نثارابڙو
نائب منتظم
دوستو! ترقي يافته قومون پنهنجي ملڪ ۾ هميشه ترقياتي ڪمن تي پنهنجا وسيلا خرچ ڪري دنيا ۾ سرخرو ٿينديون آهن ۔۔۔ سعودي حڪومت عمري ۽ حج تي ايندڙ ماڻهن کي سکيو ۽ ستابو رکڻ لاءِ پنهنجيون سڀ توانايون استعمال ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي ۔۔۔
ڪنهن شهر ۾ 30 لک ماڻهن جو گڏ ٿيڻ ۽ اهو به ڪو هڪ ڏينهن نه، ٻه ڏينهن نه پر پورو هڪ مهينو ۔۔۔ جنهن ۾ انهن جي رهائش، انهن جي گهمڻ ڦرڻ لاءِ گاڏيون ۽ کاڌ خوراڪ مهيا ڪرڻ ڪو آسان ڪم ناهي ۔۔۔ ۽ وري شهر جو نظام برقرار رکڻ به پنهنجي جاءِ ته هڪ ڪارنامو آهي ۔۔۔
جنهن جاءِ تي مڪي شهر کي هڪ نئين سهولتن سان آراسته شهر ٺاهيو پيو وڃي ان جاءِ تي هڪ تڪڙي خدمت پيش ڪندي، ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ ريل جي سهولت مهيا ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پهرين ڏينهن تي 66 هزار ماڻهن سفر ڪيو ۔۔۔ هيءَ ريل جي سهولت مهيا ڪرڻ به ڪو آسان ڪم نه هو، جو ڏکئي ۽ ورن وڪڙن واري جابلو علائقي مان ان ريل جي پٽڙيءَ کي گذارڻو هو ۔۔۔ چائنا جي ڪمپنيءَ اهو ڪم ڪري ڏيکاريو ۔۔۔۔ ۽ ريل جي خدمت شروع ٿي وئي آهي ۔۔۔
زنده قومون هميشه پنهنجي قوم جو ڳاٽ اوچو رکڻ لاءِ ڪم ڪنديون رهنديون آهن ۽ قومي خدمت ۾ پاڻ ملهائينديون آهن ۔۔۔ هي ڪجهه تصويرون آهن مڪي پاڪ ۾ حاجين (الله جي مهمانن) لاءِ ريل جي سهولت جون ۔۔۔