• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مناجات، عبد الحفيظ الرو

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
تنهنجو رحم کپي احسان کپي منهنجا پرور پاڪ پيارا.
اسين آهيون خطائن وارا، تون ڪر پنهنجو فضل عطا.


هڪ ئي سچو الله تون آهين ٻيو ڪو ناهي،
& ٻانها اسان تنهنجا سارا، منهنجا پرور پاڪ پيارا.


غفلت منجهه گذاريو ٿا پيا، گهاريون ٿا پيا،
سڀ سانوڻ & سڀ سيارا، منهنجا پرور پاڪ پيارا.


راهه سڌي تي ڪون هلون ٿا، حق به ٻڌون ٿا،
هي قلب ويا ٿي ڪارا، منهنجا پرور پاڪ پيارا.


ڪنهن کي ڪو احساس نه ٿي ٿو قياس نه ٿي ٿو،
هت ظلم ستم جا انڌارا، منهنجا پرور پاڪ پيارا.


ڏوهه اسان جا ڪيڏا آهن ايڏا آهن،
هن اڀ ۾ جيڏا ستارا، منهنجا پرور پاڪ پيارا.


ڪر تون قبول اسان جون دعائون، ٻڌ تون صدائون،
سنسار سڄي کان نيارا، منهنجا پرور پاڪ پيارا.


ڳالهه ٻڌي هي ساهه سڪي ٿو، بدن ڏڪي ٿو،
ٿو دوزخ کائي اٻارا، منهنجا پرور پاڪ پيارا.


”الرو حفيظ“ ٿو ڳوڙها هاري توکي ساري،
پائي پنهنجي ڳچيءَ ۾ ڳارا، منهنجا پرور پاڪ پيارا.


عبد الحفيظ الرو
 
Back
Top