ليڪک: ياسر محمد خان سنڌيڪار: افتخارعلي چوهاڻ عالم اسلام جي هڪ نئين قائم ٿيندڙ علمي اداري جو تعارف اها هڪ حيرت جوڳي خبر هئي، مون کي هن خبر مان تباهه حال، مفلوج ٻرندڙ سڙندڙ ۽ زوال ڏانهن ويندڙ اسلامي دنيا جي شاندار مستقبل جي هڪ لاٽ ڏسڻ ۾ آئي. اها خبر سعودي عرب جي فرمان روا شاهه عبدالله جي هئي. جنهن ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو هو ته شاهه عبدالله جدهه شهر ۾ kaust (ڪنگ عبدالله يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي) نالي سان هڪ وڏي تعليمي درسگاهه قائم ڪري رهيو آهي. شاهه عبدالله هن يونيورسٽي تي 7 ارب ڊالر يعني 5 کرب 60 ارب روپيه خرچ ڪري رهيو آهي. مون جڏهن ”ڪاؤسٽ“ kaust جي مزيد معلومات حاصل ڪئي ته مون کي خبر پئي ته اها يونيورسٽي نه صرف سعودي عرب پر اسلامي دنيا جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي آهي. هن يونيورسٽي ۾ يارهن شعبن ۾ تعليم ڏني ويندي جنهن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ سائنٽيفڪيٽ اچيومينٽ، بزنس، ايجوڪيشن اسٽريجڪ آئي ڏينٽي فڪيشن، ڪلٽي ويشن شعبه شامل آهن. يونيورسٽي اندر هڪ ئي وقت 5 هزار شاگرد تعليم حاصل ڪري سگهندا. هن ۾ سڀئي مضمون پڙهايا ويندا. شاگردن کي سڀئي سهولتون پڻ حاصل ٿينديون. جهڙوڪه: هن ۾ دنيا جون بهترين لائبريريون ۽ آڏيٽوريم حال هوندا. جديد ليبارٽريون هونديون، ريسٽوران، سوئيمنگ پول، پارڪ ۽ مسجدون هونديون. اها يونيورسٽي ڪيمرج ۽ آڪسفورڊ جي طرز تي تعيلم ڏيندي. يقين ڪيو جڏهن شاهه عبدالله جي علم دوستي جو اهو ڪارنامو ڏٺم. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ سوچي رهيو آهيان ته توڻي جو دير سان پر شاهه عبدالله جي ان ڪاوش جا اسلامي دنيا تي گهرا اثر پوندا. جيڪڏهن اسين اسلامي تاريخ جو مطالعو ڪنداسين ته اها حقيقت اڳيان اچي ٿي ته جڏهن اسان علم جو جهنڊو کنيون تڏهن اسان جون درسگاهون اسان جي ليباريٽرين، اسان جي اسڪولن ۾ علم ۽ ادب، فنون، سائنس ٽيڪنالوجي ۽ تحقيق و تاليف جو سلسلو هلندو رهيو. جيستائين اسين علم دوستي جا مثال رهياسين تيستائين سڄي دنيا اسان جي محتاج ۽ غلام رهي پر جڏهن کان وٺي اسين ڪتابن کي پوئتي اڇلائي ڇڏيوسين، تڏهن کان وٺي اسان جي درسگاهن، لائبريرين ۽ ليبارٽرين سان دلچسپي گهٽجي وئي، ان ڏينهن کان وٺي اسان زوال ڏانهن وڃي رهيا آهيون، تڏهن کان اسلامي دنيا جي حيثيت هڪ غلام کان وڌيڪ نه رهي آهي اها حقيقت آهي ته قومن جي ترقي ۽ عروج جو راز رڳو علم دوستي ۾ لڪيل آهي اوهان دنيا جي سڀني ترقي يافته ملڪن جي تاريخ کولي ڏسو، اوهان کي انهن جي ترقي پويان جيڪا طاقت نظر ايندي، اها آهي علم دوستي اوهان دنيا جي سپرپاور امريڪا کي ڏسو امريڪا جيڪڏهن مشرق ۽ مغرب ۾حڪمراني ڪري ٿو ته ان جو سبب آهي جديد تعليم، اوهان ان ڳالهه جو اندازو هن مان وٺو ته امريڪا جي شرح خواندگي 100 سيڪڙو آهي، جڏهن ته سائنس ۽ ٽيڪنالوجي، آرٽس، فنون، اسٽريجڪ ٽيڪنالوجي، ڊفينس ٽيڪنالوجي، زرعي، تحقيق، آبي ۽ خشڪي ريسرچ ۽ زمين و آسمان جون پيچيدگيون، فلڪيات، موسميات ۽ جنسي توليد تائين سڀني علمن تي امريڪا ۽ يورپ کي برتري حاصل آهي. هنن جي علم دوستي جو ڪمال آهي جو هو مريخ تي زندگي ڳولهي رهيا آهن. چنڊ تي زمينون وٺي رهيا آهن. خلا اندر دفاعي اسٽيشن ٺاهي رهيا آهن. نزلي ۽ زڪام کان وٺي ڪينسر ۽ هيپاٽائٽس جهڙن موذي مرضن جا علاج دريافت ڪري ڇڏيا اٿن. اوهان پنهنجي دل تي هٿ رکي ٻڌايو ته ڇا 62 اسلامي ملڪن ۾ ڪنهن ٿرماميٽر تيار ڪيو آهي؟ يا قبلونما ٺاهيو آهي. افسوس 62 اسلامي ملڪن ۾ اهڙو هڪ به ملڪ ناهي جيڪو جاءِ نماز يا تسبيح پاڻ ٺاهيندو هجي. اسان لاءِ ٽوپي به چين ٿو ٺاهي ۽ اسان جي قبلي جو تعين جاپان جو آلو (قبلو نما) ڪري ٿو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اڄ اسين دنيا جي هر شعبي ۾ مار کائي رهيا آهيون. مون کي حيرت ٿيندي آهي ته دنيا ڪٿي وڃي پهتي آهي، پر اسان اهو فيصلو نه ڪري سگهيا آهيون ته عيد ڪهڙي ڏينهن ملهائجي. اهڙي طرح سان اوهان چين کي ڏسو، چين ۽ اسان پاڪستانين کي آزاد ٿيندي 60 سال ٿي چڪا آهن. اڄ ڏسو چين ترقي جي ميدان تي آهي ته وري اسان ڪٿي بيٺا آهيون. اهو چين جنهن کي ٿڌي کان ٿڌي قوم ۽ ننڍي کان ننڍي قد واري قوم چيو ٿو وڃي هن قوم 60 سالن ۾ ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. سبب ڇا آهي؟ سبب اهو آهي جو چين علم دوست آهي. اوهان اندازو لڳايو چين جو 90 سيڪڙو عوام پڙهيل لکيل آهي. چين ۾ 2 هزار يونيورسٽيون ۽ ڪاليج آهن جنهن ۾ 22 لک کان وڌيڪ نوجوان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. اوهان کي ويتر حيرانگي ٿيندي ته چين اندر ساڍا ٽي لک ٻاهرين ملڪن جا شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. چين پنهنجي تعليمي سال 10-2009 لاءِ 45 سيڪڙو بجيٽ جو اضافو ڪيو آهي. اهي حقيقتون آهن جنهنڪري چين اڄ چين آهي. اوهان اهڙي طرح وري ڀارت کي ڏسو شرح خواندگي 70 سيڪڙو آهي جنهن ۾ 260 يونيورسٽيون ۽ 8 هزار ٻارهن سؤ پريميئر ڪالج آهن. جڏهن ته تعليم جي بجٽ هن جي ڊي پي جو 6 سيڪڙو آهي. ان جي مقابلي ۾ اوهان پاڪستان جي حالت ڏسو اسان وٽ شرح خواندگي رڳو 56 سيڪڙو آهي. 68 سيڪڙو مرد ۽ 43 سيڪڙو خواتين پڙهيل لکيل آهن جنهن مان 88 سيڪڙو پرائمري، 44 سيڪڙو سيڪينڊري ۽ رڳو 7-4 سيڪڙو پوسٽ سيڪينڊري تائين تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. جڏهن ته 17 ڪروڙ عوام لاءِ رڳو 128 يونيورسٽيون آهن ۽ جنهن مان گهڻي ڀاڱي پرائيويٽ آهن. اوهان پاڪستان جي وڏين يونيورسٽين کي ڏسو انهن مان هڪ به اهڙي ناهي جيڪا آڪسفورڊ يا ڪيمرج يونيورسٽي جي حيثيت جهڙي هجي ۽ جيڪا امريڪا يا يورپ جي تعليمي ادارن جو مقابلو ڪري سگهي. اوهان کي ويتر حيرانگي ٿيندي ته سڄي دنيا اندر اسلامي دنيا ۾ رڳو 700 يونيورسٽيون آهن جڏهن ته رڳو ٽوڪيو شهر ۾ 1000 کان مٿي يونيورسٽيون آهن. اڃان وڌيڪ غور ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته 700 يونيورسٽين مان هڪڙي به اهڙي ناهي جيڪا دنيا جي 500 وڏين يونيورسٽين ۾ شامل ٿي سگهي. اها صورتحال ڏاڍي شرمناڪ ۽ قابل غور آهي. ان کان پوءِ به اسين چئون ٿا ته اسين ترقي ڇو نٿا ڪيون، اسين يورپ جو مقابلو ڇو نٿا ڪري سگهون. آئون گهڻو ڪري اهو چوندو آهيان ته اسلامي، دنيا جي زوال جا گهڻا ئي سبب ٿي سگهن ٿا پر اسان جي تباهي جو مک ڪارڻ علم کان دوري آهي. آئون دعويٰ سان چئي ٿو سگهان ته جيڪڏهن اسلامي دنيا جا حڪمران ڪنگ عبدالله يونيورسٽي جهڙيون رڳو 100 يونيورسٽيون قائم ڪن ۽ انهن ۾ دنيا جو هرنصاب پڙهايو وڃي جنهن ۾ جديد ليباٽريون ۽ بهترين لائبريريون هجن ۽ انهن ۾ رڳو مسلمان شاگردن کي داخلائون ڏين جيڪي ڪائنات جي پيچيده رازن جي تحقيق ڪن تصنيف ۽ تاليف ڪن، قرآن مجيد کي بنياد بنائي دنيا جي ڏکين مسئلن جو حل ڳولين. مون کي يقين آهي ته اسين رڳو 20 سالن ۾ پنهنجي وڃايل ساک حاصل ڪري وٺنداسين. اسان يورپ ۽ امريڪا کان گهڻو اڳتي نڪري سگهون ٿا، پر افسوس جو اسان جا حڪمران 36 ڪلوميٽرن وارو محل ۽ فارم هائوس ته اڏي سگهن ٿا پر اهي يونيورسٽيون ۽ ڪالج نٿا ٺاهي سگهن ۽ اهوئي اسان جي غلامي، پستي ۽ اسان جي زوال جو سبب آهي. منهنجي دعا آهي ته شل الله تعاليٰ شاهه عبدالله وانگر اسان جي حڪمرانن کي به علم دوستي جو اهو جذبو ۽ سوچ عطا ڪري جيئن اسين پنهنجي وڃايل حيثيت کي ٻيهر حاصل ڪري سگهون.
جواب: عالم اسلام جي هڪ نئين قائم ٿيندڙ علمي اداري جو تعارف ادا افتخار صاحب اهڙو مضمون ترجمو ڪري اسان تائين پهچائڻ لاءِ لک لائق۔ گڏوگڏ اوهان پنهنجا مضمون جتي پبلش ڪرايو ٿا ته ان جو حوالو پڻ ڏيندا ڪريون ته بهتر ٿيندو۔ رهي ڳالهه مضمون جي ته ياسر محمد خان جن جي هن مضمون ۾ مونکي الاهي تحفظات آهن۔ هڪ ته خان صاحب مغرب کان ڪافي متاثر لڳي ٿو بلڪه جي مان ائين چوان ٿا هو مغرب کان مرعوب لڳي ٿو ته ان ۾ ڪا واڌائي نه هوندي۔ ٻئي ڳالهه ته خان صاحب جي ته آمريڪا ۾ شرح خواندگي 100 فيصد آهي ان ۾ به تحفظات آهن۔ ٽين ڳالهه ته اسان وٽ يعني مسلمان ملڪن ۾ ڪجهه به نه ٿو ٺهي اها ڳالهه به يقين جوڳي نه آهي، خان صاحب جي چوڻ مطابق ته مصلا يا تسبيحون وغيره به ڪو مسلمان ملڪ نه ٿو ٺاهي سا قابل يقين نه آهي۔ رهي ڳالهه ان اداري جي جنهن تي هي مضمون آهي يعني ڪنگ عبد الله يونيورسٽي سو ادا ان ۾ مسلمان ملڪن يا خان صاحب جهڙن مستشرقن کي زياده اميد نه رکڻ گهرجي، ان جي ڪارگردگي جي باري ۾ ڏسڻ گهرجي۔ نه ڪي صرف وڏا وڏا انگ ڏئي پاڻ کي آزاد ڪري ڇڏڻ، اهڙن مضمونن جو سطحي معلومات رکندڙن تي گِهرو اثر ٿيندو۔ پاڪستان ۽ مسلمان ملڪن جي يونيورسٽين جي تعداد سان گڏ لفظ (صرف) لڳائڻ وڏي نا انصافي ٿيندي۔ تعداد گهٽ نه آهي ، مسئلو اهو آهي ته اسان وٽ ڪارڪردگي يا رزلٽ گهٽ آهي، ان جي ذميواري اسان سڀني تي اچي ٿي۔ اميد آهي سمجهدار دوست ننڍڙو اشارو سمجهي ويا هوندا۔ وقت ساٿ ڏنو ته ان شاءَ الله ان تعليمي اداري بابت تفصيلي احوال ضرور ڏيندس۔ قرب ادا افتخار وري به ونڊ ڪرائڻ جا۔
جواب: عالم اسلام جي هڪ نئين قائم ٿيندڙ علمي اداري جو تعارف ادا اوهان جي ڳاله پنهنجي جگه پر اهو مضمون اصل ۾ شاعر مشرق جيان ستل خودي کي ڄڳائڻ لاء لکيو ويوآهي جي اوهان هن ريزن سان سوچيندا ته ضرور پنهنجي ڳاله تي نظرثاني ڪندا۔ شڪريه
جواب: عالم اسلام جي هڪ نئين قائم ٿيندڙ علمي اداري جو تعارف ڀاءُ ڪٿي رهيو شاعر مشرق ۽ ڪٿي آهي خان صاحب؟!!! اصل ۾ جيڪڏهن ستل خودي ئي جڳائڻي آهي ته شاعر مشرق جيان حوصله افزائي ڪرڻي پوندي، نه ڪي خان صاحب جيان حوصله شڪني۔