هڪ ڏينهن گندو بندر جي چرين جي اسپتال جي ٻن چرين نالي جانڻ ۽ ولڻ کي سنڌو درياهه تي گهمڻ جي اجازت ملي، سو ٻئي ڏاڍي خوشيءَ وچان درياهه جي ڪناري گهمي رهيا هئا ته اچانڪ ولڻ درياهه ۾ ٽپو ڏنو ۽ پاڻيءَ ۾ هيٺ هليو ويو ... جانڻ نه ڪئي هم نه تم، ٽپو ڏئي وڃي ولڻ کي درياهه مان ڪڍي آيو ... ماڻهن اها ڳالهه وڃي اسپتال جي وڏي ڊاڪٽر کي ٻڌائي ته جانڻ ته تمام سياڻو ۽ بهادر انسان آهي ... سو ٻي ڏينهن تي چرين جي اسپتال جو ڊاڪٽر جانڻ سان ملڻ آيو ۽ کيس چيائين ته؛ ”جانڻ! تنهنجي لاءِ ٻه خبرون آهن، هڪ سٺي ۽ هڪ خراب خبر آهي، سٺي خبر اها ته توکي تنهنجي بهادري ۽ سياڻپ جي انعام ۾ اهو سمجهي ته هاڻ تون چريو ناهين، اسپتال مان فارغ ڪيو ٿو وڃي، خراب خبر اها ته جنهن چريي ولڻ کي تو درياهه ۾ ٻڏڻ کان بچايو هو تنهن پاڻ کي وڻ سان ٽنگي خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ مريو ويو .... جانڻ آرام سان سڀ ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ چيو ته؛ ” نه سائين ڪير ٿو چوي ته ولڻ خودڪشي ڪئي آهي، اهو ته مون کيس سڪائڻ خاطر وڻ تي لٽڪائي ڇڏيو هو ...“ ________________________________________
جواب: ٻه چريا ... هاهاهاهاهاها،،،،،،،،،،،،جانڻ تي کلڻ به اچي ٿو ته روئن به....هاڻي جانڻ ويچاري جي قسمت تي روئجي ته بهتر آهي.
جواب: ٻه چريا ... نه ابا عاشق! جانڻ جي هن ٻاهر واري دنيا کان جان چٽي پئي ۔۔۔ اڄڪلهه سنڌ ۾ اهڙي حالت آهي جو ماڻهون يا اسپتال ۾ هجي يا ريل ۾ هجي يا جيل ۾ ته ڀلو ۔۔۔ خئير اسانجي اڱڻ تي ته ڪو چريو ناهي نه؟ خيال ڪجي؟ ائين نه ته پاڻ کي به ٽنگي سڪائي ۔۔۔ ؟ الله جا لک شڪر جو اسانجي اوطاق ته مولائي، موالي، مست ۽ درويش يار ته آهن ڪو چريو اڃان ناهي ۔۔۔ پر جي هجي ته به اسانکي ڪهڙي خبر ۔۔؟ الله خئير ڪندو ۔۔۔۔
جواب: ٻه چريا ... سائين نثار ابڙا صاحب تمام لاڀائتي شيئرنگ آهي توهان جي اهڙي شيئرنگ جاري رکجو سدائين گڏ