TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
محبوب سان دل منهنجي بيعت ڪئي.
ٻي سان دل جو هٿ نه ملائيندس.
مون کي مرسل جي آ ثنا جو قسم.
سدا مدح محمد ڳائيندس.
جنهن کي مالڪ عرش گهرايو هو،
جنهن جو عرش مٿان پيو سايو هو،
چيو مولا توکي گهرايو اٿم،
اڳي پوءِ نه تنهنجي گهرائيندس.
جهڙو صورت ۾ تهڙو سيرت ۾،
جهڙو حڪمت حلم بصيرت ۾،
اهڙو ڪونه ٿيو نه ڪي ٿيڻو آ،
نه ڪو اهڙو ڪنهن کي ڀائيندس.
جيڪو نبين جو آ امام ٿيو،
جنهن جو قرب ڪرم آهي عام ٿيو،
تنهن جي فيض کي ڪيئن وساريندس،
تنهن جي ڪرم کي ڪيئن ڀلائيندس.
نبيءَ ڏسڻ جي لئه مشتاق سندس،
۽ ولي ٿيا عشاق سندس،
ساري امت پئي سر گهور ڪري،
مان ڀي گهوري گهوري گهمائيندس.
نه ڪو شمس قمر نه ستارن ۾،
نه ئي گل ٿو لڀي گلزارن ۾،
ڳولي ڳولي سمورو جهان ٿڪيو،
پوءِ مان ڪيئن اهڙو لڀائيندس.
اچي احمد عربي تصور ۾،
۽ دل جو خيال سندس گهر ۾،
محبوب جي منزل دل ۾ ڪري،
مان ساه جي سيج وڇائيندس.
سارو جڳ جنهين لئه پياسي آ،
”چانڊيو عبد“ تنهين لئه اداسي آ،
ملي موڪلي مون کي مديني وڃي،
مان ڀي ورد درود ٻڌائيندس
ٻي سان دل جو هٿ نه ملائيندس.
مون کي مرسل جي آ ثنا جو قسم.
سدا مدح محمد ڳائيندس.
جنهن کي مالڪ عرش گهرايو هو،
جنهن جو عرش مٿان پيو سايو هو،
چيو مولا توکي گهرايو اٿم،
اڳي پوءِ نه تنهنجي گهرائيندس.
جهڙو صورت ۾ تهڙو سيرت ۾،
جهڙو حڪمت حلم بصيرت ۾،
اهڙو ڪونه ٿيو نه ڪي ٿيڻو آ،
نه ڪو اهڙو ڪنهن کي ڀائيندس.
جيڪو نبين جو آ امام ٿيو،
جنهن جو قرب ڪرم آهي عام ٿيو،
تنهن جي فيض کي ڪيئن وساريندس،
تنهن جي ڪرم کي ڪيئن ڀلائيندس.
نبيءَ ڏسڻ جي لئه مشتاق سندس،
۽ ولي ٿيا عشاق سندس،
ساري امت پئي سر گهور ڪري،
مان ڀي گهوري گهوري گهمائيندس.
نه ڪو شمس قمر نه ستارن ۾،
نه ئي گل ٿو لڀي گلزارن ۾،
ڳولي ڳولي سمورو جهان ٿڪيو،
پوءِ مان ڪيئن اهڙو لڀائيندس.
اچي احمد عربي تصور ۾،
۽ دل جو خيال سندس گهر ۾،
محبوب جي منزل دل ۾ ڪري،
مان ساه جي سيج وڇائيندس.
سارو جڳ جنهين لئه پياسي آ،
”چانڊيو عبد“ تنهين لئه اداسي آ،
ملي موڪلي مون کي مديني وڃي،
مان ڀي ورد درود ٻڌائيندس
مرحوم مولانا عبد چانڊيو