21 سالن جي قيد کانپوء برما جي آنگ سان سوچي جي آزادي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 نومبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ڊرتي هين بدوقون والي اڪ نهتي لڙڪي سي

    شهيد محترمه بينظير ڀٽو جڏهن ضياء مارشلا جي دور ۾ ثابت قدم رهي بندوقن وارن سان پنهنجي جنگ جاري رکي هئي ته مٿي ڏنل شعرن وانگر ڪيترن ئي شعرن پنهنجو جنم ورتو هو.

    آخرڪار اڄ وري هڪ اهڙي ئي ثابت قدم عورت برما جي آنگ سان سوچي جي اڳيان برما جي فوجي حڪمرانن گوڏا ٽيڪي کيس 21 سالن کانپوء ڪالھ شام جو رنگون ۾ آزاد ڪيو آهي. قيد جي انهن 21 سالن مان سوچي گذريل 15 سالن کان پنهنجي گهر ۾ نظر بند هئي. نوبل انعام يافته 65 ساله انگ سان سوچي ڊگهي قيد کانپوء پنهنجي گهر ٻاهران گڏ ٿيل هزارين ماڻهن جي ميڙ کي پنهنجي شروعاتي تقرير ۾ اهو چيو آهي ته ڳالهائڻ ۽ خاموش رهڻ جو پنهنجو پنهنجو وقت هوندو آهي اوهان ٻڌي ڪيو ان سان ئي اسان جي ڪاميابي آهي.

    سوچي برما جي آزادي جي هيرو جنرل آنگ سن جي ڌيء آهي جنهن کي قتل ڪيو ويو هو. ان وقت سوچي جي عمر صرف ٻه سال هئي. آنگ سان سوچي آڪسفورڊ مان اڪنامڪس ۽، فلسفي ۽ سياست جي تعليم حاصل ڪئي. 1964 ۾ برما واپس وئي ۽ جمهوريت لاء هڪ تحريڪ شروع ڪئي. گانڌي ۽ مارٽن لوٿر جي عدم تشدد جي فلسفي جي پوئلڳ رهي آهي. سندس تحريڪ کي ڪچلڻ لاء برما جي فوجي حڪومت ڪيئي حربا استعمال ڪيا آهن. آخرڪار 1991 ۾ اليڪشن ٿي جنهن ۾ سندس پارٽي اڪثريت سان ڪامياب ٿي پر فوجي حڪومت نتيجا مڃڻ کان انڪار ڪندي کيس قيد ڪيو.

    آنگ سان سوچي کي ايشيا جو نيلسن منڊيلا به سڏيو پيو وڃي. سوچي جيڪا پنهنجي ور جي موت وقت به قيد هئي ۽ جڏهن کيس فوجي حڪمرانن اهو چيو ته هوء ٻاهرين ملڪ وڃي پنهنجي ور جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿي سگهي ٿي پر هن اهو چئي انڪار ڪيو ته جيڪڏهن مان ٻاهر ويس ته منهنجي ملڪ اچڻ تي پابندي لڳي ويندي. تنهنڪري هن پنهنجو ملڪ نه ڇڏيو
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 21 سالن جي قيد کانپوء برما جي آنگ سان سوچي جي آزادي

    ادا وساڻ! رب اوهانکي سلامت رکي، تمام سهڻو ليک ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔

    چوندا آهن ته ” سچ جي ٻيڙي لڏڻي آهي پر ٻڏڻي ناهي“ انڪري سلام آهي سچ جي ساٿين کي جيڪي پنهنجي قوم جي مٿان ڪوڙ جي راڄ کان نفرت ڪندي سچ ۽ حق جو ساٿ ڏين ٿا ۽ قوم جي آجپي جو سبب ٿين ٿا ۔۔۔ ان ڪوڙ سان مهاڏو اٽڪائيندي سچ جي ساٿين کي ڪيتريون ئي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون ۽ ڪيتريون ئي قربانيون ڏيڻو پون ٿيون ۔۔۔ ڇونه قرباني ڏين، ڇاڪاڻ ته عاشقن جو ڪم ناهي سر کي سانڍڻ ۔۔۔

    عدم تشدد جي حامي هن محترمه اڳواڻ کي اسانجو سلام ۔۔۔ ۽ اميد ٿا ڪريون ته هڪ ڏينهن سنڌي قوم به پنهنجي منزل ضرور ماڻيندي ۽ موجوده ظلم جا ڪارا ڪڪر ڪنهن اهڙي ئي فڪري اڳواڻ جي رهنمائيءَ ۾ ختم ٿيندا ۔۔۔ آسمان صاف ٿيندو ۽ قوم سک جو ساهه کڻندي ۔۔۔

    سورهيه سو چائي جو رڳو ئي رڻ گهري ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 21 سالن جي قيد کانپوء برما جي آنگ سان سوچي جي آزادي

    سائين نثار مهرباني

    ڪافي ڏينهن کان سنڌ سلامت جي دوري ڪري اوهان کي جواب نه ڏئي سگهيس

    عدم تشدد جي حامي برما جي بينظير واقعي کيرون لهڻيون۔ سندس جدوجهد هميشه ياد رکي ويندي۔

    عدم تشدد جي حامين مان هڪ سائين جي ايم سيد هو۔ اسان جي دعا آهي ته سنڌ به هٿيارن کان صاف هجي ۽ هر هنڌ محبت ۽ ڀائيچارو هجي۔ لطيف سائين جي ان بيت وانگر

    سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: 21 سالن جي قيد کانپوء برما جي آنگ سان سوچي جي آزادي

    ادا مهرباني معلومات ونڊڻ تي ..................
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 21 سالن جي قيد کانپوء برما جي آنگ سان سوچي جي آزادي

    سچ جي ٻيڙي لڏڻي آهي ٻڏڻي ناهي“ جي مصداق (برما) منمار جي محترمه آنگ سين سو چي Aung San Suu Kyi ، جلاوطنيون برداشت ڪري، جيل ڪاٽي، ظالمن جا ظلم برداشت ڪندي، آخر پنهنجي منزل ماڻي ورتي آهي ۽ منمار ۾ فوجي حڪومت ختم ڪرائي جمهوري حڪومت جو بنياد وجهڻ لاءِ اليڪشن ۾ شروعاتي فتح حاصل ڪري ورتي آهي.

    الله تعالا به ڪنهن قوم جي حالت بدلائڻ ۾ تيستائين مدد نٿو ڪري، جيستائين اتان جا ماڻهون پنهنجي حالت پاڻ نٿا بدلائن ...
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 21 سالن جي قيد کانپوء برما جي آنگ سان سوچي جي آزادي

    آنگ سانگ سوچي جي جدوجهد کي ڏسي مونکي محترمه جو اهو دور ياد ايندو آهي جڏهن هوء جابر ضياء خلاف جدوجهد ڪري رهي هئي۔

    سوچي به جمهوريت جي بحاليء لاء ڇا ڇا نه سٺو آهي، قيد، نظربندي وغيره ، پر پوء به سندس عزم اوچو آهي۔
     
  7. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: 21 سالن جي قيد کانپوء برما جي آنگ سان سوچي جي آزادي

    ادا مهرباني معلومات ونڊڻ تي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو