• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شارح شاطبيه

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
عرب ملڪن ۾ الله تعالي جي فضل سان والد صاحب جن جون خدمتون قابل تعريف آهن۔
پرديس ۾ ويهي سنڌي سڏائڻ ۽ سنڌين جون علمي خدمتون سر انجام ڏيڻ يقينن هڪ وڏو ڪارنامو آهي۔
سندن مڪمل بايوگرافي جلد ونڊ ڪندس ان شاءَ الله۔
تقريبا 40 کان مٿي ڪتاب ۽ مقالا تقريبا ساري عرب ملڪن ۾ پهچي چڪا آهن، ۽ انهن مان ڪجهه ڪتاب مڪه المڪرمه جي ام القري يونيورسٽي جي نصاب ۾ شامل آهن۔

هت هڪ مقالو ونڊيان ٿو، جيڪو مدينه منوره جي شاه فهد پرنٽنگ پريس پنهنجي پاران ڇپرايو آهي، پر آهي عربيءَ ٻوليءَ ۾، جنهن کان اهي دوست فائدو حاصل ڪري سگهندا جيڪي عربي کان واقف آهن، ۽ مونکي يقين آهي ته اسان جي ميمبرن ۾ به ۽ مهمانن ۾ ڪافي دوست آهن جيڪي عربي ٻوليءَ کان بخوبي واقف آهن۔

Uploaded with ImageShack.us

[SCRIBD]42946573&access_key=key-2d1s3tas2mdmvlvmie66&page=1&viewMode=list[/SCRIBD]
 
جواب: شارح شاطبيه

سائين بهترين علمي ڪاوش آهي الله تعالي سائين عبدالقيوم سنڌي حفظه الله جن کي صحت ۽ خدمت دين جي لا توفيق عظيم عطا فرمائي ۔
 
سائين بهترين

ادا پسند ڪرڻ جي مهرباني۔
والد صاحب جن جا ڪجهه ٻيا ڪتاب ۽ مقالا پڻ آهن، وقت سر ان شاءَ الله ونڊ ڪندو رهندس۔
 
جواب: شارح شاطبيه

السلام عليڪم دوستو!
عرب ملڪن ۾ الله تعالي جي فضل سان والد صاحب جن جون خدمتون قابل تعريف آهن۔
پرديس ۾ ويهي سنڌي سڏائڻ ۽ سنڌين جون علمي خدمتون سر انجام ڏيڻ يقينن هڪ وڏو ڪارنامو آهي۔
سندن مڪمل بايوگرافي جلد ونڊ ڪندس ان شاءَ الله۔
تقريبا 40 کان مٿي ڪتاب ۽ مقالا تقريبا ساري عرب ملڪن ۾ پهچي چڪا آهن، ۽ انهن مان ڪجهه ڪتاب مڪه المڪرمه جي ام القري يونيورسٽي جي نصاب ۾ شامل آهن۔

هت هڪ مقالو ونڊيان ٿو، جيڪو مدينه منوره جي شاه فهد پرنٽنگ پريس پنهنجي پاران ڇپرايو آهي، پر آهي عربيءَ ٻوليءَ ۾، جنهن کان اهي دوست فائدو حاصل ڪري سگهندا جيڪي عربي کان واقف آهن، ۽ مونکي يقين آهي ته اسان جي ميمبرن ۾ به ۽ مهمانن ۾ ڪافي دوست آهن جيڪي عربي ٻوليءَ کان بخوبي واقف آهن۔

ادا اوهان جي وڏي مهرباني جو اهڙي ونڊ ڪئي۔ يقينا اوهان جو والد اسان لاء وڏو سرماييو آهي۔سائين جن بابت اهڙي قيمتي ڳالهيون شئير ڪري اوهان نهايت بهترين ڪم ڪيو آهي۔ انشاء الله وقت بوقت مطالعو ڪبو۔ اوهان لکيو آهي ته ،، مونکي يقين آهي ته اسان جي ميمبرن ۾ به ۽ مهمانن ۾ ڪافي دوست آهن جيڪي عربي ٻوليءَ کان بخوبي واقف آهن،،۔ برابر ادا ميمبرن ۾ عربي ڄاڙيندڙ آهن خصوصا جيڪي سعودي رهيا پيا آهن يا رهي آيا آهن۔

و فلآخر اقول لڪ ان ترسل موضوعات آخرئ الذي ڪتٻها عمي المحترم عبدالقيوم السندي حفظه الله تعالئ و السلام عليڪم
 
جواب: شارح شاطبيه

ادا اوهان جي وڏي مهرباني جو اهڙي ونڊ ڪئي۔ يقيناً اوهان جو والد اسان لاء وڏو سرماييو آهي۔سائين جن بابت اهڙي قيمتي ڳالهيون شئير ڪري اوهان نهايت بهترين ڪم ڪيو آهي۔ انشاء الله وقت بوقت مطالعو ڪبو۔ اوهان لکيو آهي ته ،، مونکي يقين آهي ته اسان جي ميمبرن ۾ به ۽ مهمانن ۾ ڪافي دوست آهن جيڪي عربي ٻوليءَ کان بخوبي واقف آهن،،۔ برابر ادا ميمبرن ۾ عربي ڄاڙيندڙ آهن خصوصاً جيڪي سعودي رهيا پيا آهن يا رهي آيا آهن۔

و فلآخر اقول لڪ ان ترسل موضوعات آخرئ الذي ڪتٻها عمي المحترم عبدالقيوم السندي حفظه الله تعالئ و السلام عليڪم

مهرباني ادا اوهان جي۔
عرض قبول پوي ته اوهان پنهنجي تحرير جي آخر ۾ ٻه سٽون عربيءَ ۾ لکيون آهن اسان ته سمجهون ٿا پر ڪافي دوست نه ٿا سمجهن ان ڪري اوهان سنڌي ۾ لکندا ته جيئن سڀ دوست لاڀ حاصل ڪري سگهن۔
لک لائق پيارا دوست۔
 
جواب: شارح شاطبيه

ماشآء سائين تمام زبردست علمي ڪاوش آهي سنڌ سڳوري کي محبوبن جي دعا آهي ان ۾ اهڙا ڀلارا عالم ٿي گذريا آهن جيڪي پنهنجي سنڌي هجڻ تي فخر جا لائق آهن جو پاڻ هن ڀلاري ڀون ۾ جنم وٺي هتي تربيت حاصل ڪري ڀلاري سرزمين مڪي & مديني ۾ ديني خدمتون سرانجام ڏنائون جن ۾ مولانا محمد حيات سنڌي ابوالحسن سنڌي به شامل آهن هاڻوڪي موجوده دور ۾ ڪافي سنڌ جا عالم ان مقدس سرزمين تي ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ جناب ڊاڪٽر عبدالقيوم جن جي شخصيت نمايان نظر اچي ٿي سندن ڪافي ڪاوشون نظر کان گذريون آهن دعا آهي ته الله تعالي سنڌ وارن کي دين جي علم ۾ مزيد ترقي عطا فرمائي جو پاڻ هر خطي ۾ محبوب مدني تاجدار جي دين جي خدمت ۾ پيش پيش هجن الله تعالي سائين ڊاڪٽر صاحب جن جي علمي ڪاوشن کي مقبول فرمائي کين صحت و عافيت سان نوازي جو پاڻ تا دير اسان جي رهنمائي ڪندا رهن . آمين.
 
محترم مانَ وارا سائين مهرباني اوهان جي حوصله افزائي جي۔
عرض ڪندو هلان ته ابو الحسن سنڌي ڪبير تي والد صاحب جن جي سنڌ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ٿيل آهي، ۽ محمد حيات سنڌي جن جي ڪتابن مان به ڪجهه ڪتاب والد صاحب جن جي تحقيق سان ڇپجي چڪا آهن۔
منهنجي لاءِ خوشنصيبي جي ڳالهه اها آهي ته والد صاحب جن جي تقريبا ڪتابن جي ڪمپوزنگ جو ڪم الله تعالي هن عاجز کان وريو آهي، جنهن لاءِ رب سائين جي در شڪرانا۔
رب سائين اوهان کي به صحت عافيه سان پنهنجي حفظ و امانَ ۾ رکي۔ آمين۔
 
جواب: شارح شاطبيه

ادا طاهر سنڌي صاحب

ماشاالله تمام پيارو ونڊ آهي توهان جو ۽ اهو ٻڌي پڻ خوشي محسوس ٿئي ته توهان جو والد صاحب سنڌ جو سرمايو آهن
۽ اها پڻ اسان لا۽ خوشي جي ڳالهه آهي ته ان جو فرزند سنڌ سلامت فورم جو ساٿي آهي

ڌڻي در دعا آهي ته الله پاڪ سائين کي وڏي عمر ۽ صحت عطا ڪري

آمين

سدائين گڏ
 
لک لائق ادا۔
مولا اوهان کي آباد رکي۔
 
Back
Top