هڪ حجم جي دڪان تي جڏهن ننڍو ٻار داخل ٿيو ته حجم پنهنجي اڳ ئي موجود گراهڪ کي چيو ۔۔ ”هي ڏس دنيا جو بيوقوف ترين ڇوڪرو۔۔۔! مان کيس ثابت ڪري سگهان ٿو۔۔۔“
هن ڇوڪر کي سڏيندي هڪ هٿ تي 5 روپين وارو سڪو رکيو ۽ ٻئي هٿ تي روپئي روپئي جا ٻه سڪا رکندي سندس سامهون ڪندي چيو۔۔۔ ”پٽ ڪهڙو کڻندي۔۔۔۔؟“
ٻار روپئي روپئي وارا ٻه سڪا کنيا ۽ ٻاهر نڪري ويو۔۔۔۔ حجم جي چهري تي مرڪ آئي ۽ چيائين ۔۔۔ ”ڏٺئي ڪيڏو نه بيوقوف ڇوڪرو آهي۔۔۔ مون توکي ٻڌايو نه۔۔۔؟“
ڪجهه دير ۾ گراهڪ فارغ ٿي ٻاهر نڪتو ته ساڳيو ڇوڪرو ٻاهر کيس آئس ڪريم کائيندي نظر آيو۔۔۔ همراه اڳتي وڌيو ۽ ڇوڪر کان پڇيو۔۔۔ ”پٽ ڳالهه ته ٻڌا۔۔! تو 5 روپين وارو سڪو ڇڏي روپئي روپئي وارا ٻه سڪا ڇو کنيا۔۔۔؟“
ڇوڪر آئيس ڪريم کائيند چيو۔۔۔ ”جيڪڏهن مان 5 روپين وارو سڪو کڻان هان ته حجم وري ڪڏهن به مون کي گهرائي ائين پئسا نه ڏئي ها۔۔۔ هاڻي هو وري ڪنهن ٻئي ماڻهون اڳيان مون کي دنيا جو بيوقوف ترين ٻار ثابت ڪندو۔۔۔“
سبق؛ جڏهن توهان ڪنهن ٻئي کي بيوقوف سمجهندا آهيو ۔۔۔ تڏهن دراصل توهان پنهنجو پاڻ کي بيوقوف بڻائيندا آهيو۔۔۔