• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪجهه نئين پيڊ بابت ...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ادا عامر کي عرض ته سنڌي پيڊ جي ڪنهن به بٽڻ تي مائوس رکجي ته اهو شارٽ ڪٽ شو ڪري۔ مطلب اسان بٽڻ تي مائوس سان ڪلڪ ڪري لکي ته وٺون ٿا پر اها خبر ڪيئن پوي ته ڪي بورڊ سان ڪئين لکجي۔

ادا توهان جي ڏنل هن مشوري تي پڻ عمل ڪيو ويو آهي.... ان سان گڏو گڏ اسپيس نه اچڻ وارو مسئلو پڻ ختم ڪيو ويو آهي ۽ موجوده پيڊ کي سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي سنڌي پيڊ مطابق پڻ بڻايو ويو آهي... هيئنر پيڊ تي سنڌي اکر ۽ ان جا شارٽ ڪٽ آرام سان ڳولي سگهجن ٿا.....
توهان سميت سموري ساٿ کي عرض آهي ته نئين پيڊ تي جيڪڏهن ڪجهه مسئلا يا مونجهارا اچن ٿا ته اهي ٻڌائين ته جيئين وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي...
 
سائين ڪم ته پهريائين کان سٺو نه پر ڀلو آهي پر ادا اهو زير ، زبر ، شد ، مد جي ڳولهڻ ۾ مڙئي مشڪلات اچن پيون سو مهرباني ڪري ان طرف توجهه ڏني وڃي ته مهرباني ٿيندي .
توهان جا ٿورا
لک لائق ٿيندا
سائين
رشيد سمون صاحب
 
مون وٽ ته لاگن دوران شفٽ ڪم ئي نه ٿي ڪري پنهنجي نالي لکڻ وقت ح اکر لا ڏاڍي ڪوشش ڪيم پر نه لڳو هاڻي فورم تا ڪاپي ڪيئ اٿم مهرباني ڪري توجه ڏيو
 
ادا هڪ وڏو مسئلو جيڪو حل ڪرڻ گهرجي
۽ جي جاءِ تي & ٿو اچي.
باقي نئين پيڊ تي جيڪا محنت ٿيل آهي، شايد ان کان پهريان انهي جهڙي محنت ڪنهن به فورم تي نه ٿيل آهي. اهو تمام مشڪل ڪم آهي جو جاوا اسڪرپٽ ۾ پنهنجي مٺڙي ٻولي جي لفظن کي رکڻ. انهيءَ لاءِ مان ادي رشيد &خاص ڪري ادي عامر ضياءَ چارڻ عرف عينڪ وارو ماڻهو جو وڏو ٿورائتو آهيان.
 
هڪ ٻيو به مسئلو آهي ادا هاڻي ته مان پنهنجي تحرير کي ايڊٽ ڪلڪ ڪري ترميم ڪرڻ کان پو محفوظ به نه ٿو ڪري سگهان
اهڙي سٺي پيڊ هجي ۽ اهڙا اهم مسئلا، ادا رشيد سمون ٻيلي ڪو تڪڙو حل ڪڍو.
 
هڪ ٻيو به مسئلو آهي ادا هاڻي ته مان پنهنجي تحرير کي ايڊٽ ڪلڪ ڪري ترميم ڪرڻ کان پو محفوظ به نه ٿو ڪري سگهان
اهڙي سٺي پيڊ هجي ۽ اهڙا اهم مسئلا، ادا رشيد سمون ٻيلي ڪو تڪڙو حل ڪڍو.
هائو ادا مونسان به اهو مسئلو آهي پر توهان فقيرن جي دعائن سان اهو مسئلو سمجهي وياسين، سو انهي مسئلي جو حل اهو آهي ته توهان گوگل ڪروم استعمال ڪيو ته بهتر ٿيندو، يا وري انٽرنيٽ ايڪسپلورر کي اپڊيٽ ڪيو.
 
حيران ڪن طور تي ان طرف منهنجو ڌيان اڄ ويو آهي.... منهنجي پوري پوري ڪوشش آهي ته توهان کي ايندڙ مسئلا جلد حل ڪجن ٻي صورت ۾ پيڊ ٻيهر ساڳي حالت ۾ آڻي هڪ تفصيلي جائزو وٺي نئين پيڊ مان سمورا نقص ڪڍي ٻيهر لڳايو ويندو....
توهان جي وڌيڪ تعاون جي ضرورت رهندي...
 
مون کي ڍال ڍڳو ڪونه ٿو ملي مان مائوس سان لکندو آهيان مون وٽ ڪوبه بٽڻ ڍ نٿو لکي يار ڪو حل ڏسيو!!
 
ڪجهه مسئلن اچڻ ڪري في الحال نئين پيڊ کي هٽايو پيو وڃي۔۔۔ جلد ئي سڀئي مسئلا ختم ڪري نئين پيڊ کي ٻيهر لڳايو ويندو۔۔۔۔
تيسيتائين خصوصن ادي ساره ۽ ادا نثار ابڙو جن کي ۽ عمومن انهن سڀني رڪنن کي گذارش آهي جيڪي مختلف برائوزر استعمال ڪندا آهن ته مائڪرو سافٽ جو انٽرنيٽ ايڪسپلورر برائوزر استعمال ڪن۔۔۔۔۔
 
ادا مونکي ته هي پيڊ ئي ڀلي ٿي لڳي ڇو ته اگر ڪنهن اکر کي تلاش ڪجي ته سڀ اکر سامهون آهن جنهن کي ڪلڪ ٿا ڪريون سو لکجي ٿو توهان جي مهرباني
 
منتظمين کي منهنجو عرض ته
ڪجھ ڏينهن کان تصوير اٽيج نٿي ٿئي لذا راه حل ٻڌايو وڃي
sadayeen gud
 
سائين رحيم بخش موجوده پيڊ کي تبديل ڪري هڪ نئي پيڊ رکي وئي هئي پر ڪجهه مسئلن جي ڪري ساڳي پيڊ کي ٻيهر فورم تي لڳايو ويو۔۔۔۔
ڍ ڍڳي کي لکڻ لاءِ شفٽ سان گڏ انگريز اکر ايل (Shift+L) لڳايو۔۔۔۔
باقي اکرن کي ڏسڻ لاءِ نظارو حاضر آهي۔۔۔۔

sindsalamatkeyboard.jpg
 
ادا مونکي اهو به پڇڻو آهي ته اگر ڪو دوست سنڌي پيڊ ٻئي ڪنهن فورم ۾ استعمال ڪرڻ چاهي ته ڪيئن ڪري سگھي ٿو؟
 
Back
Top