• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صلاح

نياز ابڙو

سينيئر رڪن
محترم پيارا عبدالرشيد صاحب
مان سمجهان ٿو ته سنڌ سلامت فورم تي هر ٻولي ڳالهايندڙ شامل آهي انهي لاءِ جيڪو اوهان سنڌ سلامت فورم تي مٿان لکيو آهي ته مهربان سنڌي دوستو جيڪڏهن اوهان ان جاءِ تي صرف مهربان دوستو لکو ها ته هر ٻولي ڳالهايندڙ جي اڃا به وڌيڪ دلچسپي ثي ها وڌيڪ لاء اوهان پاڻ ڄاڻ رکو ثا۔
 
جواب: صلاح

سائين منهنجي خيال ۾ ته هي اوطاق اسان سنڌين جي آهي....هتي اردو وغيره به نه ڳالهائي ويندي آهي.
وڌيڪ سائين رشيد جن جو ان ڳالھ تي ڇا خيال آهي.
ان جو اسانکي به انتظار آهي.......
 
جواب: صلاح

مٿي سنڌ سلامت فورم جي پڳ تي دوستن کي دعوت ڏنل آهي ته فورم جي لکائي کي بهتر طريقي سان سمجهڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائونلوڊ ڪريو۔۔ ڇو ته اهو عمل صرف سنڌي ساٿي ئي ڪندا ان ڪري سنڌين کي مخاطب ڪندي لکيو ويو آهي ۔۔۔ اهڙي طرح فورم تي ڪافي جڳهين ته رڪنن کي سنڌي طور مخاطب ڪيو ويو آهي۔۔۔ باقي جيتري قدر دلچسپي جو سوال آهي ته ڀائڙا نياز هن فورم تي ڪنهن به غير سنڌي جي دلچسپي نه هوندي۔۔۔ هي فورم پڻ سنڌين لاءِ بڻايو ويو آهي۔۔۔
توهان جي مهرباني اميد ته آئنده به پنهنجي مشورن کي صلاح طور موڪليندا رهندا۔۔۔ ڇو ته توهان جا مشورا ئي سنڌ سلامت فورم کي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ ۾ مددگار ٿيندا۔۔۔
 
Back
Top