اڄ نيٽ گردي ڪندي ڪندي ڪجهه تصويرون نظر مان گذريون۔۔۔۔ دنيا ۾ قدرت جي سجايل انهن خوبصورت نظارن ۾ ايترو ته گُم ٿي ويم جو هڪ سوچ ذهن ۾ آئي ته جيڪڏهن هي ڌرتي آهي ته اي منهنجا مالڪ جنت ڪيئن هوندي۔۔۔؟ هن ڌاڳي جي شروعات ڪندي دوستن کي دعوت ٿو ڏيان ته هن موضوع ۾ جواب ڏيڻ وقت هن ڌرتي جي ڪنهن اهڙي حقيقي خوبصورت تصويري نظاري کي ضرور منسلڪ ڪن جن کي ڏسي دل مشڪل سان مڃي ته خونريزين ۽ تباهين ۽ بربادين ۾ وڪڙيل هي اها ساڳي ڌرتي آهي۔۔۔! سڀ کان پهريان شروعات مان پنهنجي طرفان ڪندس۔۔۔ جرمني ۾ موجود هڪ خوبصورت پهاڙ جيڏي عمارت ۔۔۔ بادلن ۾خوبصورت نظارو هن ڌرتي ئي پهاڙن تي مشتمل هي نظارو ڏسو ۔۔۔۔ قدرت پنهنجا نشان بلڪل واضح رکيا آهن
جواب: ڇا دنيا واقعي به خوبصورت آهي۔۔۔؟ سائين هت به تصويرون نظر نه ٿيون اچن، ٿي سگهي ٿو اهو مسئلو نيٽ ۾ سڀ سان هجي.
جواب: ڇا دنيا واقعي به خوبصورت آهي۔۔۔؟ دنيا ڪيتري خوبصورت آهي، انجو اندازو ڪرڻ ته مشڪل آهي پر جڏهن منهنجي اندر ۾ سڪون ۽ طبيعت عاشقانه هوندي آهي ته سامهون وڻ تي ويٺل بلبل به سهڻي لڳندي آهي، گل جي پتي تي ويٺل ننڍڙو رنگبرنگي ڪوريئڙو به سهڻو لڳندو آهي، پر جڏهن طبيعت ۾ بيچيني ۽ من ۾ مونجهارا هوندا آهن ته چنڊ به زهر لڳندو آهي ۔۔۔ خئير اهي ته اندر جون ڳالهيون آهن ۔۔ پر حقيقت ۾ ڪائنات انسان جي سوچ کان تمام گهڻي سهڻي آهي ۔۔۔
جواب: ڇا دنيا واقعي به خوبصورت آهي۔۔۔؟ سبحان الله سائين ابڙا صاحب اوهان جي ونڊيل تصوير به قدرت جو ڪرشمو آهي۔