سنڌيڪار: افتخار علي چوهاڻ ايڊز جي هٿرادو انگن اکرن ذريعي عالمي ادارن کان دولت ڪمائڻ جون حرڪتون ڇا واقعي ڪراچي ۾ هڪ لک عورتون جسم فروشي جي ڪريل پيشي سان لاڳاپيل آهن؟ هڪڙي خبرنامي ۾ شايع ٿيل ڪالم پڙهي، ڪيترن ئي ماڻهن اي ميل، ايس ايم ايس جي ذريعي مون کان اهو سوال پڇيو. ظاهر آهي ته اهي انگ اکر افسوسناڪ آهن. لاهور ۾ پنجهتر هزار ۽ راولپنڊي ۾ پنجويهه هزار سيڪس ورڪرز عورتون آهن. پوين ڏينهن ۾ ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ هڪڙي ورڪشاپ ۾ اقوامِ متحده جي هڪڙي اداري، يو اين ايف پي اي (عالمي ادارو ۽ بهبود آبادي) جي عهديدار اهڙو انڪشاف ڪيو. ساڳي اداري جا ڪارڪن 1970 عيسوي کان پاڪستان جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ آبادي جي واڌ جي شرح کي روڪڻ لاءِ مختلف سرگرمين ۾ پڻ مصروف آهن. مون سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي حيرت ۽ افسوس آهي ته رڳو پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ ۽ غير ملڪي ادارن کان مال ڦرڻ لاءِ بين الاقوامي ادارن ۽ اين جي اوز وارن کي غلط انگ اکر پيش ڪري، نه رڳو ميڊيا کي ڪوڙيون خبرون ڏين ٿا، بلڪه معاشري اندر بيچيني ۽ مايوسي ڦهلائڻ جو پڻ سبب بڻجن ٿا. سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمنٽ ڪراچي جي ذريعن مطابق، ڪراچي جي آبادي لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ 80 لکن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ اڌ انگ عورتن جو آهي، يعني عورتن جو انگ 90 لک آهي. يو اين ايف بي اي جي پنهنجي ويب سائيٽ ۾ درج ٿيل معلومات مطابق، پاڪستان ۾ 15 سال کان گهٽ عمر واريون ڇوڪريون ۽ ٻارڙن جو انگ 45 سيڪڙو آهي. جڏهن ته 65 سال کان وڏي عمر جي عورتن جو انگ 30 سيڪڙو آهي. 90 لک عورتن منجهان توهان 46سيڪڙو (418500) کي ڪٽيندؤ ته انهن عورتن جو انگ اڳيان اچي ويندو، جنهن جي عمر 15 کان 65 سال تائين آهي. يعني ڪراچي ۾ 15 کان 65 سال عمر وارين عورتن جو انگ لگ ڀڳ (4515000) ٿئي ٿو. جيڪڏهن 40 سال وڏي عمر جي عورتن جي تناسب سان 50 في سيڪڙو کي ڪٽيون ته 15 کان 40 سال عمر واريون عورتن جي تعداد (2407500) باقي وڃي بچي ٿو. جيڪڏهن 24 لک عورتن منجهان هڪ لک سيڪس ورڪر آهن يعني جسم فروشي جو ڪريل پيشو ڪن ٿيون ته پوءِ ان جو مطلب آهي ته ڪراچي جي 24 منجهان هڪ عورت هن غليظ پيشي سان لاڳاپيل آهي. منهنجي خيال موجب ايترن ڪوڙن انگن اکرن پيش ڪندڙن جو ٺڪاڻو اقوام متحده جي اداري بدران، ڪنهن نفسياتي هسپتال جو وارڊ هجڻ کپي. جڳ مشهور نشرياتي اداري بي بي سي کي تحقيق کان سواءِ پنهنجي ويب سائيٽ تي اهڙن انگن جاري ڪرڻ تي ڪراچي وارن کان معافي وٺڻ گهرجي، ڇوته انهن اعداد و شمار جي ڪري ڪراچي جي شهرين جي توهين ٿي آهي. ڪاش جيڪر شهر جا سياستدان،دانشور ۽ اهل قلم هن بيهوده پروپيگنڊا جو نوٽيس وٺن ها. هن سڄي معاملي جو هڪڙو پهلو جيڪو نهايت سنگين آهي، اهو اهو ته جسم فروشي جو ڪڌو ڪم پاڪستان ۾ قانوني طور ڏوهه آهي. پاڪستان جي تعزير ۾ هن جرم لاءِ باقاعدي سزا رکيل آهي. (1ي 371 ۽ بي 372 دفعات) جيڪڏهن ڪنهن جاءِ تي اهڙين عورتن جون گڏجاڻيون ٿين ٿيون ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته اهڙن ماڻهن جو ميڙ ٿيل آهي، جيڪي جسم فروشي جي ڏوهه جو واضح طور تي اقرار ڪن ٿا. ڇا اقوام متحده جي ڪنهن اداري کي زيب ڏئي ٿو ته اهڙن گڏجاڻين کي اسپانسر ڪن. ڇڙو حقن جو نعرو ته چور، ڌاڙيل، نشو واپرائيندڙ به هڻندا آهن ۽ اسان وٽ گهڻن اين جي اوز وارن کي رڳو انهن جا ئي حق ياد رهندا آهن، ڇا سڀاڻي اسين ڪنهن خبرنامي يا وري چينل تي اهڙي خبر جي توقع به رکنداسون، ته اقوام متحده جي فلان اداري جي تعاون سان مقامي اين جي اوز جي انتظام هيٺ هيروئن جي نشي ۾ ورتلن کي ڏسپوزيبل سرنج استعمال ڪرڻ جو طريقو سيکارڻ لاءِ ورڪشاپ رکي وئي آهي، سڀني هيروئنن هن ورڪشاپ کي گهڻو ئي ڪارائتو ۽ هن جي منعقد ڪرڻ کي ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ تمام ضروري قرار ڏنو آهي. هڪڙي صحافي جو چوڻ آهي ته سيڪس ورڪرن جي اها ورڪشاپ دراصل ايڊز کان آگاهي لاءِ منعقد ڪئي وئي هئي. ايڊز جو معاملو به عجيب آهي. مستند انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ ايڊز جي مريضن جو انگ لڳ ڀڳ 9400 آهي. يعني ڪل آبادي جي ڏهائي منجهان هڪ فيصد کان به گهٽ. ايڊز جي سببان مرندڙن جو انگ سالانو 5100 رپورٽ ۾ ٻڌايو وڃي ٿو. هن مرض ۾ ورتلن جي گهڻائي مردن جي آهي. جيڪي ٻاهرين ملڪن کان ايڊز جا وائرس کڻي ٿا اچن. باقي اهي آهن، جنهن جي جسم ۾ رت جي منتقل ڪرڻ سان يا وري ڪنهن ٻئي سبب سان ايڊز جو مرض پيدا ٿيو آهي. پاڪستان اندر ٽي بي، دست ۽ مٺي پيشاب، دل جي بيمارين ۽ سائي ۽ ڪاري ڪامڻ سان جيترا ماڻهو مرن ٿا، انهن جي ڀيٽ ۾ ايڊز سان مرندڙن جي ڳڻپ اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. پر اقوام متحده جي انهن ادارن ۽ غير ملڪي خيرات تي پلجندڙ اين جي اوز ايڊز کي وڏو مسئلو ڪري پيش رهيا آهن ۽ هر سال ڪيترائي ارب رپيا ضايع ڪيا وڃن ٿا (ٻڌو آهي ته گهڻائي فنڊ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ منعقد ٿيندڙ ورڪشاپ، سيمينار، لينڊ ڪروزر گاڏين ۽ عهديدارن جي غير ملڪي دورن تي خرچ ڪيا ٿا وڃن). هن حوالي سان آخري ڳالهه جيڪا مون کي ڪرڻي آهي، سا اها آهي ته سندن چوڻ آهي ته جسم فروشي دنيا جو قديم ترين پيشو آهي ۽ دنيا جو شايد ئي ڪو ملڪ هن کان بچيل هجي. پاڪستان جي قيام کان اڳ لاهور، ملتان ۽ ڪراچي جهڙن شهرن ۾ جسم فروشي جا اڏا هوندا هئا ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اهو سلسلو ڪيترن ئي ننڍن شهرن تائين پکڙجي ويو آهي. 1947ع کان اڄ تائين ڪابه حڪومت توڙي جو اها فوجي هجي يا جمهوري، هن هاڃيڪار وبا کي ختم نه ڪرائي سگهي آهي، ان ڪري اهڙن سيمينارن ۽ ورڪشاپن جي ٿيڻ ۾ ڪا خرابي ناهي اصل ۾ اهڙا نالي وارا دانشور اسلامي تاريخ کان ماڳيهن اڻ واقف آهن اسلامي تاريخ کان مڪمل ناواقفيت آهي. سرڪار دو جهان ﷺ مديني جي رياست قائم ٿيڻ شرط هن ڏوهه کي ختم ڪري ڇڏيو. خلفاءِ راشدين جي دور ۽ هن کان پوءِ به گهڻي عرصي تائين اسلامي رياستن ۽ سيڪس ورڪرن جو وجود نٿو ملي (مان عياش حڪمران، راجائن ۽ نوابن نالي جي مسلمان حڪمرانن جي ڳالهه نٿو ڪريان) جسم فروشي ڪرڻ واري عورت کي سيڪس ورڪر جو نالو ڏيڻ وارن دراصل اسان جي معاشري ۾ بيحيائي کي هٿي ڏني آهي. ورڪر يعني محنت ڪش جو اسلام ۾ هڪ وڏو مقام ۽ مرتبو آهي، توڙي هو مٽي کوٽڻ وارو مزور ڇو نه هجي. هڪ حديث مطابق محنت ڪش الله تعاليٰ جو دوست چيل آهي. طوائفن کي ورڪر چوڻ محنت ڪش جي توهين آهي هن تي مزدور تنظيمن کي احتجاج ڪرڻ گهرجي. جسم فروشي جي ڪريل پيشي واري مجبوري ۾ ورتل عورتن سان واقعي همدردي آهي ته هن جو بهتر طريقو اهو آهي ته انهن کي سيڪس ورڪر نالو ڏيئي ڪري هميشه لاءِ زنده پوري ڇڏڻ انسانيت جي توهين ۽ تذليل آهي. انساني حقن جو نالي وٺندڙ ٺيڪيدارن کي گهرجي ته حڪومت تي زور ڀرن ته عورتن کي هن ڪريل پيشي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ڪو حل ڳولين ۽ اهڙن عورتن کي رضاڪارنه طور تي جيڪي هن ڌٻڻ کان نڪرڻ چاهين ٿيون، ماهانو وظيفو ڏئي، باقي زندگي شريفاني طور گذارڻ جي قابل بنائن. اقوام متحده جي انهن ادارن کي گهرجي ته پنهنجا فنڊ سماجي برائن جي خاتمي لاءِ خرچ ڪن، نه ڪي انهن جي پرچار ڪرڻ تي. بهرحال هڪ اسلامي ملڪ ۾ سيڪس ورڪرن جي تربيت سان بيحيائي ۽ فحاشي کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهڙن گڏجاڻن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي. ديني جماعتن، عالمن ۽ معاشري جي هر باشعور فرد کي فحاشي ۽ بيحيائي جي هن وهڪري اڳيان بند ٻڌڻ جو فڪر ڪرڻ گهرجي ۽ ڪو گڏيل تيار ڪرڻ گهرجي.
جواب: ايڊز جا هٿرادو انگ اکر ۽ عالمي ادارا ادا افتخار بهترين ونڊ آهي۔ ان موضوع ۾ معاشري جي هڪ انتهائي ڪڌي حساس ٽاپڪ تي ڳالهايو ويو آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي دين ڏانهن رجوع ڪرڻو پوندو جنهن ۾ هر مسئلي جو حل موجود آهي، نيز پاڻ ڪريم جن جي رياستي پاليسي ڏانهن موٽڻو پوندو۔
جواب: ايڊز جا هٿرادو انگ اکر ۽ عالمي ادارا جي ادا اوهان صحيح ٿا فرمايو ۔ ٻين دوستن کي اپيل آهي ته پهنجا تبصره ڏين
جواب: ايڊز جا هٿرادو انگ اکر ۽ عالمي ادارا ادا بهترين ونڊ آهي ..........................................................