• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ساري سٿ سان ڪٺو ڪربلا ۾ حسين، سيد رفيق امروٽي

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
اي مجاهد ارادن کي مضبوط رک۔
دل شڪستو نه ٿي ظاهري هار تي۔
جيت ڏي هار ڏي آهي رب جي رضا۔
دين خاطر چڙهي تون چڪين دار تي۔

تنهنجي نيت سچي تنهنجي همت سچي،
تنهنجا جذبا سچا تنهنجي غيرت سچي،
سون جهڙا کرا تنهنجا ولولا،
تو مهاڏو اڏيو ڪفر سان برملا،
ساهه کان وڌ رکين ٿو تون اسلام کي،
پوءِ وجهين ٿو نظر پنهنجي گهر ٻار تي۔

تون وڌي وئين اڳي هر جبل جهاڳندو،
موٽ تي رت سان پربت وئين ڌوئندو،
تو ته سر ڌڙ جي بازي لڳائي ڇڏي،
تو اصولن جي دنيا سجائي ڇڏي،
تنهنجي جرت جا اعلان ڪن ٿا پهاڙ،
مر چڙهڻ تو ڏني ناهي تلوار تي۔

تو شهيدن جون ڪيئي قطارون ڏنيون،
تن کي جنت ۾ مالڪ بهارون ڏنيون،
تون بچي وئين ته توکي ٿا غازي سڏيون،
توکي تنها رهڻ ڪو نه ٿا مَنَ ڇڏيون،
حڪم ڪر حڪم تنهنجي جو جڳ منتظر،
سر ڏبو دين تي پنهنجي اقرار تي۔

هيکلو جڳ ڏنو ڪربلا ۾ حسين،
ساري سٿ سان ڪٺو ڪربلا ۾ حسين،
پوءِ به هر وات تي سوڀ وارو حسين،
ڳالهه ڳڻجي پئي آ ڀلارو حسين،
هاڪ تنهنجي به هلندي پئي ڏيههَ ۾،
ڪفر ڪنبدو پيو تنهنجي ايثار تي۔

ڪفر ٻاري ڇڏي باهه ناهي ٺري،
جنگ آ جوٽڻي توکي ان سان وري،
ڀر جهلا تنهنجا آهن اڃا ڪيترا،
لِکُ پني تي لِکَڻ وارا لِکُ جيترا،
سڀني ملڪن ۾ تنهنجا رهن ٿا ”رفيق“،
اک رکي آ ڇڏي تن خطا ڪار تي۔

سيد رفيق امروٽي
 
جواب: ساري سٿ سان ڪٺو ڪربلا ۾ حسين، سيد رفيق امروٽي

هيکلو جڳ ڏنو ڪربلا ۾ حسين،
ساري سٿ سان ڪٺو ڪربلا ۾ حسين،
پوءِ به هر وات تي سوڀ وارو حسين،
ڳالهه ڳڻجي پئي آ ڀلارو حسين،
هاڪ تنهنجي به هلندي پئي ڏيههَ ۾،
ڪفر ڪنبدو پيو تنهنجي ايثار تي۔

جزاڪ الله
 
واياڪ ادا اوهان جي مهرباني۔
يقينن امام انقلاب سيدنا الحسين جن جي قرباني هڪ عظيم قرباني هئي، جيڪا حق سچ تي هئي۔
 
جواب: ساري سٿ سان ڪٺو ڪربلا ۾ حسين، سيد رفيق امروٽي

اي مجاهد ارادن کي مضبوط رک۔
دل شڪستو نه ٿي ظاهري هار تي۔
جيت ڏي هار ڏي آهي رب جي رضا۔
دين خاطر چڙهي تون چڪين دار تي۔

تنهنجي نيت سچي تنهنجي همت سچي،
تنهنجا جذبا سچا تنهنجي غيرت سچي،
سون جهڙا کرا تنهنجا ولولا،
تو مهاڏو اڏيو ڪفر سان برملا،
ساهه کان وڌ رکين ٿو تون اسلام کي،
پوءِ وجهين ٿو نظر پنهنجي گهر ٻار تي۔

تون وڌي وئين اڳي هر جبل جهاڳندو،
موٽ تي رت سان پربت وئين ڌوئندو،
تو ته سر ڌڙ جي بازي لڳائي ڇڏي،
تو اصولن جي دنيا سجائي ڇڏي،
تنهنجي جرت جا اعلان ڪن ٿا پهاڙ،
مر چڙهڻ تو ڏني ناهي تلوار تي۔

تو شهيدن جون ڪيئي قطارون ڏنيون،
تن کي جنت ۾ مالڪ بهارون ڏنيون،
تون بچي وئين ته توکي ٿا غازي سڏيون،
توکي تنها رهڻ ڪو نه ٿا مَنَ ڇڏيون،
حڪم ڪر حڪم تنهنجي جو جڳ منتظر،
سر ڏبو دين تي پنهنجي اقرار تي۔

هيکلو جڳ ڏنو ڪربلا ۾ حسين،
ساري سٿ سان ڪٺو ڪربلا ۾ حسين،
پوءِ به هر وات تي سوڀ وارو حسين،
ڳالهه ڳڻجي پئي آ ڀلارو حسين،

هاڪ تنهنجي به هلندي پئي ڏيههَ ۾،
ڪفر ڪنبدو پيو تنهنجي ايثار تي۔

ڪفر ٻاري ڇڏي باهه ناهي ٺري،
جنگ آ جوٽڻي توکي ان سان وري،
ڀر جهلا تنهنجا آهن اڃا ڪيترا،
لِکُ پني تي لِکَڻ وارا لِکُ جيترا،
سڀني ملڪن ۾ تنهنجا رهن ٿا ”رفيق“،
اک رکي آ ڇڏي تن خطا ڪار تي۔

سيد رفيق امروٽي

ادا طاهر! بيشڪ دين جي راهه ۾ جاکوڙ ۽ قربانيءَ جي ضرورت آهي،
دينِ اسلام کي اڄ وري ٻي ڪربلا جي ضرورت اچي پئي آهي۔۔۔ اڄ وري يزيديت ڪُر کڻي رهي آهي۔۔ مولا حسين عليه السلام ۽ سندن جانثارن جو جذبو الله تعالى هر ڪلماگو کي عطا فرمائي۔۔ الاهي آمين​
 
جواب: ساري سٿ سان ڪٺو ڪربلا ۾ حسين، سيد رفيق امروٽي

ادا طاهر! بيشڪ دين جي راهه ۾ جاکوڙ ۽ قربانيءَ جي ضرورت آهي،
دينِ اسلام کي اڄ وري ٻي ڪربلا جي ضرورت اچي پئي آهي۔۔۔ اڄ وري يزيديت ڪُر کڻي رهي آهي۔۔ مولا حسين عليه السلام ۽ سندن جانثارن جو جذبو الله تعالى هر ڪلماگو کي عطا فرمائي۔۔ الاهي آمين​

حسين تنهنجو به آ
حسين منهنجو به آ
 
جواب: ساري سٿ سان ڪٺو ڪربلا ۾ حسين، سيد رفيق امروٽي

حسين تنهنجو به آ
حسين منهنجو به آ

بيشڪ ادا۔۔۔ حسين مولا ۔۔ ساري انسانيت جو رهبر آهي۔۔
حسينيت جي پيغام سمجهڻ‌ لاءِ مذهب جي قيد نه آهي، پر جيڪو مولا حسين جي پيغام کي سمجهندو اهو پاڻ ئي دينِ اسلام ڏانهن ڇڪجي ايندو۔۔​
 
جواب: ساري سٿ سان ڪٺو ڪربلا ۾ حسين، سيد رفيق امروٽي

بيشڪ ادا۔۔۔ حسين مولا ۔۔ ساري انسانيت جو رهبر آهي۔۔
حسينيت جي پيغام سمجهڻ‌ لاءِ مذهب جي قيد نه آهي، پر جيڪو مولا حسين جي پيغام کي سمجهندو اهو پاڻ ئي دينِ اسلام ڏانهن ڇڪجي ايندو۔۔​

ڪنهن ڪنهن ماڻوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.
ادا مست اوهان انهن منجهان آهيو
 
Back
Top