نياز ابڙو
سينيئر رڪن
تازو دادو ضلعي ۾ آيل ٻوڏ تمام گهڻو نقصان ڪيو آهي، غريب ۽ مسڪين ماڻهن جا اجها مڪمل طرح تباه ٿي ويا۔ ڪن کي وطن ڪارڊ ڏئي آسري ۾ رکيو ويو ته ڪن کي وري ڌڪا ۽ ٿيلها ڏئي نا اميد ڪري آسري ۾ رکيو ويو۔ سنڌي ويچارا اٻوجه ۽ سٻاجهڙا سدائين آسرن ۽ دلاسن تي يقين رکندا آهن۔ڍ
پر افسوس وري ان ڳاله جو آهي ته دادو ۽ خيرپور ناٿن شاه تعلقي جي سڀني تعلقن کي بار بار آخري وارننگ ڏئي پنهنجا اجها خالي ڪرڻ لاءِ سرڪاري گاڏيون موڪليون ويون ۽ ڪيترن ئي سنڌي سٻاجهڙن ماڻهن کي ٻين ضلعن ۾ رهايو ويو۔ جڏهن وطن ڪارڊ ڏيڻ جو سلسلو جاري ٿيو ته دادو تعلقي جي سڀني يوسين ۽ خيرپور ناٿن شاه تعلقي جي ڪجه يوسين کي وطن ڪارڊ جي لسٽ مان خارج ڪري سنڌي ماڻهن جي قٽن تي لوڻ ٻرڪيو ويو۔