مظهرعلي
سينيئر رڪن
اسلام عليڪم منهنجا پيارا ڀائرو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
مان ڪجھ مصروفيتن جي ڪري ڪلاس هلائي نه سگهيس اوهان کي منهنجي ڪلاس جو انتظار ڪرڻو پيو، سو ان لاء مان معزرت چاهيان ٿو۔ اڄوڪي ڪلاس ۾ اسان ڪمپيوٽر هارڊ ويئر جي ان پٽ ۽ آوٽ پٽ ڊيوائسن کي پڙهنداسين۔
اهي پرزا يا ڊيوائس، جيڪي ڪمپيوٽر کي ڊيٽا ڏيڻ لاء ڪتب ٿين ٿا، انهن کي "ان پٽ ڊيوائس چيو وڃي ٿو۔ ان پٽ ڊيوائس ۾ مائوس ۽ ڪي بورڊ کي بنيادي اهميت حاصل آهي۔ اسڪينر کي به ان پٽ ڊيوائس طور استعمال ڪيو وڃي ٿو۔ ان پٽ ڊيوائس جا ٻيا به ڪيترائي قسم آهن، جهڙوڪ؛ جوائي ا سٽڪ، لائيٽ پين، ٽچ اسڪرين، ٽريڪ بال، ڊجيٽل ڪيميرا، مائيڪرو فون بار ڪوڊ ريڊر، ميگنيٽڪ انڪ ريڊر جو استعمال به گهڻو آهي۔
ڪمپيوٽر کي ان پٽ ڊيوائسن جي ذريعي ڊيٽا ڏيڻ کان پوء، ان جي بهتر ۽ مفيد نتيجن، جنهن کي انفارميشن چئجي ٿو، آوٽ پٽ ڊيوئسن مان ورتو وڃي ٿو۔ آوٽ پٽ ڊيوائسن ۾ پروگرام کي محفوظ رکڻ جي صلاحيت هوندي آهي۔ ڪجھ آوٽ پٽ ڊيوائسن جي مدد سان نتيجن کي ڏسي به سگهجي ٿو ۽ ڇاپي به سگهجي ٿو۔ آوٽ پٽ ڊيوائس ۾ مانيٽر ۽ پرنٽر کي بنيادي اهميت حاصل آهي۔ ان کانسواء ٻيا به ڪيترائي قسم آهن آوٽ پٽ ڊيوائس جا، جهڙوڪ؛ اسپيڪر، فلاپي ڊسڪ، هيڊ فون، ڊسپلي ڪارڊ، موڊيم ۽ سائونڊ ڪارڊ به آوٽ پٽ ڊيوائس ۾ اچن ٿا۔
هاڻي مونکي ڏيو اجازت انشاء الله ايندڙ ڪلاس ۾ ملنداسين۔ دعائن ۾ ياد رکجو
مظهر علي وگهيو

ان پٽ ڊيوائس

آوٽ پٽ ڊيوائس