TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
محمد جي نالي ۾ لذت وڏي آ.
وڏي مان واري جي عزت وڏي آ.
سڄڻ جي ثنا ۾ آ قرآن سارو،
خدا ڪئي محمد جي مدحت وڏي آ.
محمد آ محمود حامد & احمد،
نبين ۾ جنهن جي نبوت وڏي آ.
محمد جي چهري جي ڳاِڙهاڻ وهوا،
گلن کان رکيل جنهن ۾ رنگت وڏي آ.
نرالو سمورن ۾ اخلاق جنهنجو،
مٺي ۾ محبت مروت وڏي آ.
پڙهي جيڪو سيد تي صلوات دل سان،
انهيءَ جي مٿان رب جي رحمت وڏي آ.
ڪئي جنهن محمد جي دل سان غلامي،
ڀلي ان کي حاصل ٿي قسمت وڏي آ.
خدا شل پرين جي زيارت ڪرائي،
ننڍي ناهي ”لنجار“ حسرت وڏي آ.
وڏي مان واري جي عزت وڏي آ.
سڄڻ جي ثنا ۾ آ قرآن سارو،
خدا ڪئي محمد جي مدحت وڏي آ.
محمد آ محمود حامد & احمد،
نبين ۾ جنهن جي نبوت وڏي آ.
محمد جي چهري جي ڳاِڙهاڻ وهوا،
گلن کان رکيل جنهن ۾ رنگت وڏي آ.
نرالو سمورن ۾ اخلاق جنهنجو،
مٺي ۾ محبت مروت وڏي آ.
پڙهي جيڪو سيد تي صلوات دل سان،
انهيءَ جي مٿان رب جي رحمت وڏي آ.
ڪئي جنهن محمد جي دل سان غلامي،
ڀلي ان کي حاصل ٿي قسمت وڏي آ.
خدا شل پرين جي زيارت ڪرائي،
ننڍي ناهي ”لنجار“ حسرت وڏي آ.
مولانا ضمير احمد لنجار