• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حمد شريف مرحوم نثار بزمي

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
منهنجي به تون صدا ٻڌ او آسمان وارا۔
ڪاڏي ڀلا وڃان مان ساري جهان وارا۔


توکان سواءِ ڪوئي ناهي رهيو سهارو،
وچ سير ۾ آ ڪشتي ۽ دور آ ڪنارو،
ڪر پار منهنجا پرور! شايان شان وارا۔


ڪنهن کي ٿو ڏک ڏيکارين ڪنهن جا ته ڪم ئي سولا،
مارين يا تون جيارين مرضي آ تنهنجي مولا،
تون ئي ٿو راز ڄاڻين سودو زيان وارا۔


هي چنڊ هي ستارا دربان تنهنجا آهن،
هر چيز تي خدايا احسان تنهنجا آهن،
سجدا ڀرن ٿا تو تي گل گلستان وارا۔


تون ڪارساز قادر پروردگار پرور،
الله آهين بيشڪ آقا ۽ آهين اڪبر،
آهن خطاب تنهنجا افضل ۽ مان وارا۔


هر جاءِ تي هلي ٿي ساراهه تنهنجي سائين،
ڪنهن کي بقا نه ”بزمي“ پر تون رهين سدائين،
آڻيان ڪٿان اکر مان تنهنجي بيان وارا۔


مرحوم نثار بزمي
 
Back
Top