TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
اهڙو ڪو خواب لهان جنهن ۾ مان توکي ڏسان۔
سهڻا نبي! منهنجي دل ٿي گهري توکي ڏسان پوءِ هيانءُ ٺري۔
پرين پاڪ تنهنجي زيارت ڪيان مان،
اها خاص عربي عبادت ڪيان مان،
حسرت پنهنجي پوري ڪيان، پنهنجو خدا احسان ڪري۔
مٺا مور محفل جو جنهن ۾ هجين تون،
صحابا سان محفل پيارا ڪرين تون،
هڪڙي ڪنڊ ۾ مان به هجان، ويهي رهان مان ڌيان ڌري۔
مٺيون ڳالهيون ۽ مٺا ٻول تنهنجا،
ٻڌان شال مان ڀي سچا قول تنهنجا،
سيني ۾ سي سانڍي رکان، بند ڪيان دل ڳالهيون ڀري۔
سڀئي سور دل جا مون توکي ٻڌايان،
وري ڪي دعائون مون توکان گهرايان،
تنهنجو چهرو پاڪ چمان، پيرن کان ڀي ٿيان نه پري۔
نه ٿي جاڳ مونکي انهيءَ خواب کان پو،
مٺا منهنجا توکان پو ٻي ڏي ڏسان ڇو،
توکي ڏسندي ساه ڏيان، هيءُ ”رفيق“ پو ڀل جان مري۔

سيد رفيق امروٽي