TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
اي پاڪ هوا اي پاڪ هوا، احوال وڃي ڪر عربيءَ سان۔
هن حالت جا هن امت جا، احوال وڃي ڪر عربيءَ سان۔
اسلام سان دوکيبازي آ، ايمان سان دوکيبازي آ،
اڄ دين سان دشمن ڪن ٿا دغا، احوال وڃي ڪر عربيءَ سان۔
قانون نه آهي قرآني، هر جاءِ تي آهي حيراني،
انصاف عدالت ناهي اڃا، احوال وڃي ڪر عربيءَ سان۔
اڄ امت فرقا فرقا ٿي، اڄ ملت طبقا طبقا ٿي،
توحيد پرستن جي ٿي گلا، احوال وڃي ڪر عربيءَ سان۔
اسلام جو نام لڄائن ٿا، الزام عجيب لڳائن ٿا،
نالي جا مسلمان سڏجن ٿا، احوال وڃي ڪر عربيءَ سان۔
پڳدار جي در تي پڪار ڪجان، دلگير ”سليم“ جي دانهن ڏجان،
پهچاءِ پرين وٽ ساف صدا، احوال وڃي ڪر عربيءَ سان۔

مرحوم سليم ڳاڙهوي