انٽرنيٽ عام ٿيڻ ۽ زندگيءَ جي هڪ بنيادي ضرورت بڻجي وڃڻ کان پوءِ ڪيترائي مسلمان۽ ٻيا ماڻهو فحش مواد جي ڪري پريشان هيا، ڇاڪاڻ ته ڪڏهن نه چاهڻ باوجود سرچ انجڻ اهڙين سائيٽن کي کولي ڇڏيندي هئي. جيڪي نه فقط اسلامي اصولن جي ابتڙ آهن پراخلاقي اعتبار سان به سخت هاڃيڪار آهن. جيتوڻيڪ ”گوگل“ ۽ ”ياهو“ جهڙن سرچ انجن ۾ به فلٽرن جي سهولت ڏنل آهي، ليڪن ڪڏهن اهي فلٽر بند؟ ٿيندا آهن. جنهن جي ڪري ڪيترائي غلط سائيٽ سامهون اچن ٿا، خاص ڪري ٻارن کي هنن فلٽرن بابت ايتري جاڻ نه هجڻ ڪري، اڻڄاڻائين ۾ انٽرنيٽ جي کولڻ سان ئي غلط سائيٽ کولي ويهي رهون ٿا. انهيءَ مونجهاري جي ڪري غيرتمند ماڻهو پريشان هيا. پر هاڻي انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ وارن کي هن پريشاني کان به ڇوٽڪارو ملي ويو آهي. هاڻي هنن کي سرچ انجن جا فلٽر کولڻا نه پوندا، نه ئي ڪا غلط سائيٽ کولي شرمندو ٿيڻو پوندو، پر هن لاءِ کين رڳو ”آئي ايم حلال ڊاٽ ڪام“ نالي سرچ انجن کي پنهنجو هوم پيج جي طور سيٽ ڪرڻو پوندو. ”ڊچ ميڊيا ڪمپني“ ”اي زيڊ ميڊيا“ چند هفتا اڳ ”آئي ايم حلال“ نالي سرچ انجن جو تعارف ڪرايو هو. جنهن کي استعمال ڪرڻ سان اسلامي قوانين مطابق، حرام شين کان بچي سگهجي ٿو. پنهنجي تعارف کان پوءِ اهو سرچ انجن تيزي سان مقبوليت حاصل ڪري رهيو آهي. ڊچ ميڊيا ڪمپني جي سي اي او رضا سرديهال (Reza Sardehal) جو چوڻ آهي ته انهن اهڙي سرچ انجن جي ضرورت هن ڪري محسوس ڪئي، ته اهي ۽ انهن جا ڪي دوست گهڻي وقت کان وٺي انٽرنيٽ تي اهڙن غلط سائٽن جي ڪري سخت پريشان هئا. سندن چوڻ هو ته اسين گهڻي عرصي کان انٽرنيٽ تي غلط سائيٽن جهڙا پورنو گرافي وغيره جي ڪري سخت پريشان هئاسين، ڪڏهن ته فلٽر آن (کولڻ) نه ڪرڻ ڪري، هنن سائيٽن کي منهه ڏيڻو پيو پوي. اسان جي ذهن ۾آيو ته ڇونه اهڙو سرچ انجن ٺاهيون، جنهن ۾ پاڻ مرادو نظام هيٺ فلٽر ڪم ڪندا هجن. انهيءَ سوچ اچڻ سان ئي مان بس پنهنجن دوستن کي اها صلاح ڏني، پوءِ اسين هن پروجيڪٽ تي ڪم شروع ڪري ڏنو. معروف اخبار هوفنگٽن پوسٽ (Hoffington Post) مطابق ڊچ ميڊيا ڪمپني جي طرفان متعارف ڪيل هن نئين سرچ انجن ۾ ٽي فلٽر استعمال ڪيل آهن، جيڪڏهن توهان هن سرچ انجن کي استعمال ڪندي، ڪوبه اهڙو لفظ سرچ (تلاش) ڪندو، جيڪي اسلامي تعليم جي اعتبار سان ناجائز اسلامي غيرت جي ابتڙ هجي، فلٽرن جي ڪري اهو انجن هن لفظ کي ظاهر ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏيندو، پر جيڪڏهن اهو صفا غلط ۽ ناجائز نه هجي پر ان ۾ اسلامي اعتبار سان ڪي اڻ وڻندڙ ڳالهيون شامل هجن ته پهرين ۽ ٻئي فلٽر جي هيٺان اهو انجن اوهان کان سوال پڇندو ته ڇا اوهان اهڙيون شيون ڏسڻ چاهيندؤ، پر جيڪڏهن شيون ٽئين فلٽر جي هيٺان آيون ته پوءِ انجن اهڙن پروگرامن جو نتيجو نه ڏيندو. مشهور اخبار ”يروشلم پوسٽ“ مطابق رضا جو چوڻ آهي ته هن سرچ انجن کي خاص اهڙن ماڻهن لاءِ ٺاهيو ويو آهي، جيڪي انٽرنيٽ ته استعمال ڪرڻ چاهين ٿا، پر انٽرنيٽ تي ايندڙ فحش پروگرام، اسلامي تعليم جي خلاف شين کان پريشان آهن. هاڻي اهڙا ماڻهو آئي ايم جائز سرچ انجن کي پنهنجو هوم پيج ٺاهي، اهڙي سائيٽن کان بچي سگهن ٿا.رضا جو چوڻ آهي ته شروع ۾ انهن هن سرچ انجن جي فلٽرن جي ذريعي پورنو گرافي (Pornography) نيو ڏٽي (Nudity) پاڻ ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخ خاڪن ۽ ناجائز شين کي روڪيو هو. پر سرچ انجن کي آڻڻ کان پوءِ ٿورڙن ڏينهن ۾ ڪيترن ئي دوستن طرفان حوصلو وڌائيندڙ جواب مليا آهن. جن ۾ هنن جو مطالبو آهي ته سرچ انجن جي فلٽرن جي ذريعي ٻين شين جهڙو پلي بوائي ۽ الڪحل وغيره کي به بند ڪيو وڃي. ”مجلس“ نالي ويب سائيٽ تي شايع ٿيندڙ مضمون ۾ ”آئي ايم جائز ڊاٽ ڪام“ جي انتظامن تي تنقيد ڪئي هئي ته هنن پلي بوائي ۽ الڪحل جهڙن شين کي فلٽر ڪري ڪيترين ئي ڪارائتي معلومات کي به فلٽر ڪري ڇڏيو آهي. هن جي جواب ۾ رضا جو چوڻ آهي ته ائين فقط هن لاءِ ڪيو ويو آهي، جو دوستن طرفان مطالبو رهيو هو. سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن دوستن طرفان مطالبو ڪيو وڃي ته اهڙن لفظن کي فلٽر لسٽ مان ڪڍيو ويندو يا وري هنن کي ٻئي درجي جي فلٽر تي رکبو، جنهن کان پوءِ اهڙا دوست خاص اجازت ڏئي ڪري اهڙيون شيون ڏسي سگهندا. ميڊيا ذريعن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي، رضا جو چوڻ آهي ته هن ڳالهه تي وڌيڪ ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ هن سلسلي ۾ عالم اسلام جي عالمن سان ڳانڍاپي ۾آهيون، عالمن جي ڏنل هدايتن جي روشني ۾ اهي هن سرچ انجن کي اڃان وڌيڪ بهتر بنائڻ چاهن ٿا. سنڌيڪار۔ افتخار علي چوهان
جواب: انٽر نيٽ جي دنيا ۾ انقلابي ايجاد ادا بهترين ونڊ آهي، بحرحال ان مان ڪو وڌيڪ فائدو نه آهي، سرچ انجن سيپٽمبر 2009 ۾ اسٽارٽ ته ٿي ويو، پر اهڙا فلٽري ياهو وغيره به تمام سٺي ڪاگردگي سان ڪم ڪن ٿا، جنهن ذريعي اهڙي غلط سائيٽن کي اوهان روڪي سگهو ٿا۔
جواب: انٽر نيٽ جي دنيا ۾ انقلابي ايجاد ان سائيٽ تي ڪم 2005 کان شروع ٿيو هو، پر سر انجن ڪنهن ڪم جو نه آهي، ڀلا اوهان حلال ڊاٽ ڪام تي وڃي صرف ڪراچي يا حيدرآباد جي سرچ ڪيو يا ڪنهن به لفظ جي سرچ ڪيو ته جواب هيئن ايندو: There Were No matching Result Found.................. اسلام ايڏو سخت ڪانه آهي ادا، الاجي ڪهڙي حلال رستي ٿا وٺي وڃن؟؟!!