مينهن وسي ٿو قطرا قطرا، ڍنڍون ڍورا بخرا بخرا، اُستاد بخاري

'استاد بخاري' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏18 نومبر 2010۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    ڏيل ڏسڻ سان ڏڪڻي ورتئه، آمر اندر اڳتي آهي،
    واچوڙي ۾ هوش ڦري ويئه، اڻ جھل اوٿر اڳتي آهي.

    مينهن وسي ٿو قطرا قطرا، ڍنڍون ڍورا بخرا بخرا،
    منڇر کي ٿو ماپين بيٺو، سنڌو، ساگر اڳتي آهي.

    ٿوري اڀڪڀريءَ تي چڙهندي اڀساهي ٿي پئي آ توکي،
    پڌري پٽ تي ٿيڙ ٿو کائين، اوجھڙ اوڪر اڳتي آهي.

    دوزخ ڇا تخريب ته آهي جنت پئي تعمير ٿئي،
    آدم خود يزدان ٿئي پيو اعلى اوسر اڳتي آهي.

    هو مندر تي موهت ٿي پيو هي مسجد وٽ رڪجي بيٺو،
    وڌندو هل استاد بخاري، دلبر جو در اڳتي آهي.


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو