• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تبديلي ڪيئن ايندي؟

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
تبديلي اچڻ گهرجي. ان تي هر سڄاڻ ماڻهو متفق آهي، پر تبديلي ڪيئن ايندي، ان تي مختلف رايا آهن. سنڌ جو هر گهڻ گهرو ۽ ڏاهو پنهنجي پنهنجي سمجهه، ڏاهپ ۽ تجربي جي بنياد تي نيڪ نيتي سان ان سلسلي ۾ پنهنجي راءِ پيش ڪندو رهي ٿو. ڪي ماڻهو ته ان حوالي سان مايوسيءَ جو اظهار به ڪندا رهن ٿا. اها حقيقت به هرڪوئي ڄاڻي ٿو ته سنڌ جي هر طبقي جي ماڻهن مان ڌرتي لاءِ درد رکندڙ ڪيترن ئي ماڻهن سجاڳي آڻڻ ۽ قومي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي ۽ قربانيون ڏنيون آهن. چاليهن جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي هڪ مجاهد هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تي ملڪ جي طاقتور جاگيردار طبقي جي خلاف جدوجهد ڪئي. هن پليٽ فارم تان ملڪ جي غريب، پوئتي پيل ۽ زيادتين جي شڪار هارين جي معاشي ترقي ۽ منجهن حقن حاصل ڪرڻ لاءِ سجاڳي آڻڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. قومپرست پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پڻ وسان ڪين گهٽايو آهي. هنن پارٽين جي ڪارڪنن قيد جون سختيون سٺيون، ڦٽڪا به کاڌا ته جان جا نذرانا به پيش ڪيا.
ڪميونسٽ ۽ ترقي پسند پارٽين پڻ سامراج جي ڇاڙتن جي ڏاڍ ۽ پابندين باوجود نظام بدلائڻ لاءِ همت سان ڪوششون ڪيون. ٻئي طرف قلم جي ڌڻين پڻ دانش ڀريل لکڻين ذريعي پنهنجو قومي فرض نڀايو آهي. ڪڏهن شوخ ته ڪڏهن طنز ڀريل لکڻين ذريعي قوم کي سجاڳ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون. هو سماج جي خامين جي نشاندهي به ڪندا رهن ٿا ته وڌيڪ غفلت جي صورت ۾ کين درپيش خطرن ۽ انجام کان به آگاهه ڪندا رهن ٿا. شاعرن پڻ پنهنجي انقلابي شعرن ذريعي ماڻهن کي جاڳائڻ جا جتن ڪيا آهن.
اهڙين ڪوششن ۽ جدوجهد کي به عوامي سطح تي ايتري موٽ ڪونه ملي، جيتري تبديلي لاءِ گهربل آهي. سنڌ جي ماڻهن جي اڪثريت جيڪا ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن ۾ رهي ٿي، اها وڏن شهرن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٿيندڙ ترقي ۽ سماجي تبديلين کي ڏسڻ جي باوجود نون لاڙن طرف راغب ٿيڻ ۾ سست رفتاري ڏيکاري ٿي. اها سندس ڀلائي لاءِ هلايل هلچل جو به ساٿ ڏيڻ لاءِ ذهني طور تي تيار نظر نه ٿي اچي. قوم جي ڏاهن جي واعظ ۽ نصيحتن جو به ڪو خاص اثر ڪونه ٿو ٿئي. آخرڪار اهي ڪهڙيون رنڊڪون آهن، جيڪي سندس مثبت سوچ ۽ ان عمل جي راهه ۾ رڪاوٽ بنيل آهن. منهنجي خيال ۾ هيٺيون رنڊڪون ڊگهي عرصي کان عوامي سوچ جو رستو روڪيو ٿيون اچن. جيستائين انهن کي نه هٽائبو تيستائين ڪنهن تبديلي جي اميد رکڻ اجائي آهي. منهنجي راءِ موجب هيٺيون قوتون، نظريا ۽ سوچون سنڌي عوام جي ذهنن تي حاوي آهن، جن جي اثر سبب ٻيو ڪوبه پيغام پنهنجو اثر نٿو ڏيکاري.
پير پرستي
هن سحر ۾ ٻهراڙي جي ماڻهن جو وڏو تعداد ورتل آهي. پير پرستي ماڻهن جي ذهنن کي قابو رکڻ جو هڪ وڏو ادارو رهندو آيو آهي. ان سحر ۾ ورتل ماڻهن جي دين ۽ دنيا جي ڀلائي جا سڀ رستا مرشد ڏانهن وڃن ٿا. ڊگهي ۽ منظم پروپيگنڊا ذريعي مذهبي اجاراداريءَ جي ان طبقي ماڻهن کي ڪاميابي سان اهو تاثر ڏنو آهي ته مرشد جي ناراضگي مريد لاءِ نقصانڪار ٿيندي ۽ هن جو راضپو مريد جي ڪاميابي لاءِ ضروري آهي. مريد ساليانو ڏن ڏئي، دعا گهرائي مطمئن ٿي وڃي ٿو. اهو مريد ڪيئن اهو آسان ڪم ڇڏي محنت سان ترقي واري ڏکئي ڪم تي يقين رکندو. مرشد هاڻي ته چونڊن وغيره تي به اثر انداز ٿئي ٿو. هاڻي ته پڙهيل لکيل ماڻهو به مفادن خاطر وڏين گادي نشينن جي دروازن جا چڪر لڳائي رهيا آهن.
صوفي ازم
ماضي جي سست رفتار ۽ محدود زندگي واري ماحول ۾ هن نظريي برداشت ۽ ڀائيچاري پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ٻاهران ايندڙ مذهبي شخصيتن پڻ ماڻهن کي صاف دل رهڻ جي تلقين ڪري آساني سان پنهنجا پير کوڙيا. هن سوچ اسان جي قوم کي ضرورت کان وڌيڪ برداشت، صاف دل، معاملا فهم بنائي اسان جي طبيعت ۾ نرمي آندي. اڄڪلهه مفادن جي جنگ واري ماحول ۾ اهڙي نرمي اسان کي نقصان ڏئي ٿي. اسين پنهنجي ڪمزورين کي صاف دل صوفي هئڻ جي آڙ ۾ لڪايون ٿا. هاڻي اهو هڪ فرار جو رستو بنجي ويو آهي.
وڏيرا شاهي
ٻهراڙي جو ماڻهو پنهنجن ڪمن ڪارين لاءِ وڏيرن جي اوطاق ڏي ويندو رهندو آهي. هن کي سرڪاري آفيسن ۽ راڄوڻي معاملن ۾ وڏيري جي مدد جي ضرورت پوي ٿي. هاڻي ته نوڪريون ۽ ٺيڪا وغيره به وڏيرن جي هٿ ۾ اچي ويا آهن. جيئن تعليم ۽ سجاڳي وڌي ٿي، انهي رفتار سان سرڪار وڏيري کي طاقتور بنائي عوام تي گرفت رکڻ جو بندوبست ڪندي رهي ٿي. هاڻي ته ڌاڙيل فيڪٽر پيدا ڪري علائقي جي شريف ۽ وچولي طبقي ۾ خوف پيدا ڪيو ويو آهي جيڪو پڻ وڏيري سان سٺي تعلقات رکڻ ۾ ئي پنهنجو بچاءُ سمجهي ٿو. اهڙي ماحول ۾ علائقي جو بااثر ماڻهو باقي لوڪ جي سياسي فيصلن تي آسانيءَ سان اثر انداز ٿئي ٿو.
خوف ۽ احساس ڪمتري
ڊگهين غلامين ۽ علائقائي طاقتن جي اثر هيٺ رهڻ ڪري خوف ماڻهن جي نفسيات جو حصو بنجي ويو آهي. علائقائي قوتون حڪومتي عملدارن سان گڏجي ڏاڍ وارو رويو رکن ٿيون، جنهن کي برداشت ڪري ماڻهو ٻئي درجي جي سوچ رکڻ جو عادي ٿي ويو آهي. هو ڌارئي سان ملڻ ۽ معاملا طئي ڪرڻ مهل ضرورت کان وڌيڪ نرمي ۽ لچڪ ڏيکاري ٿو، جنهن سبب کيس نقصان ٿيندا رهن ٿا. اهڙي خوف ۽ احساس ڪمتري جو ماريل عام ماڻهو نئين سوچ ۽ لاڙن کي قبول ڪرڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ مهل ڏاڍ سان ممڪن ٽڪراءَ سبب لنوائي ٿو ۽ ائين هو روايتي انداز سان هلڻ ۾ ئي بهتري سمجهي ٿو.
منهنجي سوچ موجب جيستائين اسين عام ماڻهو جي ذهنن مان خوف ۽ احساس ڪمتري کي ڪڍڻ يا گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿينداسين، تيستائين ڪنهن وڏي تبديلي جي اُميد رکڻ اجائي آهي. اسان جي ڏاهن کي گهرجي ته هو تبديلي لاءِ سڏ سان گڏ ڪجهه محنت انهن رڪاوٽن کي هٽائڻ يا ڪمزور ڪرڻ تي لڳائين. اهڙي پروپيگنڊا جي اثر سبب سڀ کان اڳ اهو طبقو موٽ ڏيندو جيڪو پاڻڀرو ۽ وڏيرن جو گهٽ محتاج هوندو، جنهن کي پوءِ ٻيا به موٽ ڏيڻ لڳندا. اسان کي سڀ کان پهريان پنهنجو ذهن صاف ڪرڻ ۽ احساس ڪمتري کان نڪرڻ تي توجه ڏيڻ گهرجي. دين اسلام ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پهريون عمل ڪلمو طيب پڙهڻ آهي، جنهن جي لفظن تي غور ڪيو ته معلوم ٿيندو ته پهريان غير الله جي نفي ڪري ذهن کي صاف ڪرڻو آهي، تنهن کان پوءِ ئي هڪ الله جي وحدانيت جو اقرار ڪري ايمان آڻڻو آهي. انهي مان سبق وٺندي اسان کي پڻ عام ماڻهن جي ذهنن ۾ موجود مقامي قوتن جو اثر، خوف ۽ احساس ڪمتري کي ڪڍڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي. جڏهن ذهنن تي حاوي اهڙن اثرن جو ڪجهه صفايو ٿيندو ته پوءِ ئي تبديلي واري ڳالهه سندن ذهن قبول ڪندو.
kolachikm@gmail.com


روزانه عبرت جي ٿورن سان
 
Back
Top