• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪنهن پياري جي موت جو اثر دل تي

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
2ur5a9l.jpg

هڪ تحقيق موجب ڪنهن ويجهي عزيز يا پياري جيو موت جو غم دل ڌڙڪڻ جي رفتار ۾ تبديلي پيدا ڪري ڇڏي ٿو ۽ اهڙن غمزده ماڻهن ۾ دل بابت بيمارين جو خطرو وڌي ويندو آهي. يونيورسٽي آف سڊني ۾ ڪيل ان تحقيق ۾ 78 اهڙن مردن ۽ عورتن جو جائزو ورتو ويو، جن کي پنهنجي جيون ساٿي يا والدين جي موت جو صدمو برداشت ڪرڻو پيو هو، تحقيق دوران اهڙن ماڻهن کان 24 ڪلاڪ دل جي ڌڙڪڻ ماپڻ وارو اوزار پائڻ جو چيو ويو، جن جا مٽ مائٽ ٻه هفتا يا گهٽ وقت اڳ انتقال ڪري ويا هئا. انهن غمزده ماڻهن جي دل جي رفتار اهڙن ماڻهن کان تيز محسوس ٿي، جن کي صدمو نه پهتو هو، غم ۾ چور ماڻهن جي دل ايوريج جي لحاظ سان هڪ منٽ ۾ 75 دفعا ڌڙڪڻ جڏهن ته ٻين ماڻهن جي في منٽ ڌڙڪڻ جي رفتار 70.7 ماپي وئي. تحقيقاتي ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر ٽامس بڪلي جو چوڻ آهي ته دل جي ايتري تيز ڌڙڪڻ اهڙن ماڻهن لاءِ دل جي دوري جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو جيڪي اڳ دل جي بيماري جو شڪار آهن. هن چيو ته تحقيق مان اهڙن غم ۾ چور ماڻهن کي مدد ملندي جيڪي اڳ کان دل جي بيماري جو شڪار آهن ۽ کين اهڙي صورت ۾ طبي امداد حاصل ڪرڻ گهرجي. تحقيق ۾ اها به خبر پئي ته موت جي ڇهن مهينن کان پوءِ غم زده ڪٽنبن جي دل جي ڌڙڪن معمول تي واپس آئي. هوڏانهن نيو يارڪ جي اسڪول آف ميڊيسن سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر رچرڊ اسٽين جو چوڻ آهي ته اها تحقيق ان ڳالهه کي ڄاڻڻ جي سلسلي ۾ پهريون اهم قدم آهي ته ڪنهن ويجهي مائٽ يا پياري جو موت اوهان جي صحت کي ڪهڙي حد تائين متاثر ڪندو آهي، هن چيو ته اهڙن غم ۾ ورتل ماڻهن کي صحت بهتر بڻائڻ لاءِ ورزش ۽ سماجي رابطن جو سهارو وٺڻ گهرجي.

روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان
 
جواب: ڪنهن پياري جي موت جو اثر دل تي

جڏهن انسان مسلمان مان ڦري مومن ٿي پوي، مومن ان کي چئبو آهي جنهن جو ايمان الله ۾ مضبوطيءَ سان هجي ۔۔۔ تنهن وٽ موت جي ڪا اهميت ناهي هوندي، انجو پرين پيارو مري ويندو آهي ته ڏک ضرور ٿيندو اٿس پر دل جي تڪليف نه ٿيندي اٿس جو ان دل تي الله جو قبضو هوندو آهي ۽ جنهن دل ۾ الله رهندو هجي، ان کي ڪوبه سماجي ڏک يا معاشرتي تڪليف نقصان رسائي نٿي سگهي ۔۔۔ اهو منهنجو ايمان آهي ۔۔۔

پنهنجي دل ۾ الله جي ايمان کي پئدا ڪريو ۔۔۔ باقي بيماريون به هزار ته انهن جا اسباب به هزارين هوندا آهن ۔۔۔۔ رب پناه ۾ رکي ۔۔۔ آمين
 
آمين سائين......اوهانجي ڳالھ بلڪل سهي آهي.
 
Back
Top