سنڌ سلامت جا رجسٽرڊ فقير وحيد ڦلپوٽا ڇو ٿو اتاولو ٿيئن هي وٺو اسان جي محترم دوست طاهر سنڌي جون تصويرون، ڇا ياد ڪندا اسان کي جي توهان فقير آهيو ته اسان به چريا شاعر آهيون، حقيقت ۾ اهڙيون شيون فقيرن جي گودڙين ۾ هُئڻ کپن۔ پر ڏسو اسان چريا اهڙيون خوبصورت تصويرون پنهنجي ساهه سان سانڍيو هلون۔ سائين طاهر سنڌي لا شاهه سائين جي سُر ڪاموڏ مان هڪ بيت آهي ته
گند جنين جي گوڏ ۾ پاٻوڙا پوشاڪ
انين جي اوطاق راجه ريجهي آيو (شاهه)
ته واقعي اسان مسڪين ۽ غريب اٻوجهه ماڻهن وٽ ادا طاهر سنڌي راجه وانگر ريجهي آيو ۽ اسان جي ڀاڳ جاڳائي ڇڏيائين۔ سندس اهي ٿورا لاهي ته ڪونه سگهبا پر ڳائبا ضرور پيا۔
هي ڪجهه تصويرون ادا طاهر سنڌي صاحب جون سڀني سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ٿو ڪريان انهن تصويرن ۾ ادا طاهر سنڌي سان گڏ مان ۽ ادا محمد جمن شيخ به ساڻ آهي
ادو طاهر جهڙو اندر تهڙو ٻاهر صفا مور ماڻهو آهي
سائين طاهر سنڌي سنڌ سلامت جي ميمبر دوست محمد جُمن شيخ سان گڏ
پيارا ساٿيو هڪڙو ته محترم طاهر سنڌي آهي باقي ٻئي چرئي جا ڪا خبر ڪانهي ته ڪير آهي۔