ڳوٺن ۾ بجلي جي آزار ڪر اڪثر کجي جي پنن جا تيار ڪيل هٿ جا پکا هر گهر ۾ ملندا آهن۔۔۔ نه صرف ايترو پر دٻڪيون ۽ ٽوڪريون به مليو وڃن جيڪي اڄ به استعمال ۾ آسان هجن ڪري استعمال ٿي رهيون آهن۔۔۔ رڳي ايترو نه پر مسجدن ۾ تڏا پڻ کجي جي پتن مان تيار ڪيل آهن۔۔۔ پر هتي مان ڪجهه تصويرون لڳائي رهيو آهيان جيڪي لڳي ٿو ڪنهن انگريز سنڌ ۾ اچي کجي جي پنن مان تيار ڪيل انهن کوڙ سارين شين کي ڏسي ۽ ان مان متاثر ٿي پنهنجي گاڏي انهن کجي جي پنن مان تيار ڪرائي ڪڍرايون آهن ۔۔۔ توهان به ڏسو ۽ ٻڌايو ته ڀلا هي گاڏي ڪيتري خوبصورت آهي۔۔۔
جواب: دنيا کي آخر کجي جي پنن جي اهميت جي خبر ته پئي۔۔۔ ~x( سائين اوهان جو لڳايل تصويون ظاهر ئي ڪان ٿيو ٿين
جواب: دنيا کي آخر کجي جي پنن جي اهميت جي خبر ته پئي۔۔۔ سائين واقعي تصويرون انٽرنيٽ اڪسپلور ، فائرفوڪس، اوپيرا ڪنهن ۾ به نظر نه ٿيون اچن!!
جواب: دنيا کي آخر کجي جي پنن جي اهميت جي خبر ته پئي۔۔۔ شايد ڪو ٽيڪنيڪل ايرر هيو ۔۔۔۔ بحرحال ترميم ڪئي وئي آهي۔۔۔
جواب: دنيا کي آخر کجي جي پنن جي اهميت جي خبر ته پئي۔۔۔ بلڪل هاڻ نظر اچن پيون. منهنجي خيال ۾ آفريڪا ۾ اهڙو هٿ جو ڪم ٿيندو آهي، وڌيڪ الله کي خبر.
جواب: دنيا کي آخر کجي جي پنن جي اهميت جي خبر ته پئي۔۔۔ جادوگر رشيد سمون جون اهڙيون شيون ڪڏهن ڪڏهن اسان کي چريو ٺاهي ڇڏينديون آهن، سنڌ ۾ اهڙا پَتِ جا ڇڙا عام جام آهن، ۽ سنڌي ڇت جي ڍڪڻ واسطي اهڙا پکا ٺاهيندا آهن، هاڻي جهوپڙي کي خوبصورت به انهن پکن سان بنايو ويندو آهي، پر انهن پَتِ جي پکن کي گاڏين جي باڊي کان وٺي گاڏين جي هُڊ تائين اهڙي خوبصورت نموني سان سجايو ويندو آهي پهريون دفعو ڏٺوسين بهرحال جادوگر جا جادو آهن جيڪي سر تي چڙهي پيا ڳالهائين۔
جواب: دنيا کي آخر کجي جي پنن جي اهميت جي خبر ته پئي۔۔۔ واھ واھ سائين تمام بهترين ڪم ٿيل آهي کجي جي پنن جو۔
جواب: دنيا کي آخر کجي جي پنن جي اهميت جي خبر ته پئي۔۔۔ اهي ۽ اهڙي قسم جا ڪم ويچاريون غريب قومون سوچينديون آهن يا وري اهڙا ماڻهون جيڪي دنيا ۾ ڪا نئين شئي ٺاهڻ چاهيندا هجن ۔۔۔ لڳي ٿو ته اهو ڪم جاوا قوم جو آهي مطلب ته اهي فارايسٽ واريون قومون پنهنجن وسائل کي مختلف طرح سان استعمال ڪري ڄاڻن ٿيون ۔۔۔ اسان سنڌين مان نين شين جي ايجاد ڪرڻ وارو مادو آهستي آهستي ختم ٿيندو وڃي ۔۔۔ پنجاب جي ڳوٺن ۾ ڪيتري ئي عرصي کان جانورن جي ڇيڙن مان گئس پئدا ڪئي وڃي ٿي ۔۔۔ ۽ تمام تيز ۽ سٺي گئس ٿئي ٿي ۔۔۔ پر سنڌ ۾ جڏهن ته مال به گهڻو ۽ مال جو گند به گهڻو ٿيندو هو پر اڄ تائين مونکي ڪنهن به ڳوٺ ۾ اهڙي قسم جو ڪو به ڪم ٿيندي نظر نه آيو آهي ۔۔۔ سنڌي قوم جي غلامي جا ڪارڻ جيترا ٻاهريان آهن انکان ڪجهه وڌيڪ اندروني به آهن ۔۔۔ انڪري اسانکي پنهنجي قوم جي اڳتي وڌڻ ۽ دنيا سان مقابلي ڪرڻ واري حس کي وڌائڻو پوندو، ٻي صورت ۾ الله واهي آهي ۔۔۔ اوهان چوندا ته نثار ابڙي کي ڪو به موضوع ملي ته انکي ڦيرائي سنڌ جي غلامي تي آڻيندو آهي ۔۔۔ ڀلا ڇا ڪجي ۔۔۔ اوهان ئي ٻڌايو؟ دنيا جي ترقي ۽ انجي ماڻهن جون پرڪشش ايجادات ڏسي پنهنجي قوم ته ياد ايندي نه ۔۔۔ اها فطري ڳالهه آهي ته جڏهن ڪو ماڻهون ٻئي جي گهر ۾ ڪا سٺي ۽ ڪارائتي شئي ڏسندو آهي ته پنهنجي گهر لئه ضرور سوچيندو آهي ۔۔۔ سو دوستو! معاف ڪجو آ پنهنجي فطرت کان مجبور آهيان ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: دنيا کي آخر کجي جي پنن جي اهميت جي خبر ته پئي۔۔۔ سائين توهان بلڪل صحيح پيا چئو ماڻهن کي ڇڏي ڏيو بهرحال جيڪڏهن انهي ڳالهه تي وري بحث ڪنداسين ته ڳالهه وڄي الائي ڪاٿي پهچندي بهرحال رشيد جي شيئرنگ ۾ دم آهي بهترين شيئرنگ آهي توهان جي ادا سدائين گڏ