
ڊرتي هين بدوقون والي اڪ نهتي لڙڪي سي
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جڏهن ضياء مارشلا جي دور ۾ ثابت قدم رهي بندوقن وارن سان پنهنجي جنگ جاري رکي هئي ته مٿي ڏنل شعرن وانگر ڪيترن ئي شعرن پنهنجو جنم ورتو هو.
آخرڪار اڄ وري هڪ اهڙي ئي ثابت قدم عورت برما جي آنگ سان سوچي جي اڳيان برما جي فوجي حڪمرانن گوڏا ٽيڪي کيس 21 سالن کانپوء ڪالھ شام جو رنگون ۾ آزاد ڪيو آهي. قيد جي انهن 21 سالن مان سوچي گذريل 15 سالن کان پنهنجي گهر ۾ نظر بند هئي. نوبل انعام يافته 65 ساله انگ سان سوچي ڊگهي قيد کانپوء پنهنجي گهر ٻاهران گڏ ٿيل هزارين ماڻهن جي ميڙ کي پنهنجي شروعاتي تقرير ۾ اهو چيو آهي ته ڳالهائڻ ۽ خاموش رهڻ جو پنهنجو پنهنجو وقت هوندو آهي اوهان ٻڌي ڪيو ان سان ئي اسان جي ڪاميابي آهي.
سوچي برما جي آزادي جي هيرو جنرل آنگ سن جي ڌيء آهي جنهن کي قتل ڪيو ويو هو. ان وقت سوچي جي عمر صرف ٻه سال هئي. آنگ سان سوچي آڪسفورڊ مان اڪنامڪس ۽، فلسفي ۽ سياست جي تعليم حاصل ڪئي. 1964 ۾ برما واپس وئي ۽ جمهوريت لاء هڪ تحريڪ شروع ڪئي. گانڌي ۽ مارٽن لوٿر جي عدم تشدد جي فلسفي جي پوئلڳ رهي آهي. سندس تحريڪ کي ڪچلڻ لاء برما جي فوجي حڪومت ڪيئي حربا استعمال ڪيا آهن. آخرڪار 1991 ۾ اليڪشن ٿي جنهن ۾ سندس پارٽي اڪثريت سان ڪامياب ٿي پر فوجي حڪومت نتيجا مڃڻ کان انڪار ڪندي کيس قيد ڪيو.
آنگ سان سوچي کي ايشيا جو نيلسن منڊيلا به سڏيو پيو وڃي. سوچي جيڪا پنهنجي ور جي موت وقت به قيد هئي ۽ جڏهن کيس فوجي حڪمرانن اهو چيو ته هوء ٻاهرين ملڪ وڃي پنهنجي ور جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿي سگهي ٿي پر هن اهو چئي انڪار ڪيو ته جيڪڏهن مان ٻاهر ويس ته منهنجي ملڪ اچڻ تي پابندي لڳي ويندي. تنهنڪري هن پنهنجو ملڪ نه ڇڏيو