حقيقت، سيد رفيق امروٽي

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
هيءَ
حقيقت آ سڀن جي ڄاڻ ۾۔
کوڙ خوبيون مصطفي اڳواڻ ۾۔


خاص رحمت الانبياءَ خير البشر،
رحمت للعالمين سچ سر بسر،
خصلتون سهڻيون اِهي سرواڻ ۾۔


موڪليو الله جبرائيل کي
وڃ وٺي اچ مصطفي کي عرش تي،
روبرو اهڙيءَ طرح ٿيا پاڻ ۾۔


مهربان محبوب تي آهي ڌڻي،
سونهن سيد جي سڄي جڳ کان گهڻي،
اهڙو مالڪ ڪونه آ مهراڻ ۾۔


پاڪ پيغمبر پرين آيو جڏهن،
حق باطل ۾ تفاوت پيو تڏهن،
عدل پي آيو تڏهن اهڃاڻ ۾۔


دوست دلبر ۾ ڀلايون اَڻ ڳڻيون،
ها ”رفيق امروٽي“ تارن کان گهڻيون،
هڪ به خامي ڪا نه ملندي ماڻ ۾۔


سيد رفيق امروٽي
 
جواب: حقيقت، سيد رفيق امروٽي

هيءَ
حقيقت آ سڀن جي ڄاڻ ۾۔
کوڙ خوبيون مصطفي اڳواڻ ۾۔


خاص رحمت الانبياءَ خير البشر،
رحمت للعالمين سچ سر بسر،
خصلتون سهڻيون اِهي سرواڻ ۾۔


موڪليو الله جبرائيل کي
وڃ وٺي اچ مصطفي کي عرش تي،
روبرو اهڙيءَ طرح ٿيا پاڻ ۾۔


مهربان محبوب تي آهي ڌڻي،
سونهن سيد جي سڄي جڳ کان گهڻي،
اهڙو مالڪ ڪونه آ مهراڻ ۾۔


پاڪ پيغمبر پرين آيو جڏهن،
حق باطل ۾ تفاوت پيو تڏهن،
عدل پي آيو تڏهن اهڃاڻ ۾۔


دوست دلبر ۾ ڀلايون اَڻ ڳڻيون،
ها ”رفيق امروٽي“ تارن کان گهڻيون،
هڪ به خامي ڪا نه ملندي ماڻ ۾۔


سيد رفيق امروٽي

پاڪ پيغمبر پرين آيو جڏهن،
حق باطل ۾ تفاوت پيو تڏهن،
عدل پي آيو تڏهن اهڃاڻ ۾۔
ادا واه جي شاعري آهي جزاڪ الله
 
Back
Top