• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عيد الاضحى جي مسرتن جي موقعي تي سنڌ سلامت جو تحفو۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ريڊيو۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
سڀ کان پهريان سموري سنگت کي عيدِ قربان جون لک لک واڌايون۔۔۔
هن خوشين ڀرئين موقعي تي سنڌ سلامت پنهنجي رڪنن کي نواڻ طور ڪجهه تحفا ڏيڻ جو سوچيو جنهن لاءِ ڪجهه ڏينهن جي محنت کان پوءِ سنڌ سلامت جي مرڪزي صفحي تي هڪ اضافي پٽي سجائي وئي آهي جنهن ۾ رڪنن کي فورم تي گهمندي گهمندي مرڪزي صفحي ڏانهن واپسي ۽ نون رڪنن کي فورم تي پنهنجون تحريرون موڪلڻ جي سکيا جا لنڪ لڳايا ويا آهن۔۔۔ جڏهن ته اضافي لنڪس ۾ سنڌ سلامت ٽيوب ۽ سنڌ سلامت نيوز جا لنڪ شامل آهن ۔۔۔ جن بابت اڳ ئي آگاهي ڏني وئي هئي پر هن دفعي ان تي پڻ محنت ڪري انهن کي نئين سر ترتيب پڻ ڏني آهي۔۔۔
ڪافي عرصي کان دوست سنڌ سلامت ريڊيو لاءِ زور ڀري رهيا هئا۔۔۔ڪجهه دوستته فون ڪالز، پيغام ۽ فيڊ بيڪ ۾ پڻ اهڙي فرمائش ڪندا رهيا آهن۔۔۔ جن جي خواهش کي نظر ۾ رکندي انتهائي محنت سان سنڌ سلامت ريڊيو جو بنياد وڌو ويو آهي۔۔۔۔۔۔
هوئن ته ريڊيو تي 500 گيت رکڻ جي گنجائش آهي پر پهرين مرحلي طور سنڌ جي سدابهار گلوڪارن جا سدابهار گيت لسٽ نمبر 1 تي رکڻ جو خيال ذهن ۾ آيو جنهن کي پورو ڪرڻ ۾ ادا سليمان وساڻ جون محنتون قابلِ قدر آهن ۔۔۔ جن چونڊ هڪ سو سدابهار گيت سنڌ سلامت ريڊيو لاءِ تحفي طور گڏ ڪيا۔۔۔
جڏهن ته لسٽ نمبر 2 تي ڪم جاري آهي جنهن ۾ قومي گيتن کي سجايو ويندو۔۔۔ في الحال لسٽ نمبر 2 ۾ ڪجهه گيت رکيا ويا آهن۔۔۔ جڏهن ته سنگت سان صلاح کان پوءِ لسٽ نمبر 3، 4 ۽ 5 ۾ گيتن کي سجايو ويندو۔۔ ان سلسلي ۾ جلد ئي موسيقي سيڪشن ۾ سنڌ سلامت ريڊيو جو اضافي سيڪشن ٺاهيو ويندو جنهن دوست سنڌ سلامت ريڊيو ۾ موجود گيتن تي راءِ ڏيڻ کان سواءِ پنهنجي پسند جا گيت شامل ڪرڻ جي درخواست موڪلي سگهندا۔۔۔
ڪجهه نوٽ ڪرڻ جون ڳالهيون۔۔۔
  • سنڌ سلامت ريڊيو صرف لاگ ان ٿيندڙ رڪن ئي ٻڌي سگهندا۔۔۔
  • سنڌ سلامت ريڊيو پوري طرح آن ٿيڻ ۾ ڪجهه سيڪنڊ لوڊنگ طور وٺي سگهي ٿو۔۔۔ وڌيڪ توهان جي ڪمپيوٽر جي ۽ نيٽ جي رفتار تي منحصر آهي۔۔۔
  • ياد رهي ته هي پهريون تجربو آهي جنهن تي ڪم گاهي به گاهي ٿيندو رهندو ۔۔۔ ۽ سنڌ سلامت ريڊيو جي گيتن کي وقت صرف تبديل ۽ اپڊيٽ ڪبو رهبو۔۔۔
  • سنڌ سلامت ريڊيو ٻڌڻ لاءِ توهان وٽ فليش پليئر جو تازو ورجن هجڻ ضروري آهي۔۔
  • سنڌ سلامت ريڊيو لانچنگ دوران ڪنهن ايرر اچڻ دوران آگاهي ڏيندا۔۔۔۔
توهان کي عيد جي خوشين ۾ سنڌ سلامت جي هي تبديلي ڪيئن لڳي ۔۔ پنهنجا رايا ضرور موڪليندا۔۔۔۔
 
جواب: عيد الاضحى جي مسرتن جي موقعي تي سنڌ سلامت جو تحفو۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ريڊيو۔۔

ادا سڀ کان پهريون ته توهان کي به عيد قربان جون لک لک واڌايون هجن
باقي فيچرس جي باري ۾ ته معلومات هئي پر هڪ پٽي جي صورت ۾ سنڌ سلامت فورم جا اضافي فيچرس سان گڏ ريڊيو کي توهان فورم جي مين پيج تي لڳائي اصل بهترين ڪم ڪيو آهي

ماشاالله تمام بهترين ڪوشش آهي سنڌ سلامت فورم تي ريڊيو جي باري ۾ ته سڀني دوستن جي فرمائش هئي جيڪا توهان عيد جي موقعي تي پوري ڪري ڇڏي معنى سنڌ سلامت فورم جي ميمبرن کي عيد جو تحفو ڏنو آهي .

مان ريڊيو هن وقت ٻڌان پيو ماشاالله سائين سليمان صاحب جي تمام بهترين ڪوشش سان بهترين ڪليڪشن ٻڌڻ لا۽ ملي رهي آهي ان محنت تي سائين سليمان صاحب پڻ جس لهڻي ،

عيد جي حوالي سان تمام سٺي شين جو اضافو آهي

سدائين گڏ
 
جواب: عيد الاضحى جي مسرتن جي موقعي تي سنڌ سلامت جو تحفو۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ريڊيو۔۔

منهنجي طرفان انتظاميا کي عيد جون لک لک مبارڪون، ۽ عيد جو تحفو سنڌسلامت ريڊيو ڏيڻ جون مهربانيون۔
اميد ته اهي ڪوششون جاري رهنديون ۽ الله کان دعا ته سنڌ سلامت جي هن ساٿ کي دشمنن جي نظر کان بچائي۔۔
ادا رشيد اوهان جا ٿورا اکين تي۔۔۔
 
جواب: عيد الاضحى جي مسرتن جي موقعي تي سنڌ سلامت جو تحفو۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ريڊيو۔۔

عيد جون خوشيون ساري سنڌين کي مون پاران به قبول۔
سائين هڪ بهترين پروجيڪٽ آهي، جنهن اسان جهڙن غريبن کي شروع ٿيڻ جي ئي خبر ڪانه پئي هئي ته ڪڏهن شروع ٿيو، ڪير ان تي ڪم پيو ڪري، ۽ ڪهڙن دوستن جي صلاح ۽ مشوري سان اهڙو بهترين پروجيڪٽ ٺهي راس ٿي دوستن جي سامهون اچي ويو، يقينن انٽرنيٽ جي سنڌي دنيا لاءِ هڪ بهترين موومنٽ ۽ انقلاب آهي۔
هڪ گذارش آهي جنهن تي غور ٿئي ته لک لائق اها هي ته 5 لسٽن مان هڪ لسٽ پوءِ چاهي اها ذخري ئي ڇو نه هجي سنڌ سلامت جي سڀني ميمبرن لاءِ عام طور ۽ اسلام زنده باد جي چهيتن لاءِ خاص طور جي مقرر ڪجي ته مهرباني ٿيندي، جنهن ۾ تلاوتون، حمد، نعت، مولود وغيره کان علاوه سنڌ جي مشهور علماء ڪرام جون تقريرون آڊيو جي صورت ۾ ٻڌڻ لاءِ ملي وڃن ته هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار واري ڳالهه ٿي پوندي۔
هڪ ادني ميمبر جي ادني رائي طور پيش ڪيان پيو۔
 
منهنجي طرفان به سڀنن دوستن کي عيد جون لک لک مبارڪون قبول هجن
 
جواب: عيد الاضحى جي مسرتن جي موقعي تي سنڌ سلامت جو تحفو۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ريڊيو۔۔

خيرمبارڪ ۽ بهترين تحفو آهي ۽ انڊيڪس تي سٺو به لڳي رهيو آهي توهان جي پوري ٽيم کي مبارڪ هجي........
 
جواب: عيد الاضحى جي مسرتن جي موقعي تي سنڌ سلامت جو تحفو۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ريڊيو۔۔

سائين اوهانکي به عيد مبارڪ.

بلڪل سائين اهو اوهان جو اسان سان پيار آهي جو اوهان ايڏي محنت پيا ڪريو پنهنجي پياري ٻوليء جي لاء اسان جو دعائون هميشه اوهان سان گڏ آهن.
باقي قومي گيتن ۾ سرمد سنڌي پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
 
جواب: عيد الاضحى جي مسرتن جي موقعي تي سنڌ سلامت جو تحفو۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ريڊيو۔۔

۽ اهو به ته ريڊيو ۾ ڪجه نعت حمد وغيره به رکيا وڃن ته اڃا به بهتر ٿي وڃي.....
 
ادا وسيم حمايت ۾ ووٽ وجهڻ جي مهرباني، ٻي سنگت به رايو ڏي۔
 
جواب: عيد الاضحى جي مسرتن جي موقعي تي سنڌ سلامت جو تحفو۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ريڊيو۔۔

ريڊيو گهٽ اسپيڊ واري نيٽ ۾ به زبردست هلي رهيو آهي. باقي گانو ڊائونلوڊ نه ٿو ٿي سگهي... ان لاء AUX يا Mix Recording استعمال ڪري سگهجي ٿو.....
 
جواب: عيد الاضحى جي مسرتن جي موقعي تي سنڌ سلامت جو تحفو۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ريڊيو۔۔

عيد جون خوشيون ساري سنڌين کي مون پاران به قبول۔
سائين هڪ بهترين پروجيڪٽ آهي، جنهن اسان جهڙن غريبن کي شروع ٿيڻ جي ئي خبر ڪانه پئي هئي ته ڪڏهن شروع ٿيو، ڪير ان تي ڪم پيو ڪري، ۽ ڪهڙن دوستن جي صلاح ۽ مشوري سان اهڙو بهترين پروجيڪٽ ٺهي راس ٿي دوستن جي سامهون اچي ويو، يقينن انٽرنيٽ جي سنڌي دنيا لاءِ هڪ بهترين موومنٽ ۽ انقلاب آهي۔
هڪ گذارش آهي جنهن تي غور ٿئي ته لک لائق اها هي ته 5 لسٽن مان هڪ لسٽ پوءِ چاهي اها ذخري ئي ڇو نه هجي سنڌ سلامت جي سڀني ميمبرن لاءِ عام طور ۽ اسلام زنده باد جي چهيتن لاءِ خاص طور جي مقرر ڪجي ته مهرباني ٿيندي، جنهن ۾ تلاوتون، حمد، نعت، مولود وغيره کان علاوه سنڌ جي مشهور علماء ڪرام جون تقريرون آڊيو جي صورت ۾ ٻڌڻ لاءِ ملي وڃن ته هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار واري ڳالهه ٿي پوندي۔
هڪ ادني ميمبر جي ادني رائي طور پيش ڪيان پيو۔

ادا توهان جي را۽ کي اهميت ڏني ويندي پر ان ۾ توهان جي مٿان به ٿوري ذميداري رکي ويندي

ته توهان چوند حمد ، نعت ۽ علما۽ اڪرام جون تقريرون ايم پي ٿري فارميٽ ۾ مختلف سائيٽ سان يا وري ويڊيو سي ڊي تان لاهي ڪري رکو اهي تمام جلد توهان کان ورتيون وينديون

سدائين گڏ
 
جواب: عيد الاضحى جي مسرتن جي موقعي تي سنڌ سلامت جو تحفو۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ريڊيو۔۔

ادا توهان جي را۽ کي اهميت ڏني ويندي پر ان ۾ توهان جي مٿان به ٿوري ذميداري رکي ويندي

ته توهان چوند حمد ، نعت ۽ علما۽ اڪرام جون تقريرون ايم پي ٿري فارميٽ ۾ مختلف سائيٽ سان يا وري ويڊيو سي ڊي تان لاهي ڪري رکو اهي تمام جلد توهان کان ورتيون وينديون

سدائين گڏ

انتظاميه طرفان مون ادني ميمبر جي ادني رائي کي اهميت ڏيڻ لاءِِ لک لائق، ۽ آءُ ان شاءَ الله تيار آهيان۔
جيڪا به ذميداري رکي وڃي ان شاءَ الله بخوبي سر انجام ڏبي۔
وري ٻيهر انتظاميه جي مهرباني۔
 
جواب: عيد الاضحى جي مسرتن جي موقعي تي سنڌ سلامت جو تحفو۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ريڊيو۔۔

ادا طاهر جي اها ڳاله ته" تلاوتون، حمد، نعت، مولود وغيره کان علاوه سنڌ جي مشهور علماء ڪرام جون تقريرون آڊيو جي صورت ۾ ٻڌڻ لاءِ ملي وڃن" تنهن جي احقر به ساراه ڪري ٿو ۽ انتظاميه کي نماڻي گذارش ڪجي ٿي ته ضرور هن ڳاله ته غور ۽وچار ڪن۔
 
جواب: عيد الاضحى جي مسرتن جي موقعي تي سنڌ سلامت جو تحفو۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ريڊيو۔۔

سڀ کان پهريان سموري سنگت کي عيدِ قربان جون لک لک واڌايون۔۔۔
هن خوشين ڀرئين موقعي تي سنڌ سلامت پنهنجي رڪنن کي نواڻ طور ڪجهه تحفا ڏيڻ جو سوچيو جنهن لاءِ ڪجهه ڏينهن جي محنت کان پوءِ سنڌ سلامت جي مرڪزي صفحي تي هڪ اضافي پٽي سجائي وئي آهي جنهن ۾ رڪنن کي فورم تي گهمندي گهمندي مرڪزي صفحي ڏانهن واپسي ۽ نون رڪنن کي فورم تي پنهنجون تحريرون موڪلڻ جي سکيا جا لنڪ لڳايا ويا آهن۔۔۔ جڏهن ته اضافي لنڪس ۾ سنڌ سلامت ٽيوب ۽ سنڌ سلامت نيوز جا لنڪ شامل آهن ۔۔۔ جن بابت اڳ ئي آگاهي ڏني وئي هئي پر هن دفعي ان تي پڻ محنت ڪري انهن کي نئين سر ترتيب پڻ ڏني آهي۔۔۔
ڪافي عرصي کان دوست سنڌ سلامت ريڊيو لاءِ زور ڀري رهيا هئا۔۔۔ڪجهه دوستته فون ڪالز، پيغام ۽ فيڊ بيڪ ۾ پڻ اهڙي فرمائش ڪندا رهيا آهن۔۔۔ جن جي خواهش کي نظر ۾ رکندي انتهائي محنت سان سنڌ سلامت ريڊيو جو بنياد وڌو ويو آهي۔۔۔۔۔۔
هوئن ته ريڊيو تي 500 گيت رکڻ جي گنجائش آهي پر پهرين مرحلي طور سنڌ جي سدابهار گلوڪارن جا سدابهار گيت لسٽ نمبر 1 تي رکڻ جو خيال ذهن ۾ آيو جنهن کي پورو ڪرڻ ۾ ادا سليمان وساڻ جون محنتون قابلِ قدر آهن ۔۔۔ جن چونڊ هڪ سو سدابهار گيت سنڌ سلامت ريڊيو لاءِ تحفي طور گڏ ڪيا۔۔۔
جڏهن ته لسٽ نمبر 2 تي ڪم جاري آهي جنهن ۾ قومي گيتن کي سجايو ويندو۔۔۔ في الحال لسٽ نمبر 2 ۾ ڪجهه گيت رکيا ويا آهن۔۔۔ جڏهن ته سنگت سان صلاح کان پوءِ لسٽ نمبر 3، 4 ۽ 5 ۾ گيتن کي سجايو ويندو۔۔ ان سلسلي ۾ جلد ئي موسيقي سيڪشن ۾ سنڌ سلامت ريڊيو جو اضافي سيڪشن ٺاهيو ويندو جنهن دوست سنڌ سلامت ريڊيو ۾ موجود گيتن تي راءِ ڏيڻ کان سواءِ پنهنجي پسند جا گيت شامل ڪرڻ جي درخواست موڪلي سگهندا۔۔۔
ڪجهه نوٽ ڪرڻ جون ڳالهيون۔۔۔
  • سنڌ سلامت ريڊيو صرف لاگ ان ٿيندڙ رڪن ئي ٻڌي سگهندا۔۔۔
  • سنڌ سلامت ريڊيو پوري طرح آن ٿيڻ ۾ ڪجهه سيڪنڊ لوڊنگ طور وٺي سگهي ٿو۔۔۔ وڌيڪ توهان جي ڪمپيوٽر جي ۽ نيٽ جي رفتار تي منحصر آهي۔۔۔
  • ياد رهي ته هي پهريون تجربو آهي جنهن تي ڪم گاهي به گاهي ٿيندو رهندو ۔۔۔ ۽ سنڌ سلامت ريڊيو جي گيتن کي وقت صرف تبديل ۽ اپڊيٽ ڪبو رهبو۔۔۔
  • سنڌ سلامت ريڊيو ٻڌڻ لاءِ توهان وٽ فليش پليئر جو تازو ورجن هجڻ ضروري آهي۔۔
  • سنڌ سلامت ريڊيو لانچنگ دوران ڪنهن ايرر اچڻ دوران آگاهي ڏيندا۔۔۔۔
توهان کي عيد جي خوشين ۾ سنڌ سلامت جي هي تبديلي ڪيئن لڳي ۔۔ پنهنجا رايا ضرور موڪليندا۔۔۔۔

سهڻا دوست رشيد؛ سڀ کان پهريان ته خئير مبارڪون ۽ اوهانکي پڻ اهل و عيال سميت عيد جون مبارڪون ۽ نيڪ تمنائون قبول پون ۔۔۔

سنڌ سلامت کي وڌيڪ سهڻي ۽ ڪارائتي ڪرڻ لئه اوهانجون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن ۽ اوهان طرفان هميشه واڌو ڪم جي جستجو ۽ انکي عملي جامو پهرائڻ واري ڪرت، اسانکي پڻ اتساهيندڙ هوندي آهي ۽ اطمينان بخش هوندي آهي ۔۔۔۔

اوهانجو هي عمل پڻ ساراهه جوڳو آهي ۽ اميد ته سڀني دوستن کي پسند ايندو، خاص ڪري ساز ۽ آواز جي شوقين دوستن لئه ته واه واه ۔۔۔ ريڊيو تي پسند جا گيت ٻڌرائي اصل قرب ڪري ڇڏيا اٿوَ
2f0ayis.gif
۔۔۔ خاص ڪري ؛

دل ڏيڻ چاهيان ٿو، ڪو وٺڻ وارو هجي ۔۔۔

سنڌ سلامت جي پهرين صفحي تي مٿان ئي مٿا ڏنل پٽيءَ ۾ ڪارائتا موضوع آهن، خاص ڪري سنڌ سلامت جي سکيا واري ڌاڳي ۾ نون دوستن کي وڃڻ ۾ آساني ٿيندي ۔۔۔

سنڌ سلامت پنهنجي مقصد ڏانهن جنهن طرح سان روان دوان آهي ته اميد ٿوري عرصي ۾ سنڌ ۽ سنڌيت جي هڪ سهڻي اوطاق سان ڏٺي ويندي ۔۔۔ بس همٿ مردان مدد خدا ۔۔۔

اسين سڀ دوست اوهان سان هر حال ۾ ۽ هر سهڻي عمل ۾ شريڪ آهيون، خوشين کان علاوهه پنهنجن ڏکن ۾ به شريڪ ڪندا ڪريو، ممڪن ڏک گهٽ نه ڪري سگهجن پر گڏجي سڏجي روئي ته سگهجي ٿو ۔۔۔

ڌڻي سڳورو اوهانکي ۽ سموريءَ سنڌ کي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين
 
جواب: عيد الاضحى جي مسرتن جي موقعي تي سنڌ سلامت جو تحفو۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ريڊيو۔۔

ادا سڀ کان پهريان ته توهان سڀني کي به منهنجي طرفان به لک لک عيد مبارڪون هجن ان کان پوء توهان ريڊيو جي ڳالهه ڪئي جيڪا تمام زبردست آهي ادا
1z586qx.jpg

2va14j6.jpg
 
جواب: عيد الاضحى جي مسرتن جي موقعي تي سنڌ سلامت جو تحفو۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ريڊيو۔۔

دوستن کي سلام

ادا رشيد اوهان جي ڪوششن تي اوهان کي سلام۔ ڪجه ڏينهن کان ڳوٺ وڃڻ ۽ اتي نيٽ کان ڪٽجڻ سبب سنڌ سلامت کان پري رهياسين۔ مان اڄ کان ريڊيو جون باقي لسٽون به جلد کان جلد ڀرڻ جي ڪوشش ڪندس۔

دوستن جون حمد ۽ نعت لاء جيڪي صلاحون آهن انهن تي به ڪم شروع ڪبو۔

سنڌ سلامت جي نواڻ بهتر لڳي رهي آهي۔ مان پهرين مرحلي ۾ سدا بهار ڪلامن جي چونڊ ڪئي آهي۔ باقي لسٽ نمبر ٽي ۾ نوان گيت شامل ڪنداسين۔ دوستن کي گذارش آهي ته آڊيو گيت اسان سان ونڊ ڪن ته جيئن انهن کي سنڌ سلامت ريڊيو تي ونڊ ڪيون۔

هڪ دفعو وري اوهان جا ٿورا
 
Back
Top