• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وري آيو رمضان، مرحوم نثار بزمي

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
وري مومنو آيو رمضان آهي۔
خدا جو اسان تي هي احسان آهي۔


مهينن سڀن جو هي سردار آهي،
سڄي سال جي ڳل جو ڄڻ هار آهي،
بلا شڪ هي هر دل جو ارمان آهي۔


اٿو ننڊ مان پاڻ ٻيا پڻ جڳايو،
گهڻن تائين آواز پنهنجو پڄايو،
منبر تان به اڀريو هي اعلان آهي۔


ٿيو بند شيطان جنهن جي اچڻ سان،
ٿئي صاف سينو ٿو روزي رکڻ سان،
اهو ئي اسان لاءِ عرفان آهي۔


اچو مسلمانو خوشيون ڪي ملهايون،
ڀلاري مهيني جا ڳڻ ويهي ڳايون،
ڪري مهر آيو جو مهمان آهي۔


بلا شڪ اسان جا ڀلا ڀاڳ آهن،
اهي رب جا ٿورا ڪي لاهڻ جا ناهن،
مسلمان جو مولا ڪيو شان آهي۔


هي رحمت جا روزا متان ڪي گسايو،
اها واٽ ٻين کي به ويهي ٻڌايو،
ٻڌي ڪين جيڪو سو حيوان آهي۔


ڪري ٿو هدايت مديني جو والي،
وڃي فرض کان جيئن ڏهاڙو نه خالي،
خدا جو به ٿيل ”بزمي“ فرمان آهي۔

مرحوم نثار بزمي
 
جواب: وري آيو رمضان، مرحوم نثار بزمي

ڇا ڪجي ڳاله ماه رمضان جي ادا ڏاڌو سٺو ڪم پيا ڪيو ۔ هاڻ رمضان گذريو آهي وري اوهان جي و نڊ ياد ڪرائي ڇڏي۔
 
جواب: وري آيو رمضان، مرحوم نثار بزمي

رمضان برڪتن جو مهينو آهي۔۔۔۔اوهانجي ونڊ رمضان واقعي ۾ ياد ڏياري ڇڏيو۔۔۔۔شل ٻيهر رمضان تائين زندگي ساٿ ڏئي۔۔۔۔
 
Back
Top