• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊيليٽ ٿيل يا وائرس ورتل ميڊيا فائيلز هاڻي ريڪور ڪرڻ آسان۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
x37tbs.jpg

هوئن ته توهان پنهنجي ڊيٽا کي ريڪور ڪرڻ لاءِ کوڙ سارا ٽولز آزمايا هوندا۔۔۔ پر اهڙا اڪثر سافٽويئر يا ته ميڊيا فائيلز جهڙوڪ آڊيو يا وڊيو گيت ريڪور ڪري نه سگهندا آهن۔۔۔ ڀلا جيڪڏهن ڪنهن طرح ريڪور ڪري به وڃن ته وري اهي ميوزڪ فائيلز هلڻ کان اصل نابري واريو ويهن۔۔۔۔ پر اهڙن ساٿين لاءِ جيڪي پنهنجي پي سي کي پروفيشنلي يا شوقيه گيتن سان ڀريل رکندا آهن ۽ ڪنهن سبب پنهنجي پسند جا گيت ڊيليٽ ڪري ويٺا هجن يا وري ڪنهن وائرس جي حملي سبب ضايع ڪري ويٺا هجن اهي آزمائن منهنجو آندل O&O MediaRecovery سافٽوئير۔۔

fx4268.jpg

جنهن جي ذريعي نه صرف توهان جي پسند جا آڊيو يا وڊيو گيت جيڪي ڪهڙي به فارميٽ ۾ هجن آساني سان ريڪور ڪري سگهجن ٿا پر پنهنجيون تصويرون يا ضايع ٿيل البم ٻيهر بحال ڪري سگهن ٿا۔۔۔ هن سافٽويئر جي اضافي خوبي اها آهي ته هي سافٽويئر نه صرف توهان جي هارڊ ڊسڪ منجهان ضايع ٿيل ڊيٽا ريڪور ڪري سگهي ٿو پر ڊجيٽل ڪيمرا، فليش ڊرائيو ۽ ميموري ڪارڊ منجهان پڻ ضايع ڪيل ڊيٽا واپس آڻڻ‌جي سگهه رکي ٿو۔۔۔

ياد رهي ته هي 30 ڊالر جو سافٽويئر آهي پر مان هميشه وانگر توهان کي مفت ۾ حاصل ڪرڻ سيکاريندس۔۔۔
سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري سافٽوئير جي پروموشن پيج جو ڦيرو ڀريو۔۔۔

2q8cwus.jpg

جتي پنهنجي اي ميل لکي سافٽويئر جي ڪوڊ جي درخواست موڪليو۔۔۔ جيڪا ڪجهه ئي سيڪنڊن منجهه توهان جي اي ميل باڪس تائين پهچي ويندي۔۔
هاڻي هتي ڪلڪ ڪري هن سافٽويئر جو ورجن نمبر 4 ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔ اهڙي طرح توهان هي ڪارآمد سافٽويئر مفت ۾ حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔ 
 
جواب: ڊيليٽ ٿيل يا وائرس ورتل ميڊيا فائيلز هاڻي ريڪور ڪرڻ آسان۔۔۔

واه ادا واه بهترين شيئرنگ آهي...........
 
جواب: ڊيليٽ ٿيل يا وائرس ورتل ميڊيا فائيلز هاڻي ريڪور ڪرڻ آسان۔۔۔

واھ واھ سائين بهترين سافٽوير۔۔۔مان آزمائي ڏسان ٿو۔
 
Back
Top