عاشق سولنگي
سينيئر رڪن

ميدان عرفات(اي پي پي) سعودي عرب جي مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز اسلامي دنيا کي چيو آهي ته موجوده دؤر جي چئلينجن ۽ مشڪلاتن سان مقابلو صرف اتحاد ۽ يڪجهتيءَ تي قائم رهندي ئي ڪري سگهجي ٿو، ايمان تي هلنداسين ته دنيا جي ڪابه طاقت اسان جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندي، اسلام قتل ۽ غارت ۽ دهشتگرديءَ جي مذمت ڪري ٿو، هن ڌرتيءَ تي وڳوڙن جا منصوبا جوڙيندڙن ۽ معصوم انسانن کي نقصان پهچائيندڙن جو دين سان ڪوبه تعلق ناهي، نوجوانن کي ورغلائڻ ۽ انهن کي تشدد جي تربيت ڏيڻ اسلامي تعليم جي ابتڙ آهي، حاجي سڳورا ڪثرت سان الله رب العزت آڏو دعا ڪن ته اسان جو ڪلمو هميشه مٿاهون رهي ۽ دشمنن جا ارادا ناڪام ٿين، اسلامي نظام تي ان جي روح مطابق عمل ڪيو وڃي ته دنيا مان بيروزگاري ۽ غربت جو خاتمو اچي ويندو، الله رب العزت اسان کي اهڙي قيادت عطا فرماءِ جيڪا اسان جي صحيح رهنمائي ڪري سگهي. سمورن انسانن کي هڪٻئي جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ ٻئي سان محبت ڪرڻ گهرجي، اسلام صرف هڪ نظرياتي دين ناهي پر ان جي عملي اهميت پڻ آهي، هن چيو ته جيڪو شخص فرض نمازن جي پابندي ڪري ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ نفلي عبادت ڪري ٿو اهو الله رب العزت جي محبت کٽي وٺي ٿو، ان جا تفصيل ڪتاب ۽ سنت ۾ پوري تفصيل سان موجود آهن، هن چيو ته ڪنهن به پنهنجي طرفان دين ۾ ڪو واڌارو يا پنهنجي طرفان ڳالهيون داخل ڪيون، رسول الله جي ارشاد مطابق ان جو دين سان ڪو به تعلق ناهي. ايمان جي دعوائن سان پنهنجي مسلمان ڀائرن جو رت وهايون ٿا، ايمان جي دعوائن سان ڪمزورن سان زيادتيون ڪريون ٿا، نوجوانن کي وڳوڙن ڏانهن راغب ڪريون ٿا ۽ اصل رستي تان هٽايون ٿا، نوجوانن کي ورغلائڻ ۽ تشدد جي تعليم ڏيڻ ديني تعليم جي ابتڙ آهي. جڏهن ته لکين حاجي سڳورن ميدان عرفات ۾ وقوف ڪري حج جو سڀ کان وڏو رڪن ادا ڪيو بعد ۾ مزدلفر پهچي ويا. اڄ مزدلفر مان واپسي منيٰ پهچي وڏي شيطان کي ست پٿريون هڻندا.
روزاني عوامي آواز،