• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آخرت جي تياري2، مولانا عبد چانڊيو

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
بندا ڪر دنيا ۾ تياري قبر جي، تياري قبر جي۔
سجهي ٿي اڳيان رات ڪاري قبر جي، ڪاري قبر جي۔

صبح شام سڏڙا ٻڌين ڪونه ٻوڙا،
اچي نيٺ بيهندا تنهنجي در تي گهوڙا،
سڏي توکي بيٺي سواري قبر جي، سواري قبر جي۔

مائٽ مٽ مٽيءَ ۾ توکي ڪم نه ايندا،
لٽي پاڻ پنهنجي هٿن ساڻ ايندا،
ورائي مٿان تنهنجي واري قبر جي، واري قبر جي۔

پَوَئي هيانءُ ڦاٽي ڏسين جي اکين سان،
پڪارون ۽ ڪڙڪا ٻڌين جي ڪنن سان،
لهين جي تون سُڌ سار ساري قبر، ساري قبر جي۔

نه ٿي خوش دنيا ۾ ڪندين ڪيئن قبر ۾،
سدائين رهي ٿي اها ئي اندر ۾،
آهي ”عبد“ اُڻ تُڻ انڌاري قبر ۾، انڌاري قبر ۾۔

مولانا عبد چانڊيو
 
جواب: آخرت جي تياري2، مولانا عبد چانڊيو

بندا ڪر دنيا ۾ تياري قبر جي، تياري قبر جي۔
سجهي ٿي اڳيان رات ڪاري قبر جي، ڪاري قبر جي۔

واھ ادا اهڙي نفسا نفسي جي دور ۾ ڪير به قبر کي ياد ڪان ٿوڪري۔

ادا بهترين شاعري
 
بلڪل ادا اسان کي پنهنجي آخرت سجهي ئي نه ٿي، ٻوڏ کان پوءِ ته انسان اڳ کان به اڳرو ٿو لڳي، الله جي پناه۔

ادا سائين عبد چانڊيو هڪ بهترين سنڌي شاعر گذريو آهي، الله تعالي سندن مغفرت فرمائي۔ آمين۔
 
جواب: آخرت جي تياري2، مولانا عبد چانڊيو

بندا ڪر دنيا ۾ تياري قبر جي، تياري قبر جي۔
سجهي ٿي اڳيان رات ڪاري قبر جي، ڪاري قبر جي۔

صبح شام سڏڙا ٻڌين ڪونه ٻوڙا،
اچي نيٺ بيهندا تنهنجي در تي گهوڙا،
سڏي توکي بيٺي سواري قبر جي، سواري قبر جي۔

مائٽ مٽ مٽيءَ ۾ توکي ڪم نه ايندا،
لٽي پاڻ پنهنجي هٿن ساڻ ايندا،
ورائي مٿان تنهنجي واري قبر جي، واري قبر جي۔

پَوَئي هيانءُ ڦاٽي ڏسين جي اکين سان،
پڪارون ۽ ڪڙڪا ٻڌين جي ڪنن سان،
لهين جي تون سُڌ سار ساري قبر، ساري قبر جي۔

نه ٿي خوش دنيا ۾ ڪندين ڪيئن قبر ۾،
سدائين رهي ٿي اها ئي اندر ۾،
آهي ”عبد“ اُڻ تُڻ انڌاري قبر ۾، انڌاري قبر ۾۔

مولانا عبد چانڊيو

الله تعالئ کان دعا آهي ته سڀنن مسلمانن جي عاقبت درست فرماء ۽ اسان کان اهي ڪم ڪرائي جنهن سا هو راضي ٿئي۔ آمين يا رب العالمين
 
Back
Top