ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي مختصر آتم ڪهاڻي
پوين ويهن ورهين کان رهائش آمريڪا جي شهر سياٽل ۾ اٿم
1983 ۾ پهريون ڀيرو ڪمپيوٽر استعمال ڪيم جڏهن يونيورسٽي آف ايريزونا مان ايم بي اي ڪيم پئي۔ 1987 ۾ مئڪنٽوش استعمال ڪيم جنهن تي پهريون سنڌي ڊيسڪ ٽاپ پبلشنگ ۽ ٽائپسيٽنگ سسٽم وغيره 1988 ۾ ٺاهيم۔
2000 ۾ ونڊوز تي پهريون ڀيرو يونيڪوڊ جي بين الاقوامي اسٽينڊرڊ جي آڌار تي سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد وڌم۔ پوين ٽيويهن ورهين ۾ پنهنجي وس ۽ وت آهر مڙيوئي پئي ڪوشش ڪئي اٿم ته ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي کي سنڌي لاءِ قابل استعمال بڻائي، سنڌي جي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي استعمال کي ترويج ڏيان ۽ ترقي وٺرايان۔
ٻه مهينا اڳ تائين مون کي لنِڪس جي استعمال جو ڪو تجربو ڪونه هو۔ ڪنهن مون کان مدد گهري ته اُبنٽو لنِڪس تي سنڌي ڪينئن استعمال ڪجي۔ مون کيس صلاح ڏني تي منهنجي ويبسائيٽ تان لنِڪس وارو انسٽالر، جيڪو ڪجهه ورهيه اڳ عبدالرحيم نظاماڻي ريڊ هيٽ لاءِ ٺاهيو هو، تنهن کي استعمال ڪري ڏسي۔ پر جينئن ته مون اهو پاڻ استعمال ڪونه ڪيو هو، مون کي ان جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ڪانه هئي۔
ڳالهه آئي وئي ٿي وئي، پر قدرت جي ان ۾ به ڪامصلحت هئي۔ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪٿي اُبنٽو جي باري ۾ پڙهيم۔ ذهن ۾ اهو سوال هو جنهن جي باري ۾ مون کان پڇيو ويو هو۔ سوچيم ته انسٽال ڪري ڏسان ۽ ٿي سگهي ته جنهن مون کان مدد گهري آهي ان لاءِ ڪجهه ڪيان۔ اينئن اپريل جي آخري هفتي ۾ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ونڊوز سان گڏ اُبنٽو به انسٽال ڪيم۔ نظاماڻي واري انسٽالر ڪم نه پئي ڪيو، سو مون نئون انسٽالر ٺاهي ان مهربان ڏانهن موڪليو جنهن کي قدرت منهنجي هٿان هي ڪم ڪرائڻ لاءِ مون کان سوال ڪرايو۔ اهڙي ريت هي لنِڪس کي سنڌي ۾ آڻڻ جي ڪم جو، اينئن کڻي چئجي ته، اڻڄاڻائي ۾ بنياد پيو۔ قدرت جا طريقا نرالا ۽ انسان جي سمجهه کان بيشڪ مٿي آهن۔
بشڪريه سنڌ پي ڪي ڊاٽ ڪام
http://www.youtube.com/watch?v=BJ0nLF2gSO0