TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
قرآن سان رک تون ياري
ته توکي ڏئي دلداري
قرآن کان منهن نه مٽ تون
شيطان جي ياري سٽ تون
ته پاس ٿئين جهٽ پٽ تون
& راهه ملئي راهه داري
قرآن جو رک ته ادب تون
ڪر دل سان انهيءَ جي طلب تون
شب روز سنڀالج رب تون
ڪم ڪين اچئي ڪم ڪاري
قرآن جي هر هڪ آيت
جنهن ۾ آهي ڪمال نهايت
پڙهي جيڪو مليس ولايت
پيءُ ماءُ لئه تاج بهاري
”چانڊيو“ سچ ٿو چوي رب ڄاڻي
قرآن ٿو بهشت اماڻي
ٿيندي روشن قبر سڀاڻي
جن ڪئي آ خدمت گاري
ته توکي ڏئي دلداري
قرآن کان منهن نه مٽ تون
شيطان جي ياري سٽ تون
ته پاس ٿئين جهٽ پٽ تون
& راهه ملئي راهه داري
قرآن جو رک ته ادب تون
ڪر دل سان انهيءَ جي طلب تون
شب روز سنڀالج رب تون
ڪم ڪين اچئي ڪم ڪاري
قرآن جي هر هڪ آيت
جنهن ۾ آهي ڪمال نهايت
پڙهي جيڪو مليس ولايت
پيءُ ماءُ لئه تاج بهاري
”چانڊيو“ سچ ٿو چوي رب ڄاڻي
قرآن ٿو بهشت اماڻي
ٿيندي روشن قبر سڀاڻي
جن ڪئي آ خدمت گاري
مولانا عبد چانڊيو