سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي سنڌ سلامت جي انتظاميه پاران دل جي گهراين سان عيد الاضحي جون لک لک واڌايون هجن ۔۔۔۔ رب العالمين جي در دعا آهي ته هو سنڌين ۽ سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين ۽ دوستن ۽ انهن جي گهر ڀاتين کي پنهنجي امان ۾ رکي ۽ کين عيد جهڙيون هزارين خوشيون عطا ڪري ۔۔۔ آمين دعا آهي ته سڀني انهن سنڌين جن حج جي سعادت حاصل ڪئي آهي، انهن جو حج قبول پوي ۽ هو باقي زندگي حق ۽ سچ جي زندگي گذاري رب جي بارگاهه ۾ سرخرو ٿي وڃن ۔۔۔ آمين سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست، مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين۔
جواب: عيد الاضحٰي جون واڌايون پرين پرديسي پيارا اوهان ۽ سڀ سنڌين کي هن عاجز طرفان به لک واڌايون، الله حاجين جو ٍحج ، قرباني ڪندڙن جي قرباني قبول فرمائي۔ پنهنجو احوال ڏيو حج ڪرڻ جي اجازت ملي اوهان کي يا مڪي وارن کي؟
جواب: عيد الاضحٰي جون واڌايون سائين خيئر مبارڪون سائين اسان فقير پاران به توهان کي عيد مبارڪون هجن ، باقي سنڌ سلامت فورم جي دوستن کي پڻ عيد جون واڌايون هجن الله پاڪ اسان جي قرباني کي قبول ڪري هڪ دفعو ٻيهر تمام دوستن کي عيد مبارڪ هجي سدائين گڏ
جواب: عيد الاضحٰي جون واڌايون فقير سائين مونکي ته مڪي ۾ وڃي ڪري ڪمائي ڪري اچڻجي موڪل ڪونهي پر ير تون لڳي ٿو اڃا شڪارپور ۾ ويٺا آهيو ڇا۔۔۔ ؟؟؟ ير ايئن نه ڪر ٻيلي هتي انڊيا ۾ حال حيڻا لڳا پيا آهن۔۔۔ تون به جي سعودي نه ويندين ته ير پنهنجو ڇا ٿيندو۔۔۔ ڏاهو ٿي ادا۔۔۔۔
جواب: عيد الاضحٰي جون واڌايون فقير ادا قرباني ۾ ڪنهن کي ڪُهندين ڀلا؟ اوو سوري ٻڪرو ورتو اٿو؟ يا گابو؟ يا ڳئون، مينهن ، ڍڳو پير پيران؟؟
جواب: عيد الاضحٰي جون واڌايون ادا رنجيت جي هاڻ فقير سعودي جو رخ ڪيو ته هنن به سکر ايڪسپريس تيار ڪرائي ڇڏي آهي۔
جواب: عيد الاضحٰي جون واڌايون اها ڳالهه به بروبر آهي پر ان ۾ اڃا پنڻ جي سهولت ڪونه هوندي۔۔۔ فلحال حاجين سڳورن جي لا ٽرائل تي پيئي هلي۔۔۔
جواب: عيد الاضحٰي جون واڌايون منهنجي طرفان سنڌ سلامت فورم جي سڀني دوستن کي دل جي گهراين سان عيد مبارڪ۔
جواب: عيد الاضحٰي جون واڌايون سڄي سنگت کي مست جي طرفان به دلي عيد مبارڪ هجي۔۔۔ دير آيد درست آيد۔۔۔۔ سڀني مبارڪ ڏئي بس ڪئي هاڻ مست جو وارو آيو آهي۔۔۔ ها ها ها