سنڌي آبادي ۾ هن وقت اسلامي دعوت ڦهلائڻ، ماڻهن جي اصلاح ۽ سڌاري لاء متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ ۽ پيغمبر عليه السلام جي مقصد يعني تزڪيي ۽ دلين جي صفائي ۽ تطهير جو فريضو سر انجام ڏيڻ ۽ ان سان گڏوگڏ اسلامي علمن كي ڦهلائڻ لاءِ درس وتدريس جو سلسلو جاري ركڻ، انهن سڀني ڪمن كي هڪ منو ۽ هڪ وقت سر انجام ڏيڻ جي معاملي ۾ مولانا عبدالڪريم قريشي صاحب جي شخصيت سڀ كان وڌيڪ نمايان ۽ ممتاز آهي. ديوبندي مڪتبه فڪر ۾ سنڌ ۾ هينئر سڀ كان وڌيڪ اهم، محرڪ ۽ فعال علمي، روحاني ۽ دعوتي شخصيت مولانا عبدالڪريم قريشي صاحب جي آهي. مولانا عبدالڪريم قريشي صاحب جو تقريبن پنجيتاليهه پنجاهه سال اڳ قرآن و حديث ۽ فقه جي درس تدريس جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو هيائون، اهو اڃا تائين جاري آهي، هينئر تائين سندس درس نظامي جي تڪميل ڪندڙ شاگردن جو انگ سون كان وڌيڪ آهي، سندس شاگرد سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مسجدن ۽ مدرسن جي ذريعي اسلامي تعليم ڦهلائڻ جو فريضو سر انجام ڏيئي رهيا آهن. مولانا موصوف تقر ب ين 35 سالن كان وٺي تصوف و احسان ۽ روحانيت جي ميدان ۾ پڻ سالڪن جي تربيت ۽اصلاح جو ڪم ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اهو چئجي ته غلط نه ٿيندو ته سندس صحبت جي ذريعي هزارين فردن جي اصلاح ٿي آهي، اهي فرد، جيڪي اڳ معاشري جي عام فردن وانگر ايمان و يقين، عمل و ڪردار ۽ اسلامي شريعت تي پابندي جي معاملي ۾ جڏا ۽ ڪمزور هيا، مولانا جي مسلسل صحبت ۽ وعظ و نصيحت ۽ سندن ذڪر و فڪر جي تعليم سببان انهن جي زندگي ۾ غيرمعمولي انقلاب برپا ٿيو آهي ۽ اهي پنهنجي ذات ۽ خود معاشري لاء مفيد ۽ بهتر فرد بڻجي چڪا آهن. انهن سڀني ڪمن سان گڏ مولانا عبدالڪريم قريشي صاحب جي شخصيت جو هڪ اهم پهلو اهو پڻ آهي ته هو تقريبن چاليهن سالن كان وٺي اسلامي دعوت لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا دورا ڪندو رهيو آهي، سنڌ جو شايد ئي ڪو قابل ذڪر قصبو هوندو، جتي مولانا نه پهتو هجي. اسلامي دعوت جي ڪم لاءِ اهڙي محنت ۽ جدوجهد جو مثال موجوده دور ۾ گهٽ ملي ٿو. روحاني طور تي مولانا كان استفادو ڪندڙن ۾ هر طبقي جا فرد شامل آهن، جن ۾ ڊاڪٽر، انجنيئر، عالم، پروفيسر، شاگرد، ۽ عام ماڻهو سڀئي شامل آهن، مولانا سان واسطو ركندڙ ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن ۾ بعض اهڙيون شخصيتون به آهن، جن جي ڪردار ۽ سيرت جي پاڪيزگي كي ڏسي رشڪ اچي ٿو ۽ انهن مان گهڻو ڪجهه استفادو حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳي ٿو. مولانا عبدالڪريم قريشي صاحب جتي دعوت، درس و تدريس ۽ روحانيت جي محاذ تي مصروف آهن، اتي هو تصنيف و تاليف جي ميدان ۾ به پوئتي ناهن، هينئر سندن قرآن مجيد جو سنڌي ۾ ترجمو ڇپيو آهي، جيڪو اهڙو ته عام فهم ترجمو آهي، جيڪو هڪ طرف ته قرآن سان ٺهڪندڙ ترجمو آهي، ٻئي طرف ٻولي اهڙي ته آسان ۽ پياري آهي، جو هر فرد آساني سان سمجهي سگهي ٿو، قرآن مجيد جي ترجمي سان گڏ قرآن مجيد جي تشريح لاء به مولانا موصوف حواشي به لكي رهيا آهن، هينئر تائين سورت بقر جا حواشي لكي پورا ڪيا اٿائون. مولانا جا ٻيا ڪتاب فضائل نبوي (شمائل ترمذي جو سنڌي ترجمو) اسلامي تهذيب، فضائل صحابه، انسان جي عظمت، اسلامي اخلاق، اسلامي نظام جي دعوت ۽ جهاد ۽ ان جي تياري جي نالن سان آهن. جيڪي سندن تقريرن تان ٽيپ ذريعي نقل ڪري شائع ڪيا ويا آهن. مولانا موصوف روزانو صبح جو شاگردن ۽ عام نمازين جي استفادي لاء درس قرآن به ڏيندا رهيا آهن، جيڪو الحمد ۽ سوره بقره كان وٺي سوره الناس تائين سلسلي وار جاري رهندو آهي، قرآن جو اهو مڪمل درس ٽن سالن ۾ ختم ٿيندو آهي، گذريل 35 سالن كان وٺي قرآن جا ڪيترائي درس مڪمل ٿي چڪا آهن، مولانا موصوف جي قرآن جي انهيءَ درس كي سندس شاگردن ٽيپ ذريعي محفوظ ڪري ورتو آهي ۽ اهو ڪاغذ تي منتقل به ٿي چڪو آهي، ان جي اشاعت جو پروگرام زير غور آهي. مولانا عبدالڪريم قريشي صاحب جي شخصيت ۾ جيڪي وصفون، خوبيون ۽ صلاحيتون موجود آهن، موجوده سنڌ ۾ اهڙي صلاحيتن جي حامل شخصيت جو ملڻ مشڪل آهي، علم و فضل، روحانيت، تقريري صلاحيت، غيرمعمولي ذهانت ۽ بي پناهه دعوتي جذبو وغيره. مون كي مولانا موصوف جي ٻن چئن مجلسن ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو آهي، جيڪي چند ڪلاڪن جون مجلسون هيون، انهن مجلسن ۾ مولانا انساني نفسيات، تاريخ، جهانديدگي ۽ بصيرت وبصارت جا اهڙا ته قيمتي نڪتا بيان ڪيا، جو دل چاهيو ته مولانا جا اهي ملفو ظ قلمبند ڪيا وڃن، جنهن سان سنڌي بزرگ جي ملفوظن جو بهترين ڪتاب مرتب ٿي سگهي ٿو، اهڙو ڪتاب جيڪو معلومات جي ڀنڍار جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو، 40 سالن كان وٺي مجلسن ۾ ، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته 35 مولانا موصوف جي ڪيل فڪر انگيز ملفوظن كي محفوظ مولانا موصوف جي ڪيل فڪر انگيز ملفوظن كي محفوظ نه ڪيو ويو آهي. مولانا جي ملفوظن كي محفوظ ڪرڻ، اهو سندس حلقي سان وابسته باصلاحيت فردن مٿان اهل سنڌ جي پاران هڪ قرض آهي، جيئن ته انهن مفلوظن ۾ مذهب، فقه، اسلاف، اصلاح نفس، انساني نفسيات، تصوف و سلوڪ وغيره بابت قيمتي مواد ۽ معلومات موجود آهي، ان ڪري انهن جو محفوظ ٿي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ ضروري آهي. مولانا عبدالڪريم قريشي صاحب جي شخصيت ۽ سندس تصوف و احسان جو هڪ نمايان پهلو اهو آهي ته موصوف وٽ تصوف جي نالي سان ڪابه بدعت، خرافات يا غير شرعي شيون موجود ناهن، بزرگ جي آمد وقت اٿي بيهڻ، بزرگ جا هٿ پير چمڻ، پيرين پوڻ، بزرگ جي سامهون منقبت جي نالي سان سندس تعريف ۽ توصيف ۾ حد كان وڌيڪ مبالغو ڪرڻ يا خدائي وصفن ۾ شامل ڪرڻ يا فنا في الشيخ جو اهڙو تصور ، جنهن ۾ مريد بزرگ جي ذات ۾ فنا ٿي ڏانهنس خدائي وصفون منسوب ڪرڻ لڳي. مولانا موصوف و ٽ اهڙي قسم جي ڪابه خرافات موجود ناهي. طريقت، شريعت جي اهڙي طرح تابع نظر اچي ٿي، جو بظاهر شريعت كان سواء ڪابه شيءِ نظر نٿي اچي، ظاهري آداب ۽ رسمي طور طريقن نه هئڻ جي باوجود روحاني فيض، ايمان و يقين جي قوت، معنوي حسن ، باطني ڪيفيتون ۽ حالتون ايتريون ته طاقتور ۽ پاڪيزه آهن، جو مسلسل اچڻ سان فردن جي زندگي جو رخ تبديل ٿيو وڃي ۽ فرد حسن اعليٰ جي حسن سان اهڙي طرح رنگجڻ لڳن ٿا، جو اڳوڻي زندگي ۽ بعد جي زندگي ۾ زمين و آسمان جو فرق نظر اچڻ لڳي ٿو. مولانا عبدالڪريم قريشي صاحب جي شخصيت جو هڪ اهم پهلو اهو پڻ آهي ته موصوف سنڌ جي بزرگن ۾ شايد واحد بزرگ آهن، جيڪي صبح كان رات تائين هر فرد سان هر وقت ملي سگهن ٿا. ملاقات جي واٽ ۾ خادمن، مريدن ۽ خليفن جي ڪا رڪاوٽ موجود ناهي ۽ فرد جيترو وقت چاهي ، مولانا سان گفتگو ڪري سگهي ٿو ۽ هر قسم جي رهنمائي حاصل ڪري سگهي ٿو. ماڻهن جي گهڻن ڪمن جو تعلق دعا، تعويذ ۽ سفارشي خطن جي سلسلي ۾ هوندو آهي، لله جي مخلوق لاءِ ايترو وقت ڪڍڻ ۽ پنهنجي ذات كي فنا ڪرڻ، اهو اهل لله جو ئي شان آهي. مولانا موصوف وٽ هڪڙي ٻي اهم شيءِ جيڪا نظر اچي ٿي، جنهن كي ڏسڻ لاء اڄ ڪلهه نگاهون سڪي رهيون آهن، اها بي پناهه سادگي آهي، درگاهه ۽ مدرسي جي عمارتن ۾ سادگي، رهائشگاهه ۾ سادگي، كاڌي ۾ سادگي، لباس ۾ سادگي غرض ته هر شيءِ ۾ اهڙي سادگي نظر ايندي، جو وجدان ۽ ضمير گواهي ڏيڻ لڳندو ته روح كي جنهن شيءِ جي طلب ۽ تلاش هئي سا هتي موجود آهي. مولانا عبدالڪريم قريشي صاحب جي ذهن ۽ فڪر ۾ پڻ وسعت ۽ لچڪ موجود آهي، تزڪيي ۽ روحانيت سان گڏ سندس فڪر ۾ اسلام جو انقلابي رنگ ۽ پهلو به پوري قوت سان موجود آهي. اسلامي حڪومت ۽ اسلامي انقلابي پهلو جو ذڪر سندس تقريرن ۾ ايترو ته گهڻو موجود نظر اچي ٿو جو ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ته شايد اسلام جو نصب العين ئي تزڪيي جي بجاءِ انقلاب آهي، پر غور ڪرڻ سان اها ڳالهه سامهون ايندي ته جيئن ته تزڪيو، روحانيت، اصلاح ۽ سڌاري جو ڪم مولانا جي زندگي جو مشن آهي، ان ڪري فطري طور تي جيڪڏهن اسلامي حڪومت ۽ اسلامي انقلاب ۽ اسلامي قانون جي نفاذ لاءِ جدوجهد جي پيغام كي زور و شور ۽ اهميت سان پيش ڪيو ويو ته ان سان اسلامي حڪومت جي اهميت به اجاگر ٿيندي ته تزڪيي جي صاحبن جي سامهون اسلام جي انقلابي پهلو ۽ همه گير جدوجهد واري ڳالهه به سامهون ايندي رهندي ته جيئن ذاتي اصلاح سان گڏ اسلام جي وسيع تر اجتماعي مقصدن لاءِ پڻ غور فڪر ۽ جدوجهد جو عمل شروع ٿئي ۽ ان ۾ تيزي اچي، اهڙي طرح اسلام ۽ مسلم امت كي درپيش دور جديد جي عالمي ڪفر جي سازشن جو مقابلو ٿي سگهي يا مقابلي جي صورت نڪري سگهي، انهيءَ پس منظر ۾ مولانا جي پاران اسلامي حڪومت ۽ اسلامي انقلاب تي زور ڏيڻ، اسلامي نقطه نگاهه سان، اها وقت جي اهم ضرورت آهي. مولانا عبدالڪريم قريشي صاحب جن هڪ مذهبي سياسي جماعت جا سرپرست پڻ آهن، پر حقيقت ۾ انهيءَ سرپرستيءَ جو تعلق تبرڪ كان وڌيڪ ناهي، ڇاڪاڻ ته موصوف طبعي طور تي دعوتي ۽ اصلاحي مزاج جا حامل آهن ۽ روحانيت ۽ تزڪيي جا صاحب آهن، سندن سياست سان تعلق نظري حد تائين آهي، عملي طور تي سياست ۾ شرڪت، اهو سندن طبعي لاڙن ۽ مزاج جي ئي خلاف آهي. جيڪا شخصيت موجوده دور ۾ تصوير شايع ڪرڻ جي مخالف هجي، اخبارن ۾ بيان شايع ڪرڻ جي قائل نه هجي، جديد دور جي عملي سياست ۾ شرڪت اهڙي شخصيت لاء ڪيترو مشڪل آهي، اهو آساني سان سمجهي سگهجي ٿو. مولانا عبدالڪريم قريشي صاحب جن جي شخصيت موجوده دور جي انهن جديد تعليم يافته فردن لاءِ اهم حيثيت ركي ٿي، جيڪي تصوف ۾بگاڙ ۽ ريتن رسمن جي وڌي وڃڻ سبب تصوف كان بيزار آهن، پر اصلاح جا خواهشمند پڻ آهن، مولانا جي اصلاحي سلسلي ۾ اهڙي ڪابه شيءِ موجود ناهي، جنهن ۾ غلط آداب جي بجا آوري يا غلط تعظيم ۽ تڪريم جو مسئلو موجود هجي، جيڪا اصلاح جي خواهشمند تعليم يافته فردن لاء رڪاوٽ بڻجي، پر بدقسمتي سان ان سلسلي ۾ جيڪا اهم رڪاوٽ موجود آهي. اهو وڌندڙ عقليت جو فتنو آهي، جيڪو وڌندڙ ماديت ۽ ماديت پرستي ۽ نفس پرستي جي قوتن جو نتيجو آهي، عقليت، ڪنهن بزرگ، اهل لله، ايمان جي صاحب ۽ طاقتور روحاني شخصيت جي اڳيان گوڏا كوڙي كانئنس فيض حاصل ڪرڻ جي واٽ ۾ رڪاوٽ آهي. ان ڪري باطن جي دٻاءَ جي باوجود عقليت عام طور تي اها واٽ اختيار ڪرڻ نٿي ڏي، ان كي بدقسمتي كان سواء ٻيو ڇا ٿو چئي سگهجي ان تي سواء ڳوڙها ڳاڙڻ جي، ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهجي . لله كان عدم استفادي جو نتيجو معاشري ۾ وڌندڙ فساد آهي، انهيءَ فساد كان بچڻ جون ڪيتيريون ئي تدبيرون ۽ تجويزون ڇو نه اختيار ڪيون وڃن، بچڻ مشڪل آهي، ان سلسلي ۾ شاهه لطيف ۽ قاضي قادن جا هيٺيان شعر اكيون كولڻ لاءِ ڪافي آهن. هيڪليون هلن جي، سي تاڪن سندي نوڻ اي اهكي ڀوڻ، سونهن رءِ نه سٿري لكين لوڙائو سهسين آهن سڃ ۾ بر ۾ بورائو، كڻ پيادي پاڻ سين سڀه سياهي آهي آري ڄام ري ڪڏهن پسي ڪانه ڪا، رءِ لالن لالائي دود دل تان دور ڪري، ڪر ساجن صفائي من لاشيخ له فشيخه الشيطان ان رءِ اونداهي هوءَ جاهلي هيڪلي، سا گيرب گمائي بلاشيخ من يمشي في الطريق، اهڙي اوائي تنهن رءِ توائي، ڪوڙين ٿين ڪيتريون جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته سڱ سڀيئي ڇن وڃي در دوستن جي، نانگا ڪيم نن پٽ تنين جي پن، جن ٻجهي نه ٻجهيو ڏورڻ گهڻو ڏاكڙو، ڏورج ري م ڏي تان تان هوئج هجري، جان سين يار جيي جڏهن پاسي پاڻ ٿئي، تڏهن ڇڏج تڪيو ڏور م ڏيا ڌار ڏورڻ گهڻو ڏاكڻو ڪوڙين لک هزار ، هن اونداهي انڌا ڪيا اوجهڙ اسونهن، ڏيهه گهڻو ئي ڏوريو سڳر رءِ سونهن پهتي ڪانه پنڌ ڪري سوارو سونهون پڇي پورج سسئي ڪڏهن ڪونه ٿيوم آثارو تنهن عشق جو محبوبن منٿون ڪري، سڪڻ سيكاريوم تهان پوءِ ٿيوم، پسڻ سپرين جو ٽوليان تنهن م ٽرجه روح وڃايو راهه ۾ جوڳي جاڳايوس، ستوهوس ننڊ ۾ تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري سراهيڪڙي وسن، جر ۾ نينهن نه گڏيو سارنه سالورن مٿي ڪنول ڦلاريو bedari sindhi
جواب: مولانا عبدالڪريم قريشي ر ح ادا اوهان جي مهرباني، جو هڪ برگزيده ۽ بزرگ هستي تي اوهان مضمون ونڊيو، الله تعالي سائين ٻير وارن جي مغفرت فرمائي آمين۔ ٻڌائيندا ته هي موضوع ڪٿي ڇپيو هو جي ياد اچي ته۔ لک لائق۔
جواب: مولانا عبدالڪريم قريشي ر ح ادا اهو مضمون سنڌ جا عالم ۽ ڏاها گان ورتل آهي جيڪا مانوارا حافظ موسئ ڀٽو جي تصنيف آهي۔ ڇا اهو ڪتاب اوهان وٽ موجود آهي۔
جواب: مولانا عبدالڪريم قريشي ر ح بلڪل ادا اهو ڪتاب سائين محمد موسي ڀٽي صاحب مونکي حيدرآباد ۾ تحفو ڪيو هو پر ان کي ڏسڻ جي فرصت ڪانه ملي سگهي آهي، هينئر مون ڪتاب تي سرسري نظر وڌي واقعي ان ۾ اهو مضمون آهي، (جدي سنڌ جا عالم ۽ ڏاها، تعارفي خاڪا) ، ڪتاب جو نالو آهي۔
ادا منهنجا ڀا مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ اهو ئي سنڌ جو واحد اديب آهي جنهن قاسمي صاحب جي زندگي تي ٻه شاندار نمبر ڪڍيا عنقريب اهي ڪتابي شڪل ۾ اچي ويندا.ان کان بعد شايد مفتي صاحب پاڪستان جو واحد اسڪالر آهي جنهن مخدوم محمد حيات السنڌي جي زندگي،تصانيف تي پڻ ڪتاب لکيو اهو ڪتاب ڇپجي چڪو آهي. مفتي صاحب کي پڻ اهو اعزاز حاصل آهي جو پاڻ حضرت مولانا عبدالڪريم قريشي جي زندگي تي هڪ شريعت رسالي پاران هڪ جامع نمبر ڪڍيو جنهن بعد اهو ڪتابي شڪل ۾ آندو ويو. اها ڳالهه واضع هي ته قاسمي صاحب،شيخ محمد حيات سنڌي،مولانا عبدالڪريم جي سوانح جو پهريون محقق مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ آهي.