• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڦاٿاسين ته ڦٿڪڻ‌ڪهڙو!؟! مولا جي مولائي تي مهر

رنجيت

سينيئر رڪن
سنگت کي سلام

سڀ کان پهرين ته هن غريب الوطن کي معافي ڏيندا جو مان اوطاق تان يڪو غير حاضر ٿيو وڃان!

توهان کي ته خبر آهي ته توهان جي هن ناچيز دوست کي سنڌي ٽيلي سيريل جي 10 ايپيسوڊن ۾ ڪم ڪرڻ‌ جو موقعو مليو۔۔۔ جنهن ۾ مون هڪ ٻوڙي نوڪر جو ڪردار نڀايو، سنڌي سنگت پاران ٺهيل هن ٽيلي سيريل جا 10 ئي ايپيسوڊ‌ دوردرشن تي ٽيليڪاسٽ تي چڪا آهن۔۔۔ انهن ئي ايپيسوڊن مان هڪ جهلڪ توهان دوستن جي لا پيش‌آهي۔۔۔۔ اميد ته سنگت کي وڻندي ۽ انکي مُنهنجي غير حاضري‌جو نذرانو سمجهي اوطاق ‌۾‌اوطاقين سان گڏ ويهڻ جي اجازت ڏيندا ته حاضر آهي ڦاٿاسين ته ڦٿڪڻ ڪهڙو!!!!!

http://www.youtube.com/watch?v=d7NC86shZ44
 
جواب: ڦاٿاسين ته ڦٿڪڻ‌ڪهڙو!؟! مولا جي مولائي تي مهر

هاهاهاهاهاها......رنجيت ڀاڪي چنڀا ڏاڍا ٿو کائين، يار اداڪاري ته واھ جي ڪئي اٿئي، ۽ جڏهن نچين ٿو صفا ماما لالو ٿو لڳين.
 
جواب: ڦاٿاسين ته ڦٿڪڻ‌ڪهڙو!؟! مولا جي مولائي تي مهر

جيتوڻيڪ ادائن ذريعي ڪنهن کي کلائڻ ڪو سولو ڪم ناهي، پر تنهن هوندي به سنڌ سلامت جي پياري دوست رنجيت انهن ادائن سان سٺو نڀايو آهي ۽ لڳي ٿو ته جنهن مقصد ۽ نيت سان دوست رنجيت پنهنجو ڪيريئير شروع ڪيو آهي ته اهو ڏينهن پري ناهي جو هي دوست پنهنجا جوهر مڃائي وٺي ۔۔۔

ٻي خوشي جي ڳالهه ته اسانجي هندستان جا سنڌي پڻ معياري ۽ سٺا ڊراما ٺاهيندا ۽ لکندا رهنٿا، جنهن مان اهو ظاهر آهي ته اسانجي هندو دوستن سنڌ ته ڇڏي آهي پر سنڌي اڃان سندن روح ۾ رچيل آهي ۔۔۔

ٻي ڳالهه ته مٺا رنجيت، پنهنجون محنتون جاري ۽ ساري رک ۽ ڪنهن ڏينهن اچي سنڌ ۾ به ڪو ڊرامو رچائي وڃ ۔۔۔ دعا آهي ته ڪو اهڙو ڏينهن ضرور ايندو جو سنڌ خودمختيار ۽ آزاد هوندي ۽ اسانجا ساٿي جي هندستان هليا ويا آهن سي موٽي ايندا ۽ اچي سنڌ ۾ پنهنجا گهرڙا ٺاهي خوشيون ماڻيندا ۔۔۔

تمام سٺو دوست رنجيت ۔۔۔ Keep it up
 
جواب: ڦاٿاسين ته ڦٿڪڻ‌ڪهڙو!؟! مولا جي مولائي تي مهر

هاهاهاهاهاها......رنجيت ڀاڪي چنڀا ڏاڍا ٿو کائين، يار اداڪاري ته واھ جي ڪئي اٿئي، ۽ جڏهن نچين ٿو صفا ماما لالو ٿو لڳين.

بس ير اهي چنبا به اکين تي، ڇا ڪجي جڏهن اداڪاري جو جنون چڙهي ايندو آهي ته ماڻهو شاهه رخ جيان ٽرين جي مٿان چڙهي چل ڇئيان ڇئيان به ڪندو آهي پر مان ايئن ڪونه ڪندس ڇو جو انڊيا ۾ اڪثر ٽرينون بجلي تي هلنديون آهي بجلي جو ڪرنٽ‌لڳڀڳ 25000 واٽس هوندو آهي، خيئر باقي توکي مُنهنجي اداڪاري وڻي ان جي لا‌ مهرباني

جيتوڻيڪ ادائن ذريعي ڪنهن کي کلائڻ ڪو سولو ڪم ناهي، پر تنهن هوندي به سنڌ سلامت جي پياري دوست رنجيت انهن ادائن سان سٺو نڀايو آهي ۽ لڳي ٿو ته جنهن مقصد ۽ نيت سان دوست رنجيت پنهنجو ڪيريئير شروع ڪيو آهي ته اهو ڏينهن پري ناهي جو هي دوست پنهنجا جوهر مڃائي وٺي ۔۔۔

ٻي خوشي جي ڳالهه ته اسانجي هندستان جا سنڌي پڻ معياري ۽ سٺا ڊراما ٺاهيندا ۽ لکندا رهنٿا، جنهن مان اهو ظاهر آهي ته اسانجي هندو دوستن سنڌ ته ڇڏي آهي پر سنڌي اڃان سندن روح ۾ رچيل آهي ۔۔۔

ٻي ڳالهه ته مٺا رنجيت، پنهنجون محنتون جاري ۽ ساري رک ۽ ڪنهن ڏينهن اچي سنڌ ۾ به ڪو ڊرامو رچائي وڃ ۔۔۔ دعا آهي ته ڪو اهڙو ڏينهن ضرور ايندو جو سنڌ خودمختيار ۽ آزاد هوندي ۽ اسانجا ساٿي جي هندستان هليا ويا آهن سي موٽي ايندا ۽ اچي سنڌ ۾ پنهنجا گهرڙا ٺاهي خوشيون ماڻيندا ۔۔۔

تمام سٺو دوست رنجيت ۔۔۔ keep it up

ادا وڏا مهرباني!‌ بس توهان جون دعائون کپن اهو ڏينهن پري ڪونهي جو توهان جي هن اوطاقي جو نالو هاليوڊ‌ جي هڪ فلم ۾ هوندو جنهن جو نالو به مون سوچي ڇڏيو آهي هاڻي ان جو انگريزي ۾ نالو ڇا رکندا اها ته پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر کي خبر هوندي باقي سنڌي ۾ ان جو نالو ڪجهه هن ريت هوندو ته گناهه ڪندا ته اهڙا ٿي ويندا۔۔۔ ها ها ها ها

رهي ڳالهه هند ۽ هند جي سنڌين جي ته ادا سنڌي دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ به هجي پر پو به سنڌي هوندو، هتي اهڙا ڪيترائي ادارا آهن جيڪي سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه لا‌ پاڻ‌ پتوڙي رهيا آهن۔

باقي ادا واقعي اهو ڏينهن به جلدي ايندو جو پنهنجي سنڌ پنهنجي هوندي ۽ تڏهن مان سنڌو ديش ۾ اچي پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندس ۽‌ ان محفل جا خصوصي مهمان توهان هوندا۔

ڳالهه دل سان لڳي نه ادا وڏا!‌ آهيون ننڍا ۽ ڌماڪو وڏو آهي۔۔۔ :d: D

حق موجود
 
جواب: ڦاٿاسين ته ڦٿڪڻ‌ڪهڙو!؟! مولا جي مولائي تي مهر

يار رنجيت يقين ڪر واقعي ۾ اوهان تمام سٺا اداڪار آهيو........مان ته اوهان جو وڊيو ڏسي حيران ٿي ويس ته هي اُهو رنجيت آهي جيڪو خيرپور ۾ رڍون چاريندو هو =d>
 
ڇڏ ير هاڻي ڪچي نه ڪر نه !‌ هل خيئر آهي مُنهنجي آتم ڪٿا ته ٻڌائي ڇڏيئي ۽ اهو قصو نه ٿو ٻڌائي جيڪو مُنهنجا سنڌ ۾ گذاريل آخري ٻه مهينا ۽ توهان واريون 4 رڍون، انهن کي کي چرائڻ‌جا پئسا اڃا تائين ڪونه مليا آهن $-)
 
وڃڃڃڙي ڀيهان....اڃان ياد اٿئي....؟ آهستي ڳالهاء ته وري ان پوليس کي نه خبر پئي....جيڪا نانگ مان نوڙي ٺاهيندي آهي....۽ نوڙي مان نانگ ۽ بيگناھ ماڻهن کي ڊيڄاري انهن کان پيسا ڦوريندي آهي....۽ اصل گناھ گارن کي بوتلون ۽ ڪڙاهيون کرائيندي آهي......وري اُهي چوندا اسان جو حصو ڪاٿي آهي....ير ٿورو خيال ڪر.....هت اچين ته پوءِ ڪنداسين (ٽِيش) اسان جو ڪوڊ ورڊ آهي...سوچين ڇا ٿو.؟ ياد ڪان اٿئي ڇا..؟ اُهي رڍون به ان والي واري ڇر کي ڏنيو آهن.....اوڍر تي ترس پيسا ملن ته ڪجھ ڪيان ٿو مان.......
 
Back
Top