عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
الله جو شان آهي۔

اڙي يار عاشق ، هيءُ تي علي عليءَ جي ڀوري مينهن آهي جيڪا سال کن اڳ گم ٿي وئي هئي، هن مينهن جي کير پيئارن جي دلاسن تي ته اسان علي عليءَ سان ياري رکي هئي ۔۔۔
وارو ڪر کيس اطلاع ڪر نه ته سڀاڻي ذبح ٿي ويندي ته علي علي وتندو مينهن مينهن ڪندو ۔۔۔
يار علي علي پاڻ پڙهين ته جلد ڪراچيءَ جي ٽڪٽ وٺ ۽ راتو رات ادي عاشق سان رابطو ڪري مينهن هٿيڪي ڪر ۔۔۔
خير خواهي اسانجو ڪم باقي پاڻ ڄاڻ ۔۔۔ الله واهي ۔۔۔
الله تعالي سڀ جي قرباني قبول فرمائي، وس وارن کي به، ٻوڏ وارن جون تڪليفون دور ڪري، ۽ انهن جي عيدن جون خوشيون موٽائي ڏي مولا۔
اڙي ڀيسان!
ادي عليعلي کي ٻانهون ٻڌي گذارش آهي ته ٻيلي پنهنجي مينهن اوطاق تان ڪاهي وڃ۔۔ اگر رات ڪنهن جي نظر پئجي ويئي يا مُنهنجي ئي نظر ڦري ويئي ته ان جو ذميدار توهان پاڻهوندا۔۔۔۔
ٿوڙو چيو گهڻو سمجهندا۔۔۔۔
ادا عاشق تهنجي مهرباني يار مون واري ڀوري مينهن ڳولي لهي ڏني نه ته اسان واري فقير ته مينهن ڦٻائڻ ۽ لڪائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئي پر يار هڪ خبر ته ڏي اها مينهن شڪار پور واري سائيڊ تان ئي لڌي اٿئي يا ته وري اسلام اباد واري پاسي کان ڇو ته فقير وٽ قمبراڻي جهڙا گهڻا ئي پاٿاريدار موجود آهن ۔۔