• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماه رمضان جو شان، سراج جمالي

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
عجيب آ هي يارو رمضان پيارو،
ساري عمر اجائي آهي پنهنجي وڃائي،
وري واه جو وريو ٿي وارو۔


ٽيهه ڏهاڙا رحمت وارا،
رب ڪئي آ ڀلائي ڪري وٺ ڪا ڪمائي،
متان وقت وڃائين سوڀارو۔


ڀاڳ بڻايو روزا رکايو،
پنهنجو پاڻ وڻايو مٺي رب کي ريجهايو،
رکي روزا مهينو سارو۔


نفل سراسر فرض برابر،
جنهن ۾ فرض وڌي ويو سٺو ستر کان ٿي ويو،
اهڙو مان ڀريو آ ڀلارو۔


پهريان ڏينهڙا رحم جا مينهڙا،
وچ بخش ڀريل ائين آهي چيل،
ناهي آخر جو ڪو ڪنارو۔


موڪليا مالڪ مَلَڪَ مُقَرب،
جنهن پاڻ جاڳايو تنهن سان هٿڙو ملايو،
پڙهو پوءِ سلام نيارو۔


جنهن جو بدلو درشن رب جو،
آهي مولا جو مهمان جنهن جو هر هڪ آن،
آهي جنت جو ته نظارو۔


سوچ ”جمالي“ رهجان نه خالي،
ڇڏ پاڻ پنهنجو تون پلي وري ملي يا نه ملي،
لاهه من جو ”سراج“ مونجهارو


سراج جمالي
 
Back
Top