• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪيوبا، سيد رفيق امروٽي

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
ڪيوبا جا قيدي سلامت هجو۔
سلامت به تائين قيامت هجو۔
دل سان اوهان کي اسان دعائون ڪيون ٿا۔


تازا تازا گهاوَ سهو ٿا،
اعلي ڪردارن تان نه لهو ٿا،
ڪافر کي ڏيندا ندامت هجو۔


سور سهڻ جو ڏانءُ سکو ٿا،
پنهنجي هڪ تاريخ لکو ٿا،
جرئت جي پختي علامت هجو۔


دين خدا ڪان قيدي ٿيا هو،
ماکيءَ مصريءَ جهڙا مٺا هو،
پوين ڪان پهرين قيادت هجو۔


جيڏا اوهان کي زخم لڳن ٿا،
تيڏا اوهان جا رتبا وڌن ٿا،
بڇڙن ڪان بڻبا بغاوت هجو۔


جذبا اوهان جا سهڻا سارا،
آهيو ”رفيق“ خدا جا پيارا،
روحن ۾ لهندا ئي راحت هجو۔


سيد رفيق امروٽي
 
Back
Top