم
دوستو، پيچش جنهنکي انگريزيءَ ۾ Diarrhoea پڻ چئجي ٿو ۔۔۔ هن بيماريءَ سبب ماڻهون پيٽان ويهڻ شروع ڪندو آهي ۽ ڏسندي ڏسندي ڪمزور ۽ نحيف ٿي پوندو آهي ۔۔۔ جسم جو پاڻي ختم ٿيڻ لڳندو آهي ۽ پيٽ جون سڀ شيون ٻاهر نڪري وينديون آهن ۽ ڪمزوريءَ سبب ماڻهون پريشان ٿي پوندو آهي ۔۔۔ هيٺ ڏنل نسخو سنڌ سميت ڪيترن ملڪن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ فائديمند آهي ۔۔۔
نسخو؛
چانورن جو پاڻي
ڪچن چانورن جي مٺ ڀري ٽن يا چئن گلاس پاڻيءَ ۾ اٻارجي، چڱيءَ طرح اٻارڻ کانپوءِ پاڻي ٿڌو ڪجي ۽ مريض کي پيئارڻ شروع ڪجي ۔۔۔ جيئن جيئن پاڻي آنڊن ۾ پهچندو ته پيچش ۾ فرق پوڻ شروع ٿيندو ۽ مريض فرحت محسوس ڪندو ۔۔۔ پاڻيءَ کي جلد ٿڌو ڪرڻو هجي ته پاڻيءَ واري ديڳڙيءَ کي ٿڌي پاڻيءَ ۾ رکجي يا وري جي اڃان به تڪڙ هجي ته برف جو ڳنڍو به وجهي سگهجي ٿو ۔۔۔
چانورن جو پاڻي مريض کي گهڻي کان گهڻو پيئارجي ته جيئن نڙيءَ کان وٺي هيٺ آنڊي تائين انجو اثر ٿئي
****
ڪيئن دوستو آهي نه سستو ۽ عام گهريلو نسخو ۔۔۔ جي ڪنهن مريض کي ان ۾ شفا ٿئي ته سنڌ سلامت جي دوستن لئه دعا گهري ڇڏجو ۔۔۔
باقي شفا ته رب جي هٿ آهي ۔۔۔ تڏهن ڦڪيون فرق ڪن جڏهن حڪم ٿي انجو ۔۔۔

تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا،
جانب منهنجـــي جيءَ ۾، آزار جا انــــواع،
صاحب! ڏج شفـــــا، ميـــــان! مريضن کي۔