• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حمد شريف مرحوم سليم ڳاڙهوي

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
زماني کي هلائيندڙ چلائيندڙ خدا آهي۔
سموري خلق کي روزي رسائيندڙ خدا آهي۔


فلڪ سج چنڊ ۽ ڌرتي ڪيائين پنهنجي قدرت سان،
ملائڪ جن ۽ ماڻهو نپائيندڙ خدا آهي۔


اٿاري ٻاڦ پاڻيءَ مان ڪري ٿو بند بادل ۾،
اشاري امر سان بادل وسائيندڙ خدا آهي۔


وسائي وڏ ڦڙا واحد ڦٽائي ٿو سلا ساوا،
سلن ۾ سنگ ۽ داڻا سمائيندڙ خدا آهي۔


جبل ۽ جهنگ جوڙيندڙ نديون نهرون وهائيندڙ،
بيابانن ۽ بحرن کي بنائيندڙ خدا آهي۔


گلن کي رنگ ٿو بخشي مٺاڻ آڻي ٿو ميون ۾،
نراليون نعمتون وهوا وهائيندڙ خدا آهي۔


خوشي ۽ خير جو مالڪ ڀلائي سان ڀلو بيشڪ،
مرادن جا مٺا ميوا چکائيندڙ خدا آهي۔


”سليم“ آهين ته ساجهر ئي وٺي هل واٽ وحدت جي،
مسافر کي مٺي منزل ملائيندڙ خدا آهي۔


مرحوم سليم ڳاڙهوي
 
جواب: حمد شريف مرحوم سليم ڳاڙهوي

زماني کي هلائيندڙ چلائيندڙ خدا آهي۔
سموري خلق کي روزي رسائيندڙ خدا آهي۔


فلڪ سج چنڊ ۽ ڌرتي ڪيائين پنهنجي قدرت سان،
ملائڪ جن ۽ ماڻهو نپائيندڙ خدا آهي۔


اٿاري ٻاڦ پاڻيءَ مان ڪري ٿو بند بادل ۾،
اشاري امر سان بادل وسائيندڙ خدا آهي۔


وسائي وڏ ڦڙا واحد ڦٽائي ٿو سلا ساوا،
سلن ۾ سنگ ۽ داڻا سمائيندڙ خدا آهي۔


جبل ۽ جهنگ جوڙيندڙ نديون نهرون وهائيندڙ،
بيابانن ۽ بحرن کي بنائيندڙ خدا آهي۔


گلن کي رنگ ٿو بخشي مٺاڻ آڻي ٿو ميون ۾،
نراليون نعمتون وهوا وهائيندڙ خدا آهي۔


خوشي ۽ خير جو مالڪ ڀلائي سان ڀلو بيشڪ،
مرادن جا مٺا ميوا چکائيندڙ خدا آهي۔


”سليم“ آهين ته ساجهر ئي وٺي هل واٽ وحدت جي،
مسافر کي مٺي منزل ملائيندڙ خدا آهي۔


مرحوم سليم ڳاڙهوي


اٿاري ٻاڦ پاڻيءَ مان ڪري ٿو بند بادل ۾،
اشاري امر سان بادل وسائيندڙ خدا آهي۔


ساگيو اهو ذڪر آهي پڻ قرآن ۾ !
مڃيو آ سائنس به هاڻ هن جهان ۾
ادا مهنجي واتئون به اج ڪل شاعري پنجي پاڻ پئ ٺهي لگي ٿو مان به شاعر ٿي ويندس اوهان جي دعان سان
 
جواب: حمد شريف مرحوم سليم ڳاڙهوي

اٿاري ٻاڦ پاڻيءَ مان ڪري ٿو بند بادل ۾،
اشاري امر سان بادل وسائيندڙ خدا آهي۔


ساگيو اهو ذڪر آهي پڻ قرآن ۾ !
مڃيو آ سائنس به هاڻ هن جهان ۾
ادا مهنجي واتئون به اج ڪل شاعري پنجي پاڻ پئ ٺهي لگي ٿو مان به شاعر ٿي ويندس اوهان جي دعان سان

ادا بهترين شاعري اها آهي جنهن جو آخرت ۾ صلو به ملي، خالق جي تعريف ۽ محبوبن صلي الله عليه وآله وسلم جن جي مدح هجي۔
آخرت ۾ اها شاعري ئي ڪم ايندي۔
 
جواب: حمد شريف مرحوم سليم ڳاڙهوي

بهترين شيئرنگ آهي....... سبحا ن الله
 
Back
Top