حڪيم نذير جڏهن ڪنهن به شيءِ جو تيل يا عرق ڪڍڻو هوندو آهي يا ڪنهن شيءِ جي پيسائي ڪرڻي هوندي آهي،ته پيڙهائي جي سخت مرحلي مان گذرڻ بعد،ان مان مقصد ۽ فائدي واري شيءِ يعني، تيل حاصل ٿيندو آهي. ساڳئي طرح انسان جڏهن زندگي جي لاهن چاڙهن يعني نشيب و فراز جي مرحلن مان گذري، پچي پڪو ٿي مڪمل ميچوئر ٿيندو آهي ته زندگي جي هر قدم ۽ مرحلي تي هن كي پيش آيل تجربن مان سبق سكيا ۽ حاصل ٿي چڪو هوندو آهي، پنهنجي تجربي جي آڌار تي هو، جيڪو به ڪم هٿ ۾ كڻندو آهي، ان ۾ ڪامياب ٿيندو آهي انسان جي ڀلائي ۽ بهتر مستقبل لاءِ اڪثر ڏاهن ۽ سياڻن پنهنجن ڪتابن ۾ سٺا ۽ ڪار آمد نصيحت جا نقطا، بيان ڪياآهن ته جيئن موجوده ۽ ايندڙ نسل كي، رهنمائي ٿئي. اهو به هڪڙي قسم جو جاري صدقو آهي. هن موضوع تي اڪثر ڪالم لكندو رهندو آهيان ۽ پڙهندڙن طرفان همت افزائي جي صورت ۾ سٺي موٽ به ملندي رهندي آهي. تازو هڪ دلچسپ خط ڪنهن ڪالم پڙهندڙ ڀاءُ جو مليو آهي، نالي ۽ ائڊريس وغيره لكڻ جي رازداري ركڻ منهنجو اصول رهيو آهي، جنهن تي شروع كان عمل ڪندو پيو اچان. دوست لكيو آهي ته توهان جو لكيل طبي ڪتاب ”بيمارين جا سبب ۽ جديد علاج“ چار مهينا توهان كان اڳ نصيحت جي نقطن جو به لكيل هو. اسان جي برادري ۾ ڪو راڄوڻي فيصلو هو. جنهن ۾ منهنجو اهم ڪردار هو، مان توهان جو لكيل ڪتاب كڻي، ان ۾ لكيل توهان جا نصيحت وارا گفتار سڀني كي جڏهن ٻه ٽي دفعا پڙهي ٻڌايا ته مخالف ڌر جي امين جيڪو ديندار ماڻهو به هو ، ڪافي متاثر ٿيڻ بعد نرم ٿيو ۽ مسئلي كي ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيو. ۽ ٻنهي ڌرين ۾ پراڻي بدمزگي ۽، رنجش دور ٿيڻ جو سبب بڻيو ۽ توهان كي توهان جي لكيل ڪتاب ۽ نڪتن لاءِ سڀئي دعاگو ٿياسين ۽ ڌريون ماضي وساري ، پاڻ ۾ كير كنڊ ٿي ويون. خط لكندڙ ڀاءُ كي جواب ڏنم ته هو سب رب پاڪ جو فضل ۽ ڪرم ۽ راضپو سمجهو ، جنهن صحيح حقيقت سمجهڻ جي توفيق ڏني. اڄڪلهه جي نفسا نفسي واري دور ۾ ڪير ٿو ڪنهن جو چوڻ مڃي ۽ نصيحت جو اثر وٺي، هر ڪو سوا سير آهي، جڏهن رب پاڪ طرفان هدايت ۽ ساڃاهه ملڻ جو حڪم ۽ ارادو ٿيندو آهي ته ڪو نه ڪو دنيا ۾ سبب پيدا ٿيندو آهي، مختلف ڪتابن جي مطالعي مان جيڪا سٺي ۽ چڱي ڳالهه وڻندي آهي، ڊائري ۾ نوٽ ڪري ڇڏيندو آهيان. ڪالم پڙهندڙن جي ذهني صحت كي تازي ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪجهه جملا لكندو آهيان. هدايت هادي جي هٿ ۾ آهي،ڪنهن هڪ به جملي ۽ نصيحت تي، جنهن عمل ڪيو ته لكڻ جي محنت ملي وئي. معاشري ۾ روزانه بيشمار ظلم، زيادتيون ٿين ٿيون. اخبار ۾ ته صرف چند واقعا رپورٽ ٿين ٿا. هر واردات ۽ واقعي جو بنياد شيطان گيري، ڪاوڙ، قاعدي قانون كان بي پرواهي، هوڏ، گارگند. داداگيري ۽ پاڻ كي وڏو ۽ ڏاڍو سمجهڻ هوندو آهي، اسان قانون توڙي ٻي جو پٽڪو لاهي، بي عزت ڪري خوش ٿيندا آهيون، انهيءَ انجام كان بي خبر ۽ بي پرواهه ته ڪڏهن اسان جو به ڪير پٽڪو لاهي سگهي ٿو ، وقت ۽ حالتون سدائين هر ماڻهؤ لاءِ هڪ جهڙا نه رهندا آهن. اڄ جي ڪالم ۾ به ڪجهه چونڊيل نصيحت ڀريا جملا لكان ٿو. پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي ته ڪيترو ٿا پسند ڪن ۽ ان مان اثر وٺن. هر چور ڌاريل تيستائين اشراف ۽ معتبر آهي. جيستائين پڪڙجي نٿو، وقت اهڙو اچي ويو آهي، جو انڌو ٺوڙهيءَ تان پيو ٺٺوليون ڪري، محبت سان دشمن تي فتح حاصل ڪرڻ مڪمل فتح آهي. هر ماڻهو پنهنجو وڻ جدا ۽ الڳ جاين تي پيو لڳائي، ان ڪري انسانيت ۽ سڃاڻپ جو باغ تيار نٿو ٿئي. سون مٽي ۾ ملي وڃي، تڏهن به سون ئي رهي ٿو. گفتگو گار سان شروع ڪري، گلن جي هار جي اميد ركڻ گڏهه كي گج پارائڻ برابر آهي. انسان جون پريشانيون ٻن ڳالهين جي ڪري وڌن ٿيون. هڪ تقدير يعني مقدر جي لكئي كان وڌيڪ اميد ركڻ، ٻيو مقرر وقت كان اڳ سڀ ڪجهه ملي وڃڻ. جي آرزو ركڻ جيڪي ماڻهو معافي، مفاهمت، محبت، مٺاس، صلح، صفائي، خدمت، يارن جو يار ٿيڻ، درگذر،ڪشاده دلي،خلوص جهڙين خاصيتن كان خالي هوندا، اهي محبت جي مزي ۽ مٺاس كان بي خبر زندگي گذاري ، جڏهن هن دنيا مان موڪلائي وڃن ٿا ته كين ڪير به ياد ڪرڻ وارو 2 باقي نه هوندو آهي. اهڙا ماڻهو بي فيض سمجهيا ويندا آهن. انسان جو جسم هڪ دڪان مثال آهي. زبان ان جو تالو آهي، جڏهن اهو تالو كُلي ٿو ته خبر پوي ٿي ته دڪان سون جو آهي، يا ڪوئلي جو. ڪنهن كان حق طلب ڪرڻ كان پهريائين سوچيو ته توهان كي به ڪنهن جو حق ادا ڪرڻو آهي. غريب هوندي سنگدل ٿيڻ،وڏي بدنصيبي آهي. جيڪو انسان ٻئي كي ڏكوئي ٿو، اهو رب پاڪ جو قرب حاصل ڪري نه سگهندو. جڏهن ٻار بيمار ٿيندو آهي ته ماءُ كي دعا گهرڻ جو سليقو پاڻ مرادو اچي ويندو آهي. ڪنهن انسان جي بي عقلي جي وڏي نشاني، سندس ضرورت كان وڌيڪ ڳالهائڻ آهي. دهل ٿوري به ڌڪ سان وڏو آواز ان ڪري ڪندو آهي، جو سندس اندر يعني پيٽ خالي هوندو آهي. هر ماڻهؤَ سان سندس عقل مطابق گفتگو ڪرڻ گهرجي. ڪنهن ماڻهؤَ سان پنهنجي دل جي ڳالهه اورڻ كان پهريائين، اهو اندازو لڳايو ته هن كي توهان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ڪيتري دلچسپي آهي. بيوقوف ڳالهائيندو رهندو آهي، جيڪو ٻڌندڙ لاءِ مٿي جو سور هوندو آهي. احساس ڪمتري ۾ مبتلا شخص، ڌمڪيون، داٻا ۽ دڙڪا ڏيئي، پنهنجي بيوقوف هئڻ جو ثبوت ڏيندو آهي. محفل ۾ لڳاتار ڳالهائيندڙ ماڻهؤَ جي گفتگو كي بڪواس چئبو آهي، جيڪا ڪم ظرفي جي نشاني آهي. تحمل، برداشت، سهپ ۽ صبر خانداني ۽ بنيادي ماڻهؤَ جي نشاني آهي. دنيا ڪافي ترقي ڪئي آهي، ليڪن كوهه ۽ درياهه جي ڪناري تي ويٺل ڏيڏر كي ڪير به ماٺ نٿو ڪرائي سگهي. قضا ۽ قدرت جي پڪڙ اطلاع ڏيئي نه ايندا آهن. ان ڪري هر وقت پاڻ كي هيٺاهون ركجي ۽، گهٽ ۽ قصور وار سمجهي، معافي طلب ڪندو رهجي.آڪڙيل، هٺيلي، ضدي ۽ بددماغ ماڻهؤَ كي ڪابه به نصيحت ۽ سمجهاڻي اثر نه ڪندي آهي. ان جو علاج وقت آهي. همدرد، هڏ ڏوكي دوست بنائڻ ۾ وقت لڳي ٿو، ليڪن دشمن پنجن منٽن جي بد زباني سان بڻجي وڃي ٿو. ڇا توهان جون نيڪيون، چڱايون ايتريون سوليون سستيون ۽ آساني سان ڪمايل آهن،جو چند لفظ گلا، غيبت ۽ گارگند جا ڳالهائي، مخالف جي كاتي ۾ مفت جمع ڪرايو ٿا. ڪڏهن انسان جا نه ڪيل گناهه به مڪافات عمل طور اوچتو ڳچي ۾ پئجي ويندا آهن. جيڪو ماڻهو پاڻ كي سوا سير سمجهي ٿو اهو ڪڏهن پاءُ تور ۾ به نه ماپجي سگهندو آهي، ڇاڪاڻ ته وقت ۽ حالتون سدائين هڪ جهڙا نٿا رهن. جيڪو انسان پنهنجي محسن كان منهن موڙي ٿو، اهو هڪ ڏينهن رب پاڪ جي بي شڪري ڪري سگهي ٿو. اعليٰ ظرف انسان ڪڏهن به ٻين جا ٿيل احسان نه وساريندو. عطا ۽ عنايت سڀ رب پاڪ جي طرفان آهي، ليڪن ذريعي ۽ وسيلي جي پنهنجي جاءِ تي اهميت آهي. اڄ ڪريو، سڀاڻي ڀريو، ان اصول تي دنيا ورهين كان هلي پئي. فرد نيت نيڪ هجي اهڙي صورت ۾ دشمن كي توهان جي ذات مان خوف نه ٿيندو چڱائي ۽ ڀلائي توهان جي سوچ هجي، پوءِ توهان كي فڪر جي ضرورت نه آهي، ته دنيا وارا توهان لاءِ ڇا ٿا چون،ان خوشفهميءَ ۾ رهڻ ته ماڻهو هميشه توهان جي تعريف ڪندا رهن، بيوقوفن جي بازار ۾ گهمڻ برابرآهي. رب ذوالجلال جون بيمشار نعمتون، روزانه استعمال ڪري، ان ذات پاڪ كي سجدو نه ڪرڻ وڏي ناشڪري آهي. موجوده معاشري ۾ ڪاوڙ، ڪينو ڪرپشن، ڪميشن، قتل، ڪاروڪاري، قبضه مافيا، ڪَڌا ڪم، ڪوڙ، ڪيس، ڪاهل ڪامورا، قهري ڪارواريون، ڪيس، ڪورٽون، قانون جو قتل، ڪوڙيون شاهديون ڏينهون ڏينهن ترقي تي آهن. هر ڪنهن كي ٽڪُر جو فڪر آهي. لوفر ۽ مٿي اگهاڙي لاءِ مسئلو نه آهي. آخري ڪسر ڪوڙي لوڊشيڊنگ ۽ واپڊا لاءِ واويلا، پوري ملڪ كي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آهي. اشراف ماڻهو ڪنهن ٻي دنيا كي وڃي وسائين. جنهن ماڻهؤَ ۾ سچ ٻڌڻ جي برداشت نه آهي، اهو ڪڏهن به تبديل ٿي نه سگهندو، ٻٽا معيار اسان جي ترقي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن.صاحب اقتدار وڇون، جيڪي قطار ۾ وڃي رهيا هئا، ڪنهن پڇيو ته توهان جو سردار ڪير آهي؟ وڇونءَ جواب ڏنو ته ڪنهن هڪ جي ڏنگ تي هٿ ركي ڏس، اهو سردار آهي. نياڻين وارو ماڻهو جيترو محتاط ۽ علقمند هلندو، اوترو ئي نياڻين لاءِ سون جي سيج وڇائيندو. مٺي زبان ۽ نرم لهجي سان، جيڪا جيڪو پوک پوكيندو، فصل به اوترو مٺو ملندو. ڪيترو نه بيوقوف آهي، اهو شخص جيڪو پنهنجي جسماني، ذهني توانائي ۽ طاقت مخالف خلاف سوچيندي ضايع ڪري ٿو، حالانڪه نفعو نقصان ڪنهن اهڙي بي پرواهه طاقت جي اختيار ۾ آهي، جنهن تي ڪنهن جو اختيار نه آهي. ضروري نوٽ: هي جملا ۽ نصيحت جا نڪتا، دل سان هنڊائڻ ۽ عمل ڪرڻ لاءِ آهن، پنهنجو پاڻ جائزو وٺو،ڪهڙي ڳالهه توهان سان فٽ اچي ٿي. هن ڪالم جي ڪٽنگ ڪري فوٽو ڪاپي ڪرائي، دوستن كي ڏيو اهو به هڪ صدقو آهي. پاڻ رڳو هر هفتي هڪ ٻه ڀيرا پڙهندا رهو ته شيون ذهن نشين ٿينديون رهن. عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ڪاميابي ماڻڻ نصيب جي نشاني آهي. منهنجا لكيل لفظ حرف آخر نه آهن. ڪا ڪوتاهي هجي ته آگاهه ڪندا. ڪنهن به طبي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ خط لكي، جوابي لفافو ائڊريس لكي موڪلي، جواب عاقل پلازه گورنمينٽ ڪاليج روڊ حيدرآباد تان حاصل ڪري سگهجي ٿو.
جواب: زندگيءَ ۾ ڪم ايندڙ نڪتا ۽ گفتا ادا هڪ وڌيڪ بهترين ونڊ اوهان طرفان۔ محترم حڪيم نذير احمد شيخ صاحب جن جو هي مضمون مون پڻ بيداري رسالي ۾ ڏٺو هو۔ سائين شيخ صاحب واقعي هڪ بهترين شخصيت آهن، خاص طور هن عاجز تي مهربان ۽ محسن آهن۔