TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
مان گهور ٿيان، سر صدقي ڪيان، تنهنجي بيهڪ تنهنجي نظارن تي۔
اي پاڪ حرم رحمت ٿي وسي تنهنجي اوچي اوچي منارن جي۔
هي شهر امن جو آهي، ڀلو اقراءَ جو هتي آغاز ٿيو،
صدين کان وٺي خوشبو ٿي وسي پئي ثور حرا جي غارن تي۔
هت ڄايو نبي جو ڄام بڻيو هت چنڊ جبل جي سام بڻيو،
مزدلفه مني عرفات عجب ڪن مهر پيا سڪ وارن تي۔
ٿيو بلد امين خليلي دعا هت بيت عتيق شفيق به آ،
تنعيم جي مسجد شاهد آ، آ عائشه اُتم هزارن تي۔
صديق جو گهر فاروق جو گهر عثمان علي جو پاڪ شهر،
احساس اجاگر اهڙا ٿيا، ٿيا شوق سوين شهڪارن تي۔
ڪعبي جو غسل اڄ مون به ڏٺو ڄڻ کير چکيم ماکيءَ کان مٺو،
ذوالحج جي پهرين ڏينهن ڏٺي دل گهور گهڙين ۽ وارن تي۔
امداد به دوست رفيق به آ ۽ مرسل دين شفيق به آ،
آ دين هتي دنيا به هتي ٿيا قرب الاهي قرارن تي۔
مان آهيان ”بروهي جوهر“ پر رب مهر ڪري هي پسايا در،
مان گهوريا ميهڙ ۽ ملڪ سڄو هن شهر جي در ديوارن تي۔

جوهر بروهي