• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏاڍا تنهنجو ڏاڍ، سيد رفيق امروٽي

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
ڏاڍا تنهنجو سڄو ڏاڍ هتي رهجي ويندو۔
هتي رهجي ويندو توکي ڪم نه ايندو۔

ڪرين ظلم زوري ڪرائين ٿو چوري،
غريبن کي ڏين ٿو جڏا جيءَ جهوري،

ڏئي ڪنهن کي ٽيڪر ٿو ماڻهو وڙهائين،
رڳو ڏاڍ تي ٿو ٻَڌائين ڇڏائين،

عدالت به تنهنجي عجب جهڙي آهي،
مِلن توکي ڏوڪڙ عدل ٿيندو ڇاهي،

ڪُٽي ڪنهن جي ڪياڙي وڍي ڪنهن جي کاڏي،
غريبن جي رت سان هلائين ٿو گاڏي،

اها تنهنجي خاني نوابي نڀاڳي،
اها تنهنجي پيري اميري به ساڳي،

خدا جي سڄي خلق کي ٿو تپائين،
اجايو ٿو ماڻهن سان ايڏو اچائين،

مري نيٺ حاضر خدا آڏو ٿيندين،
حساب اڳتي سارو خدا کي تون ڏيندين،

”رفيق“ اڳتي تنهنجو نه ڪوئي به ٿيندو،
چڱو ٿيندين تنهنجو عمل ساٿ ڏيندو۔


سيد رفيق امروٽي
 
Back
Top